سوراگ لاڻي

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سورراگ لاڻي
    پنجابي لانا
    سنڌي لاڻو لا ڻي
    بلوچستان رجٽ ،رجيٽ رگيٽ
    انگريزي
    لاطيني Suaeda frutic
    خاندان: Chenopodaiceae
    سڃاڻپ
    جاٰءِ پيدائش پاڪستان ۾ هي عام جام آهي جتي به ڪلراٺيون زمينون آهن اتي هي عام جام ٿئي تنهن هوندي به سامونڊي علائقن جي ويجھو عام آهي انهيءَ کان سواءِ بيراجي علائقن ۾ به نظر اچي ٿو.انهيءَ کان سواءِ عرب علائقن ايران،عراق اردن وغيره ۾ به ڪثرت سان ٿئي ٿو. جولائي کان اڪتوبر تا.ين هن کي گل لڳندا آهن آگست کان اڪٽومبر تائين هن ۾ ڦل تيار ٿي ويندو آهي.
    فائدا
    هن جي پنن کي اکين تي ليپ ڪرڻ سان آشوب چشم ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو هن جي پنن کي پاڻي ۾ ڪاڙهي پيڻ سان الٽي ٿئي ٿي .تازو تحقيق ٿي آهي ته لاڻي شگر جي مرض ۾ مفيد هجڻ سان گڏ،ڪوليسٽرول جي سڀني جزن کي گھٽائي ٿي جنهن ۾ ايل ڊي ايل ،ايڇ ڊي ايل ، وي ايل ڊي ايل۽ ٽرائي گلسرائيڊ گھٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي باقي انهيءَ تحقيق ۾ اها ڳالهه واضع نه ڪئي وئي آهي ته ايڇ ڊي ايل جي ڪهڙ ي پوزيشن رهي ٿي آخر ۾ جديد تحقيق جو سرسري جائزو لکيوويندو
    جديد سائنسي معلومات
    هن ۾ٽوٽل ڪاربو هائيڊريٽس پاڻي 87 .9 سيڪڙو ڇاري.6 سيڪڙو لوڻن ۾ ڪيلشم 2.ڪاربونيٽ0.85 ڪلورائيڊ1.4 هن جو ايٿانول رب ۾ هن جي افاديت بيڪٽريا خلاف پرکيو ويو ڪلاسکا،اسٽيفلو ڪوڪس اي ڪولاءِ ۾ هي مؤثر رهي جڏهن ته اسٽريپٽو ماءِ سين سان سان اي ڪولاءِ سان نه مرن ته هن جي رب سان ختم ٿيو وڃن هي تحقيق سميعه رشيدقيصر افتخار ،محمد ارشد،جاويد اقبال اجتمائي طو رتي ڪئي
    هڪ ٻي تحقيق ۾ جانورن کي هن جو ايڪسٽريڪٽ نسن جي ذريعي ڏنو ويو انهيءَ تحقيق مان ثابت ٿيو ته 4 ڪلاڪن جي اندر رت مان کنڊ ڪافي ختم ٿي وئي انهيءَ کان سواءِ نارمل ۽ شگروارن جانورن جو ڪوليسٽرول به ڪافي گھٽ ٿي ويوجيڪو ٽراءِ گلسرائيڊ جي گھٽجڻ جي ڪري ٿيوهي تحقيق موراڪو ۾ ڪئي وئي .
    يورپ ۾ ڪوئن تي تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ 90 ڏينهن تائين ڪوئن کي ضرورت کان زياده ڪوليسٽرول واري غذا ڏني وئي انهيءَ کان پوءِ لاڻي جو ايڪسٽريڪٽ انهن ڪوئن کي ڏنو ويو انهيءَ تحقيق مان ثابت ٿيو ته 45 ڏينهن ۾ شوگر جي ليول حد کان وڌيڪ گھٽجي وئي ڪوليسٽرول جي لپڊ پرو فائل ۾ ٽوٽل بلڊ ڪوليسٽرول 50 سيڪڙو گھٽيو 55 سيڪڙو ايل ڊي ايل گھٽيو 49 سيڪڙو وي .ايل. ڊي .ايل گھٽيو57 سيڪڙو ٽراءِ گليسرائيڊ گھٽيو فري فيٽي ايسڊ،36سيڪڙو گھٽيو تحقيق ڪرڻ وارن جو اهو نظريو آهي ته لاڻي ۾ اهو فائدو ٻن مرڪبن جي ڪري آهي

    [​IMG]
    لاڻي جي تصوير​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سوراگ لاڻي

    سائين حڪيم صاحب سلام

    لک ٿورا اوهان پنهنجي خوبصورت ونڊ سان ٻيهر شروعات ڪئي آهي۔ بهترين ليک ونڊ ڪيو آهي اوهان۔ ٽنڊي محمد خان ۾ اوهان جي ڏنل پيار ۽ خلوص لاء مهربانيون۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سوراگ لاڻي

    توهان سان پهرين ملاقات ۾ توهان جي صحت تي رشڪ اچڻ لڳو ماشاء الله پنهنجي عمر کان ڪافي ننڍا ٿي لڳا۔۔۔
    مختصر ڪچهري ۾ توهان جي علمي ڄاڻ جا قائل ٿي وياسين۔۔۔ الله پاڪ توهان کي نظرِ بد کان بچائي۔۔۔

    مٿي توهان جنهن ٻوٽي جو ذڪر ڪيو آهي اها اسان جي ضلع دادو ۾ به جام نظر ايندي آهي۔۔۔
    توهان لکيو آهي
    ته منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال آيو ۔۔۔ منهنجي ننڍڙي ڀاڻج (عمر 3 مهينا) جي اکين مان اڪثر پاڻي ايندي ڏٺو اٿم۔۔۔ ڇا ان سلسلي ۾ هي فائدو ڏئي سگهي ٿو ۔۔۔۔
    مهرباني فرمائي وضاحت ڪندا۔۔۔
     
  4. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سوراگ لاڻي

    اوهان جي مهرباني جو اسان کي ياد ڪيو اٿو۔اوهان سان ملاقات جو انتهائي شوق هو۔جيڪو اوهان جي ٽنڊي ۾ اچڻ سان پورو ٿيو۔ايترا به ننڍا نه آهيون 52 ۾ پير پاتو اٿم ۔هاڻ پوڙهن جي لسٽ ۾ آهيون۔هاڻ ڪوشش ڪبي ته ٻين موضوعن تي به لکبو پر صحت تي لاڳيتو لکبو

    ادا هي ٻوٽي تيز آهي ۔انهي ڪري ٽن سالن کان ًًًگهٽ ٻار کي ناهي ڏيڻي۔
    ا
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سوراگ لاڻي

    حڪيم صاحب السلام عليڪم
    تمام ڪارائتو صحت باري موضوع ونڊڻ لئه مهربانيون۔
    دوستن سان گڏ ٽنڊي محمد خان ۾ اوهان وٽ حاضري ٿي، وقت ڏيڻ ۽ اوهان جي خلوص جا ٿورا۔
     
  6. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سوراگ لاڻي

    سائين سليمان وساڻ صاحب السلام عليڪم اميد ته سرها هوندا ۔ اوهان جي را جي مهربابي
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سوراگ لاڻي

    سائين توهان جي مهرباني جو توهان وري سنڌ سلامت جي دوستن کي وقت ڏنو اوهان پنهنجي ايتري مصروفيت باوجود اسان کي ٿورو وقت ڏنو اها اوهان جي نهايت ڪرم نوازي چئبي پنهنجي علمي ڪاوشن ۽ تجربن مان اسان کي فيضياب ڪندا رهندا ته اوهان جي عين نوازش ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو