• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بين الاقوامي حسابي رانديون

نثارابڙو

نائب منتظم
پوري دنيا جي شاگردن ۾ هڪ مقابلو هر سال ڪرايو ويندو آهي جنهن ۾ اڄ تائين ڪو به سنڌي شاگرد شريڪ ناهي ٿيو ... اهو مقابلو آهي ... بين الاقوامي حسابي رانديون International Mathematical Olympiad جي نالي سان ڪرايو ويندو آهي ... هن سال واري مقابلي ۾ پاڪ ترڪ اسڪول ڪراچيءَ جي هڪ شاگرد سيد وقار عليءَ bronze medal کٽي ورتو آهي ... هي مقابلو جرمنيءَ جي شهر بريمن ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ دنيا جي 104 ملڪن جي شاگردن حصو ورتو ...
 
بس سائين سڏائيندا ته اسان جا سنڌي به انجينيئر ۽ ڊاڪٽر آهن پر جڏهن ڳالهه مقابلي جي هجي ته خود اعتمادي پري تائين نظر ئي نه ايندي۔۔۔۔۔۔ باقي جيڪڏهن ڳالهه 2_+2 تائين هجي ته سنڌ سلامت جو جهونو پهلوان علي علي به سندرو ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويندو۔۔۔۔۔
 
asul mattasul mattasul matt
سائين رشيد ان موقعي تي جهونا جوانن کان به اڳڀرا هوندا آهن
suhnan saan
 
پوري دنيا جي شاگردن ۾ هڪ مقابلو هر سال ڪرايو ويندو آهي جنهن ۾ اڄ تائين ڪو به سنڌي شاگرد شريڪ ناهي ٿيو ... اهو مقابلو آهي ... بين الاقوامي حسابي رانديون International Mathematical Olympiad جي نالي سان ڪرايو ويندو آهي ... هن سال واري مقابلي ۾ پاڪ ترڪ اسڪول ڪراچيءَ جي هڪ شاگرد سيد وقار عليءَ bronze medal کٽي ورتو آهي ... هي مقابلو جرمنيءَ جي شهر بريمن ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ دنيا جي 104 ملڪن جي شاگردن حصو ورتو ...

ادا نثار صاحب
خبر جو ڪو حوالو، لنڪ به ڏبو آهي
 
ادا نثار صاحب
خبر جو ڪو حوالو، لنڪ به ڏبو آهي

ادا مسڪان گل
منهنجا مٺڙا ڀاءُ اهو ئي ته روئڻ آهي ته اسانجا نوجوان ۽ خاص سنڌ جا تعليمي ادارا ڪا به کوجنا ۽ ڳولها ڪون ٿا ڪن، جنهنڪري ئي دنيا جي اهڙن مقابلن کان نه فقط پري آهن پر کين خبر ئي ناهي ...
اوهان جيڪڏهن ڪنهن به ويب سائيٽ تي وڃي هي هيٺ ڏنل جملو لکي ڳولها ڪندا ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو .. ۽ ياد رهي ته هنن تازن مقابلن ۾ ايران ڇهه ميڊل کٽيا آهن ...

International Mathematical Olympiad
 
سائين نثار واقعا اها خبر تمام ميڊيا تي ڇانيل هئي
پر توهان جي ڳاله مطابق اسان سنڌي بي خبر آهيون
ا
 
Back
Top