Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
روھڙي ۽ سکر کي ريلوي ٽريڪ ذريعي ملائڻ لاء سنڌو درياتي ھڪ لينسڊائون پل ٺاھي وئي ھئي٬ جنھن جي ھيٺيان ڪو بہ پائيل (ٿنڀ) نہ آھي۔ پر ان پل تان پھريون دفعو ريل ھلائڻ لاء ڪوبہ ڊرائيور تيار نہ ھيو۔ ان وقت جمالو شيدي نالي ھڪ شخص جيل ۾ موت جي سزا ڪاٽي رھيو ھيو۔ انگريزن کي خبر پئي تہ اھو ئي ماڻھو ريل ڪراس ڪري سگھي ٿو۔ پو انگريزن ھن سان معاھدو ڪيو تہ جيڪڏھن تون ريل ڪراس ڪندين تہ تنھنجي سزا معاف ڪئي ويندي۔ پو ھن جمالي اھو دليريءُ جو ڪم ڪيو۔ ۽ ھن جا سڀ مائيٽ ۽ دوست درياء جي ٻئي پاسي دھلن دمرن سان بيٺا ھئا۔ ڪراس ڪرڻ تي ھنن اھو گانوپھريون دفعو چيو تہ
ھو جمالو جيڪو کٽي آيو خير سان ھو جمالو٬ جيڪو سکر واري پل تان ھوجمالو۔
ھو جمالو جيڪو کٽي آيو خير سان ھو جمالو٬ جيڪو سکر واري پل تان ھوجمالو۔