• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجيب حالت آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

عجيب حالت آهي


هتي ڪو ڪجھ سمجهڻ لاءِ‌تيار ڪونهي
هتي ڪنهن کي ڪنهن تي اعتبار ڪونهي

هر هڪ اهي پنهنجي مطلب جو طلبگار
گهڻن ماڻهن ۾ جذبهءِ ايثار ڪونهي

نياز نوڙت وئي لڏي لوڪ مان
بغض ڀريل دلين ۾ موسمِ بهار ڪونهي

ڏاڏل ڏيھ ۾ هرڪو ڏمريو ٿو وتي
جان وٺندڙ جهجها جان نثار ڪونهي
 
جواب: عجيب هالت آهي

ادا سائين مهنگائي جو اهڙو ته وا گهليو آهي جو ڪير به ڪنهن جي نه ٻڌي ٿو نه سمجهي ٿو، پي کي پٽن کا ڌيئرن کي مائرن کا ن، ڀينرن کي ڀائرن کان مطلب ته هر ڪنهن کي ٻئي کان ڪا نه ڪا ضرور شڪايت آهي ۔ هر ڪو ٻئي جي شڪايت ڪري ٿو ، پر ٻين جي شڪايت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري ۔
 
جواب: عجيب هالت آهي

ادا زبردست شاعري آهي، سچ ته بيٺو نچ۔۔ اوهان سچ سان ڀرپور ضمير جو آواز پنهنجي قلم جي ذريعي ٻين تائين پڄائيندا رهو۔۔۔۔
هڪ درستگي ڪندو هلان۔۔۔۔۔
حالت کي حالت ڪري لکبو، نه ڪي هالت
 
جواب: عجيب حالت آهي


عجيب حالت آهي


هتي ڪو ڪجھ سمجهڻ لاءِ‌تيار ڪونهي
هتي ڪنهن کي ڪنهن تي اعتبار ڪونهي

هر هڪ اهي پنهنجي مطلب جو طلبگار
گهڻن ماڻهن ۾ جذبهءِ ايثار ڪونهي

نياز نوڙت وئي لڏي لوڪ مان
بغض ڀريل دلين ۾ موسمِ بهار ڪونهي

ڏاڏل ڏيھ ۾ هرڪو ڏمريو ٿو وتي
جان وٺندڙ جهجها جان نثار ڪونهي

ادا تمام زبردست
باقي دور وڃي اهڙو لڳو ٿو۔

حق سچ جو هت مان ڪٿي آ
ڪافر لئي قرآن ڪٿي آ
انڌي کي جو راهه ڏيکاري
اڄ اهڙو انسان ڪٿي آ
 
Back
Top