وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو ! (ڊزائين)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    [​IMG]


    نثاراحمدناز .

    اسان جي سوچڻ
    اسان جي سمجهڻ کان،
    توهان جون سوچُون صفا ،
    وڏيون هِن،
    توهان جا جذبا وشال آهن،
    جُتِي توهان جِي ءَ ۾
    پير سائين ڀلا ڪيئن پايون ،
    مُمڪن ئي ڪونهي ،
    توهان جُون سوچون نوان اُجالا
    اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
    توهان جي چؤدا ر لڳل قطارون ،
    توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن ،
    توهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان ،
    قسم سان آتو جهان آهي ،
    اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئي ،
    اسان سان ناتا ،
    نه ڪوئي ڳنڊيندڙ ،
    اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
    ملي نه جنهن مان ا و جوڙ جيڏا
    نه ڀُڳڙن جي مُٺ ڪائي،
    اسان ته رستن جا
    رولاڪ آهيون
    اڪيلائي جي آسمان جا ،
    ٽُٽل ستارا ،
    وقت جي نيلام گهر ۾
    اسان خريديل غلام آهيون
    اسان وڪاميل غلام آهيون
    اسان تي ٻوليون وفا جون جانان
    لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
    وفا جا واڪ لڳائڻ کان پهرين
    اهو ته سوچيو،
    ”وقت نيلامِي پُڄاڻِي ٿِي ويو“
    توهان جا دڙڪا،
    توهان جي ڪاوڙ ،
    اکين تي سائين ................... !
    اکين تي سائين ................. !
    اکين تي سائين. ................ !
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو ! (ڊزائين)

    [justify]مست زبردست اسد ڄامشورائي ايترو جلدي منهنجي هن آزاد نظم کي رنگين ڪپڙا پارائي ڇڏيا تو، ۽ وڏي ڳالهه ساواڻ رنگن جي چترڪاري ايتري خوبصورت انداز ۾ توهان منهنجي هن نظم کي ڏني آهي جو دل بي اختيار واهه واهه جي لفظن سان جهومِي پئي آهي، توهان جي هي چترڪاري ڏسي مونکي سئو فيصد يقين ٿي ويو ته توهان دوست مون جهوني سان ڪيترو پيار ڪريو ٿا ، ؛۽ منهنجي ٽُٽل ڦٽل شاعري توهان کي پنهنجي دل جو آواز لڳي ٿي۔ ادا اسد مست ٿورانه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔[/justify]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو ! (ڊزائين)

    سهڻي نظم جي ڊزائن به لاجواب ٿيل آهي۔

    اسد مست جي ڊزائن هجي ۽ سائن نثار ناز جي شاعري هجي ۽ سنڌ سلامت هجي ته ٽڪنڊو لاجواب ٿو ٺهي۔ اوهان جو هي نظم لاجواب آهي جنهن جي هر سٽ بي مثال آهي۔
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو ! (ڊزائين)

    تمام بهترين مست جي ڊزائين ۽ سائين نثار ناز جي شاعري لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو