ماضي جو مونجهارو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    موجوده سياست ۾ ماضيءَ جو مونجهارو

    تاريخ جي ڪتابن ۾ رقم ٿيل تجزين ۽ قولن ڏانهن جهاتي پائجي ته هڪ پهاڪو يا چوڻي يا اقوال زرين چئجي هي آهي ته جيڪو پنهنجي ماضيءَ کي نه وساريندو ۽ ماضيءَ جي ڳالهين کي دليل بڻائيندو ته اهو ڪڏهن به بهتر مستقبل ڏانهن نه ٿو وڌي سگهي ان جي بلڪل ابتڙ ڪنهن دانشور جو ليک هي به آهي ته جنهن پنهنجي ماضيءَ کي وساريو ۽ ماضي کي دليل بڻائي سبق حاصل نه ڪيو ته اهو ڪڏهن به بهتر مستقبل جي اميد نه ٿو رکي سگهي. هاڻي مسئلو اهو آهي ته ڪنهن جي ڳالهه تي عمل ڪجي جيڪڏهن اسان پنهنجي ماضيءَ کي وساري مستقبل ڏانهن وڌڻ جو سوچينداسين ته پهرين دليل مطابق اسان ڪامياب ، جڏهن ته ٻئي تجزيي مطابق اسان ناڪامي جي رستي تي گامزن هوندا آهيون. جيڪڏهن اهڙي ڪشمڪش جي سوچ جو سلسلو جاري رهيو ته دنيا جو ڪوبه انسان ڪامياب يا ٻئي طرح سان ناڪام نه ٿو ٿي سگهي. ماضي کي وسارڻ جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جي سياست ۾ به ماضي مهم جي لهر تازو ئي ڦيلجي ويئي آهي جڏهن پنجاب حڪومت مان پ پ جي وزيرن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۽ ان جي بدلي يونيفڪيشن بلاڪ (لوٽا ڪريسي) جوڙي. هاڻي يوني فڪيشن بلاڪ ۾ جي ميمبرن جي سياسي سڃاڻپ ڇا آهي؟ ڇا هو آزاد اميدوار آهن؟ هي اهڙا سوال آهن جن جا جواب عام ماڻهون کي درڪار آهن. لوٽن جي سهولت ماڻيندڙ ماضي وسارڻ واري دليل کي سهارو بڻائي رهيا آهن وري جڏهن يونيفڪيشن بلاڪ جي ڃڱي مڙس پاران اهو بيان جاري ٿئي ٿو ته وفاق ۾ موجوده حڪمران پارٽي کيس پئسن جي آڇ ڪئي هئي ته ان تي لوٽن جو فائدو ماڻيندڙ ماضي کي ياد رکڻ واري دليل کي پٽڪو ٻڌائي سامهون آڻن ٿا! هاڻي هڪ ٻيو سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا لوٽن جو فائدو ماڻيندڙ پنجاب حڪومت جي حڪمران جي سياست Two Way آهي؟ يا ضرورت جي وقت گاف کي به پيءُ بڻائڻو پوندو آهي يعني حڪومت ۾ رهڻ جي لاءِ نظريائي ضرورت جي پوئيواري ڪئي آهي؟ شايد ان جو جواب ڪوئي به ڏيڻ پسند نه ڪندو!! لوٽا منظر عام تي ڇو آيا ۽ ن ليگ انهن جي خاطر پنهنجي ساک جي به پرواه ڇو نه ڪئي ؟ شايد انڪري ته پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب مان الڳ ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ جي سياست ڪجهه ٻيو رک موڙي رهي هئي مطلب ته حڪمران جماعت يعني پيپلز پارٽي ماضي وسارڻ جي دليل کي سهارو بڻائي ق ليگ سان ڳالهيون ڪرڻ تي رضامنديءَ جو اظهار ڪيو. ڪجهه عرصو پس پردو ڳالهيون جاري رهڻ کانپوءِ جڏهن ڳالهيون قربتن ۾ تبديل ٿيون ۽ هاڻي ان تعلقات کي منظر عام تي آڻڻ جو وقت اچي رهيو هيو. انهي دوران ٽيلي وزن تي هڪ پريس رليس جاري ٿئي ٿي ته پ پ جي شريڪ سربراهه يعني صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ چوڌري ڀائرن پاران عدم اعتماد جي تحريڪ يا حڪومت ڪيرائڻ جي ڪنهن به عمل ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو يقين ڏياريو ويو. پ پ ۽ ق ليگ ۾ وڌندڙ قربتون پنجاب جي حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون ڇو ته پنجاب ۾ حڪومت بچائڻ جي لاءِ يونيفڪيشن بلاڪ ( لوٽا ڪارڊ ) ايجاد ڪرڻ جو داغ سهڻ کانپوءِ به کين پنجاب حڪومت ۾ واضع تبديلي نظر اچي رهي هئي اهو هيئن ته خبرن ۽ ماهرن جي تجزين مطابق آئين جي 14 ترميم کانپوءِ آئين ۾ هن شق جو اضافو ڪيو ويو ته ڪنهن به پارٽيءَ جي انتخابي نشان تان چونڊيل ڪنهن به اسيمبليءَ جو رڪن ڪنهن ٻئي پارٽيءَ جي فورم تان ڪنهن به اسيمبليءَ جي رڪنيت بحال نه رکي سگهندو يا ته ان کي استعفي ڏيڻي پوندي يا انکي سندس آئيني مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ ٻئي پارٽي جي فورم تان اليڪشن وڙهڻي پوندي! هاڻي پنجاب جي حڪمرانن کي ان ڳالهه پريشان ڪيو ته پ پ ۽ ق ليگ جي اتحاد کانپوءِ ن ليگ جي اڪثريت فقط يونيفڪيشن بلاڪ جي بيساکيءَ تي رهندي ۽ جيڪڏهن آئين جي خلاف ورزيءَ تي اليڪشن ڪميشن يونيفڪيشن بلاڪ (لوٽا) کي نااهل قرار ڏنو ته پوءِ ن ليگ جا منسٽر گهر ڀيڙا ٿي ويندا ۽ ن ليگ کي اسيمبلي ءَ ۾ اڪثريت جي بدران اقليت جي حيثيت باقي رهندي. ان بري خواب جي تعبير کان بچڻ جي لاءِ ن ليگ سندن سدا سکئي سياستدان يعني چوڌري نثار کي هڪ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو آرڊر ملي ٿو ته جنهن ۾ کيس تمام تکي تنقيد ڪرڻي پوي ٿي جنهن سان پ پ حڪمران بيانبازيءَ ۾ مصروف ٿي وڃن ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت برقرار رهي چوڌري نثار صاحب سندس پري ڪانفرنس ۾ لفظن جون توبون صدر زرداري ۽ پ پ ، ق ليگ اتحاد ڏانهن سڌيون ڪري لفظي گولاباري شروع ڪري ڏني، جنهن مان سندن پريشاني واضع ٿي رهي هئي. چوڌري نثار کي شايد ٽي وي اينڪر ش م جو نتيجو ياد نه هيو اهاڳالهه سندس ٽوپي ۽ اجرڪ کي تنقيد ۾ شامل ڪرڻ مان محسوس ٿي. پريس ڪانفرنس ۾ پ پ ، ق ليگ دوستي کي نشانو بڻائيندي چوڌري نثار چيو ته صدر زرداريءَ کي قاتل ليگ سان اتحاد ڪرڻ کان پهريان اهو سوچڻ گهرجي ته ق ليگ هميشه ٻڏندي ٻيڙيءَ کي سهارو ڏيڻ جي بدران ان مان ٽپو ڏئي جان بچائيندي آهي. هاڻي مسئلو اهو آهي ته حڪومت جي ٻڏندي ٻيڙيءَ کي وڌيڪ سوراخ ڏيڻ جو ڪم ته ن ليگ ڪري رهي آهي ته وڌيڪ سوراخ ڏئي جان جوکي ۾ وجهڻ وارن جو گڏ رهڻ بهتر يا ماضي وساري ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سهارو ڏيڻ وارا بهتر؟ ن ليگ جي حڪومت وڃڻ جي پريشاني ۽ پ پ جي حڪومتي اتحاد بچائڻ جي ڪوشش ۾ ملڪ جي سياست ۾ ڪشمش پيدا ڪرڻ سان گڏو گڏ سياسي نفرتن کي جنم ڏنو آهي. موجو ده حڪومت جي گذريل 3 سالن جي عرصي ۾ ڏٺو وڃي ته ڪڏهن به پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس جي خبر يا ڪا واضع پيش رفت يا سرگرمي ڏسڻ م ڪونه آئي آهي. پر پ پ ، ن ليگ ۽ ق ليگ جي تڪڙين سياسي سرگرمين جي وجهه سان اوچتو هڪ پريس رليز جاري ٿئي ٿي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين چوڌري نثار علي خان صاحب هڪ اجلاس طلب ڪري ٿو جنهن ۾ تمام حڪومتن جي اڪائونٽس جو جائزو ورتو ويو آهي ڇا هيءَ حڪومت خلاف هڪ طرفي ڪاروائيءَ جي ڌمڪي هئي؟ يا پنجاب کي هٽي ڪري پنهنجي سياسي طاقت جو اظهار؟ هاڻي پاڪستان جي (مضبوط) ڪمزور ترين حڪومت کي هڪ طرف سياسي اتحاد جيڪو ڪراچيءَ واري پارٽي جي لاءِ مطالبا مڃائڻ جو مضبوط رستو آهي شايد مطالبا مڃائڻ جي ان رستي سان پ پ جي مفاهمت هڪ هر ماڻهون جي نظر ۾ هڪ مذاق بڻجندي نظر اچي رهي آهي. پ پ ۽ متحده وچ ۾ تلخي ڏسندي پنجاب واري پارٽي وسان نه گهٽايو ته ڪنهن طرح سان اهو اتحاد وري ٻيهر نه ٺهي پر ٻنهي پارٽين پاران ماضي کي ياد رکڻ واري دليل جي پوئيواري ڪندي نواز ليگ جي ماضي ۾ سياسي پاليسين کي ياد ڪندي هڪ دفعو ٻيهر اتحاد کي قائم رکيو هڪ طرف تمام پارٽين جا اهڙا بيان ته اسان حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏينداسين ته ٻئي طرف مڊ ٽرم جا مطالبا پاڪستان جي عوام کي ٻڏ تر جي صورتحال ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. جيڪڏهن مڊٽرم اليڪشن جا مطالبا ڪرڻ وارا ماڻهون پاڻ ۾ ملڪ سنڀالڻ جيتري صلاحيت سمجهن ٿا ته باقائدگي سان پنهنجو موقف پيش ڪن يا ته گدڙ ڀڀڪيون جو سلسلو بند ڪن جيڪڏهن ڪنهن کي شارٽڪٽ سان اتحاد ۾ اچڻو آهي انهن جو هن وقت اقتدار ۾ اچڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي ڇوته اقتدار جي ڪرسيءَ جي لاءِ گهڻا ئي اميدوار آهن.
    عمران درويش سومرو
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    لوٽيفڪيشن بلاڪ وارن جي سياست سڀني جي اڳيان آهي ادا۔۔ جن لوٽن جي اڳواڻي اڳي ڪئي هئي هاڻ اهي پاڻ کي چڱا مڙس سڏرائين ٿا، انهن جي تاريخ سڀني کي خبر آهي، سڀ هڪ ئي ٿيلهي جا ٺهيل ٽڪر آهن۔۔۔​
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    تمام بهترين ادا درويش
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    درويش مهربانيون۔ اوهان بهترين ڪالم لکيو آهي۔

    مان اڳ به ذڪر ڪيو هو ته نواز شريف لوٽن جو سردار رهيو آهي۔ پنجاب جو وزير اعلى جيڪو هڪ اسٽي آرڊر تي پيو هلي جيڪڏهن ڪورٽون واقعي آزاد آهن ته پوء‌18 ترميم جي روشني ۾ نواز ليگ لاء گهڻيون پريشانيون آهن۔

    ريمنڊ ڊيوس جي مسئلي تي آزاد عدليه ۽ پنجاب حڪجومت جي ڪردار کانپوء اهي ٻئي ڌريون منهن ڏيکارڻ جي قابل به ناهن رهيا۔ جيڪڏهن اهو سڀ وفاقي حڪومت ڪري ها ته آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا خبر ناهي الائي ڪٿي وڃي بيهي ها ۔۔۔۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    بلڪل ادا مست












    ۔
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    ادا اوهانجي مهرباني
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    ادا سليمان آئون نماڻو ناچيز انسان آهيان (تعريف جي مهرباني)

    ادا سليمان هن وقت ملڪ ۾ نه ميڊيا ۽ عدليا جي آزادي انهن ٻني ادارن کي پر لڳائي ڇڏيا آهن۔
    هڪ طرف سپريم ڪورٽ حڪومت جي هر فيصلي کي چيلنج ڪرڻ جي لا لڳي ٿو ته ماڻهون
    ڇڏيا آهن۔۔ ٻيو ته ميڊيا ۾ حڪومت جي حمايت جي خبر سئو مان 10 سيڪڙو ۽ تنقيدي خبرون
    100 مان 110 سيڪڙو شايع ڪري رهيا آهن۔۔
    سنڌي ماڻهون سدائين ادارن جي اکين ۾ ڪنڊو رهيا آهن۔۔۔




    ۔۔۔
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    مهرباني ادا





    ۔
     
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماضي جو مونجهارو

    سائين جنهن ملڪ ۾ سياست کي عبادت بدران ڪاروبار جي انڊسٽري سمجهيو وڃي ان ۾ هر ڳاله ٿيڻ جو هر وقت امڪان رهندو آهي ان تي حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ، انهن سڀني کي پنهنجو ماضي ، حال ۽ مستقبل چڱي ظرح ياد آهي، اسان جي هڪڙي سياستدان کان ڪنهن سوال ڪيو هو ته ، ( اوهان هر هر پارتيون بدلائيندا رهو ٿا ،اوهان جو ڪو دين ايمان به آهي يا نه ؟) ان تي ان جواب ڏنو ته ( ڪير ٿو چوي ته مان پارٽيون ٿو بدلائيان ، بابا منهنجي پارٽي ته گورنمنٽ آهي، اها پارٽيون بدلائي ٿي ته مان ڇا ڪريان ؟ ) اهو حال آهي انهن جو جن کي اسان چونڊي موڪليون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو