جواب: پاڪستاني ٽيم جي فتح جي خوشي ۾
ورلڊ ڪپ 2011 جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي شروعات ايترو آساني سان ۽ بي مزه ٿيندي اهو سوچيو به نه ويو هو۔۔۔
پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ بڻائيندي ويسٽ انڊيز کي چيڀاٽيندي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔۔۔۔ ياد رهي ته ويسٽ انڊيز 1992 جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي ۔۔۔ ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ هي شڪست سڀ کان وڏي شڪست سمجهي ٿي وڃي۔۔۔
پاڪستان ٽيم روايت ورائيندي هن دفعي به ميچ کي بالرن جي ڪارڪردگي تي هڪ سائيڊ وارو بڻايو۔۔۔ آفريد جي 4 وڪيٽن ۽ حفيظ ۽ سعيد اجمل جي بهترين بالنگ ويسٽ انڊيز کي منڍ کان وٺي آخر تائين سنڀلڻ جو موقعو ئي نه ڏنو اهڙي طرح پوري ٽيم صرف 112 تي آئوٽ ٿي وئي۔۔۔
آسان ٽارگٽ ڏسي رهي سهي ڪسر وري پاڪستاني اوپنرس حفيظ ۽ ڪامران پوري ڪري ورتو ۽ ٽارگٽ بغير ڪنهن نقصان جي پورو ڪري ورتو۔۔۔ انڊين طوطي جي اڳ ڪٿي پوري ٿئي يا نه پر هن ميچ پاڪستاني ٽيم جي حوصلن کي اوچو ۽ مخالفن تي اثر ويهائيندڙ ضرور بڻايو آهي۔۔۔
ميچ ته کڻي پاڪستان کٽي ويو پر هن ميچ ۾ پڻ پاڪستان جي فيلڊنگ انتهائي غير معياري رهي۔۔۔ ان ڪري ڪرڪيٽ جا پنڊت وري به اهو ورد الاپي رهيا آهن ته ميچ کٽڻ ۾ پاڪستاني کيڏاڙين جي ڪارڪردگي گهٽ ويسٽ انڊيز جي بدقسمتي وڌيڪ رهي۔۔۔۔
جي توهان به ميچ نه ڏٺي هجي ته جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=OYmaPq81xFI