• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکين جي حفاظت ڪريو

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
دوستو۔۔!! اکين جي حفاظت ڪريو۔۔خاص ڪري پوڙها مرد ۽ عورتون۔​
رينا علي

Rena%20ali.jpg

جڏهن توهان عمر وڌڻ سبب چهري تي پوندڙ سنهين لڪيرن جو علاج ڪنديون آهيو ته سڀ کان پهرين توهان اهو عمل اکين وٽ ڪنديون آهيو، ان جو سبب اهو آهي ته اکين جي آس پاس جي چمڙي تمام سنهي هوندي آهي، ان کان علاوه هن جاءِ تي ڪو آئل گلينڊ به ناهي هوندو، جنهن سبب ان کي قدرتي موئسچرائيزنگ حاصل ٿئي، انهن سڀني ڳالهين جو نتيجو اهو هئڻ گهرجي ته عمر جي وڌڻ جي پهرين نشاني انهيءَ هنڌ تي سنهيون لڪيرون گهنجن جي شڪل ۾ نمودار ٿينديون آهن، خوش قسمتي سان ڪيترائي موثر پروڊڪٽس آهن ان حوالي سان اکين جي آس پاس واري چمڙي لاءِ ، خاص پروڊڪٽس به موجود آهن جن جي استعمال سان اتان جي چمڙي شفاف ۽ شگفته رهندي آهي، ان حوالي سان هيٺ ڏنل ٽپس تي ڌيان ڏيو.
فيشل موئسچرائيزر: اکين جي ڀرسان جي چمڙي موئسچرائيز ڪرڻ لاءِ اڪثر عورتون فيشل موئسچرائيزر استعمال ڪنديون آهن پر ان ۾ جيڪي طاقتور جزا شامل هوندا آهن اهي ان حصي لاءِ مناسب ناهن، اهو صحيح آهي ته موئسچرائيزر چمڙي کي گهم ڏئي ٿو پر آئي ڪريم ذريعي ان کي جيترو فائدو پهچندو آهي ان موئسچرائيزر سان ايترو نٿو پهچي، مشورو آهي ته اکين جي ڀر واري چمڙي جي حفاظت لاءِ ان حوالي سان تيار ڪيل مخصوص پروڊڪٽس جو ئي استعمال ڪيو وڃي.
متاثر حصا: آئي ڪريم ڪيئن هجڻ گهرجي، ان جو دارومدار ان تي آهي ته توهان جو مسئلو ڇا آهي، متاثر ٿيل حصي جو چڱي طرح جائزو وٺو ۽ پوءِ فيصلو ڪريو ته توهان کي ڪهڙي قسم جي مدد گهرجي، هيٺ ڏنل ڪجهه اهڙا مسئلا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي عام طور تي اکين جي حوالي سان عام آهن.
مسئلو (اکين جي هيٺان)ڪارا داغ: اکين جي هيٺان (اکين جي هيٺ واري چمڙي) ڪارا داغ اصل ۾ ان هنڌ جي رنگت جي اضافي سبب پيدا ٿين ٿا يا ٺهن ٿا، ان کان علاوه ڪجهه خاص قسم جي الرجي رت جي سنهين نالين کي ڦهلائي ڇڏيندي آهي ۽ ان کان به چمڙي ڪاري ٿي ويندي آهي، ڇو ته اهي ڪارا داغ چمڙي جي هيٺان هوندا آهن ان لاءِ مٿان يا ٻاهران انهن جو علاج ممڪن ناهي. مسئلي جو حل اهو آهي ته اهڙين پروڊڪٽس جو استعمال ڪريو جن ۾ ريٽي نول جو استعمال ڪيو ويو هجي، اها چمڙي ۾ موجود سيل ۾ ڪولچن جي پيداوار ۾ اضافي جو سبب بڻجندي آهي ۽ چمڙي کي ٿورو ٿلهو ۽ پڪو ٺاهي ڇڏيندي آهي. ان کان علاوه وٽامن ”ڪي“ تي مشتمل پروڊڪٽس به ان حوالي سان تمام گهڻيون فائديمند آهن، ان سان رت جا سنها جزا مضبوط ٿين ٿا ۽ ڪارا داغ ٺهن ئي نٿا.
مسئلو (سًڄيل اکيون): اهو عام قسم جو مسئلو آهي ۽ گهڻو ڪري ان جو اثر صبح جي وقت گهڻو ٿيندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ننڊ دوران سيال مادو اکين جي آس پاس جمع ٿي ويندو آهي.
مسئلي جو حل: اهڙين پروڊڪٽس جو استعمال ڪريو جن ۾ الفابينڊ روڪسي ايسڊ کي بطور جز شامل ڪيو ويو هجي، ان سان گڏو گڏ جيڪڏهن ان پروڊڪٽ ۾ وٽامن سي، ڪاپر ۽ ايٽي نول جو به استعمال ڪيو ويو هجي ته سٺي ڳالهه آهي، اهي جلد اثر ڏيکاريندا، الفاهائيڊ روڪسي ايسڊ چمڙي جي سطح تي موجود سيلز کي متحرڪ ڪري ٿو جڏهن ته وٽامن سي، ڪاپر ۽ ايٽي نوڪل ڪولچن کي متحرڪ ڪري ٿو ۽ چمڙي جي لچڪ ۾ اضافو ڪري ٿو، ڪيفين به هڪ مفيد شيءِ آهي، اها رت جي نسن کي ڇڪي ٿي جنهن تان سوڄ ۾ گهٽتائي اچيو وڃي.
nazuk-21f.jpg
 
Back
Top