پنجاب ۽ سنڌ جي طرز حڪمرانيءَ ۾ فرق ڇو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پنجاب ۽ سنڌ جي طرز حڪمرانيءَ ۾ فرق ڇو آهي؟

    بئريسٽر ضمير گهمرو

    [justify] عام طرح سان اسان وٽ اهو وڏو تاثر آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ اقتدار اعلى ۾ وڏو فرق آهي. ٻئي پاسي کان اها کڻي حقيقت به آهي پر معروضي حقيقت کي پرکجي ته اڄ به سنڌ سرڪار جي بجيٽ پنجاب سرڪار کان گهڻي وڌيڪ آهي، توڙي جو مرڪزي سرڪار جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جو گهڻو تعلق پنجاب سان آهي. سنڌ جي استحصال کي صحيح معنى ۾ پرکيو ئي نه ويو آهي ته آخر سنڌ جا وسيلا، ناڻو ۽ اقتدار اعلى سنڌين جي نمائنده سرڪار هوندي هنن تي خرچ ڇو نه ٿي رهيا آهن؟ ڪڏهن به انگن اکرن جي بنياد تي اسان سنڌ ۽ پنجاب جي سرڪار جي آمدني ۽ خرچن جو تقابلي جائزو نه ورتو آهي، جنهن ڪري اسان هڪ اهڙي منزل پويان ڊوڙي رهيا آهيون، جنهن کي موجوده حالتن ۾ حاصل ڪرڻ ۽ سو به صحيح حڪمت عملي کان سواءِ ڏاڍو مشڪل ۽ تڪليف ده آهي. سياسي جدوجهد جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته گهٽ نقصان تي وڌيڪ سياسي نتيجا ملن، پر اسان وٽ گهڻي جاني مالي نقصان سان گهٽ سياسي نتيجا وٺڻ جي خواهش ۽ رسم رهي آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ سنڌ ۾ پهل واري سياست بجاءِ ردعمل واري سياست جو بنياد آهي. پهل واري سياست ۾ هوم ورڪ ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري اسان کي ان ڳالهه تي ويچار ڪرڻ گهرجي ته اسان جا وسيلا آهن ڪهڙا؟ اقتدار اعليٰ هجڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ انهن وسيلن ۽ اقتدار اعلى کي ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ڦريو ويو آهي؟ انهن سمورن سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ رڳو سنڌ جي سمجهه ڀرئي طبقي کي تصوراتي ۽ نظرياتي طور تي واضح ٿيڻو پوندو ۽ چٽي سوچ رکڻي پوندي، عمليت پسندي کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. ان صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هيٺين پهلوئن تي غور ڪرڻ تمام ضروري آهي.

    پنجاب ۽ سنڌ جي بجيٽ جو تقابلي جائزو:

    جڏهن گذريل سال جون ۾ بجيٽ جو اعلان ڪيو ته سنڌ سرڪار مرڪز کان ملندڙ رقم ۽ پنهنجي وسيلن آڌار اعلان ڪيو ته اسان جي بجيٽ چار سئو ستاويهه ارب رپيا (427) آهي، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ هڪ سئو پندرهن ارب رپيا ۽ باقي سرڪار ۽ ان جي ڪامورن جي پگهارن ۽ شاهه خرچين تي خرچ ٿيندي. اهڙي نموني جڏهن پنجاب سرڪار پنهنجي ۽ مرڪز پاران ملندڙ رقم تي مشتمل 2010ع ۽ 2011ع جي بجيٽ جو اعلان ڪيو ته خبر پئي ته سندس بجيٽ پنج سئو ٽياسي ارب رپيا (583) آهي. سرڪاري انگن اکرن ۽ 1998ع جي آدمشماري موجب سنڌ جي آبادي ٽي ڪروڙ ۽ پنجاب جي آبادي ست ڪروڙ ٽيهه لک آهي. ظاهر آهي ته پنجاب ۽ سنڌ کي مرڪز پاران اين ايف سي وسيلي ملندڙ رقم به 1998ع جي آدمشماري تي ٻڌل آهي. هاڻي ڏسو ته پنجاب جي آدمشماري سنڌ کان ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي، پر بجيٽ ٻيڻ تي به نه آهي، ان حساب سان سنڌ جي بجيٽ پنجاب کان تمام وڌيڪ آهي. هر ماڻهو جي حساب سان پنجاب جي بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا اٺ هزار رپيا، جڏهن ته سنڌ جي بجيٽ ۾ چوڏهن هزار رپيا رکيل آهن. جڏهن ته سنڌ جي بجيٽ آدمشماري جي لحاظ کان پنجاب جي صوبائي بجيٽ کان تمام گهڻي آهي، ان باوجود به سنڌ جا ملازم روز احتجاج پيا ڪن ته اسان جون پگهارون پنجاب جي ملازمن برابر ڪيون وڃن. پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي پگهار 170000 (هڪ لک ستر هزار) جڏهن ته سنڌ ۾ ستر هزار آهي. اهڙي طرح پوليس جي پگهار پنجاب ۾ سنڌ کان وڌيڪ آهي. هتي سنڌ سرڪار ۾ ويٺل وڏيرا سموري بجيٽ هڙپ ڪري وري 27 (ستاويهه) ارب رپيا ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺي رهيا آهن ته اهي به ٻوڏ جي آڙ ۾ کائي وڃون، جڏهن ته پنجاب پنهنجي صوبائي بجيٽ مان ڪڏهن جو سمورا بند ٻڌي ڇڏيا ۽ ماڻهن ۾ امداد به ججهي ورهائي. ان جو مطلب اهو آهي ته مرڪز جي ڦرلٽ ڪرڻ باوجود اسان جا وسيلا جيڪي بچن ٿا، اهي به اقتدار ۾ ويٺل وڏيرن ۽ ڪامورن حوالي ٿيو وڃن ۽ اسين انهن جو احتساب ڪرڻ بجاءِ رڳو نعرا هڻون پيا، ڇو ته وڏيرن ۽ ڪامورن خلاف سماج کي منظم ڪرڻ، ويڙهه وڙهڻ وارو پهلو تمام ڏکيو آهي ۽ سرشتي کان ٻاهر ٿي ڪري نعرا هڻڻ سولو ڪم آهي.

    پنجاب ۾ حڪمراني بهتر ڇو؟

    باوجود ان جي ته پنجاب صوبي جي بجيٽ سنڌ کان تمام گهٽ آهي، پنجاب ۾ صحت، تعليم، امن امان، روڊ رستا، روزگار جا موقعا سنڌ کان بهتر ۽ وسيع آهن، سنڌ جي مقابلي ۾ اتي ڪرپشن گهٽ آهي، سرڪاري ڪاروهنوار ۾ نظم ۽ ضبط آهي ۽ عوام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۾ خدمت جو جذبو آهي، ڇا اسين پنجاب جي صوبائي سرڪار کي ان ڳالهه تي تنقيد جو نشانو بڻائي سگهون ٿا ته اوهان پنهنجو سرشتو گهٽ رقم ۾ آخر ڇو بهتر ڪيو آهي ۽ سنڌ سرڪار ۾ گهڻي بجيٽ هوندي هتان جي بجيٽ صحت، تعليم، امن امان، روزگار ۽ ترقي جي ناپيد ۽ نه هجڻ برابر آهن؟ اسان کي هن اهم سوال تي نهايت ئي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو، ڇو ته سنڌ جي بجيٽ تمام گهڻي هوندي به ان ۾ نه ته امن امان صحيح آهي، نه ترقي ۽ نه وري صحت ۽ تعليم. ڇا ان ڳالهه جو ذميوارخود هوندي، اسان پنجاب کي ٺهرائي سگهون ٿا؟ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جمهوري دور کان سواءِ ٻيون سموريون حڪومتون سنڌ ۾ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان اينديون آهن، پر هاڻي نمائنده حڪومت کي ڪنهن جهليو آهي ته اها پنجاب کان وڌيڪ بجيٽ هوندي اڳ نه ڪڍي. دراصل اسان هڪ سماج طور پنهنجو احتساب نه ڪري رهيا آهيون، سنڌ جو مڊل ڪلاس بجاءِ بهتر حڪمراني تي پهل ڪرڻ جي وڏيرن جو پوئلڳ بڻيو ويٺو آهي. ڪنهن کي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نوڪري جو آسرو آهي، ڪنهن کي ٺيڪو ملڻو آهي، ڪنهن جي پٽ کي نوڪري ملڻي آهي. مطلب ته سچ نه چوڻو آهي ۽ وڏيري ۽ ڪاموري جو احتساب نه ڪرڻو آهي. اهو ساڳيو ڪامورو ۽ وڏيرو هونئن ٻارنهن مهينا عوام کي لٽي ڦري ۽ جڏهن اسلام آباد اکيون ڏيکاريس ته هڪدم سنڌي ٽوپي پائيندو، هو نقصان وقت سنڌي آهي ۽ فائدي وقت پنهنجي صوبي لاءِ اهڙو به نه آهي، جهڙو پنجاب جو چوڌري يا ڪامورو. هن ۾ بنيادي انسان جا فطري جذبا ته، ”پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ صوبي کي سنوارڻو آهي“، مري چڪا آهن. صوبي ۾ امن امان، ماحول، عورتن جي تحفظ، تعليم، صحت، روزگار سان هن جو ڇا؟ سنڌ ۾ سماجي انصاف ۽ معاشي ترقي سان هن جو ڇا؟

    سنڌ جو استحصال ڇا آهي؟

    سنڌ جي استحصال جا هونئن ته ڪيترائي پهلو آهن، پر انهن ۾ مک ٻه آهن، جن ۾ سنڌ جي مالي ۽ قدرتي وسيلن تي اسلام آباد جو قبضو ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي قبضو. هنن ٻنهي کي ڏسبو ته ڀلي ڀت پروڙ پئجي ويندي ته اصل ۾ استحصال جي شڪل ڪهڙي آهي، اهو ڪيئن ڪيو پيو وڃي. جيستائين سنڌ جي جدوجهد انهن ٻنهي پهلوئن کان پرڀري آهي، تيستائين اها عوام کي پنهنجي استحصال بابت منظم ڪرڻ کان قاصر هوندي، ڇو ته عوام جذباتي نعرن تي ڪجهه وقت لاءِ ته منظم ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي وقت لاءِ نه، جيستائين ان کي قومي غلاميءَ جي اصل حقيقتن کان مڪمل آگاهه نه ٿو ڪيو وڃي. جڏهن قيادت ئي سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۽ مالي وسيلن تي قبضي کان غافل آهي ته پوءِ عام ماڻهو، ان خلاف اٿي ڇو کڙو ٿيندو. عام ماڻهو زندگي جي ڀوڳنائن ۾ ايترو ته مصروف آهي، جو رياست ان کان سياست وسارڻ چاهي ٿي، پر جيڪڏهن ان کي حقيقي خبر هجي ته اسان جي اقتدار اعليٰ ۽ مالي وسيلن تي اسلام آباد ڪهڙي نموني قبضو ڪيو آهي ته هوند هن جي جدوجهد جو رخ صحيح طرف هوندو.

    اقتدار اعليٰ تي قبضو:

    سنڌ جي اقتدار اعليٰ جا ٻه نمونا آهن، بلڪه ڪنهن به رياست ۾ اقتدار اعليٰ جو مقصد رياست جي ٽن ٿنڀن ۽ اڄڪلهه پريس سميت چئن ٿنڀن تي مشتمل آهي. رياست ۾ اهي ٽي ٿنڀا انتظاميه، پارليامينٽ ۽ عدليه ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪا رياست ڪنهن فيڊريشن جو حصو آهي، تڏهن به ان جي اقتدار اعليٰ جو سرچشمو اهي ٽئي ٿنڀا آهن. وفاقي رياست جو حصو هوندڙ رياست صرف پرڏيهي معاملن ۽ دفاع کان سواءِ سمورو اقتدار اعليٰ پنهنجي هٿ وس رکي ٿي. سنڌ فيڊريشن ۾ رياست هوندي، پاڻ وٽ انتظاميه، پارليامينٽ (صوبائي اسيمبلي) ۽ عدليه جا مڪمل ادارا رکي ٿي، جنهن قوم وٽ اهي ٽي ادارا آهن، ان کي ئي رياست چيو وڃي ٿو.

    انتظاميه:

    انتظاميه ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جي سربراهي ۾ سموري پوليس انتظاميه، ۽ وڏي وزير جي سربراهي ۾ ان مٿان ڪابينه اچي وڃي ٿي، جنهن تي سنڌ جو مڪمل ڪنٽرول ته هاڻي به آهي، پر اهو ڪمزور آهي، ڇو ته بنيادي طرح ڪابينه ڪمزور ۽ نٻل آهي. ڪابينه کي اهو مڪمل اختيار آهي ته صوبي ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سميت سمورن کاتن جا سيڪريٽري ۽ ادارن جا سربراهه پاڻ مقرر ڪري، پر هن اهي اختيار آئين ۽ قانون هيٺ هجڻ باوجود اسلام آباد حوالي ڪيا آهن، جنهن ڪري سنڌ کي پنهنجي سول انتظاميه ۽ مشينري تي مڪمل اختيار نه آهي. هي اقتدار اعليٰ جو هڪ اهم ۽ تمام وڏو پهلو آهي. سنڌ سرڪار هن اقتدار اعليٰ کي مڪمل پنهنجي هٿ وس نه ٿي ڪري. پنجاب ۾ اقتدار اعليٰ جو هي پهلو مڪمل طرح پنجاب جي عوام وٽ آهي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ڪڏهن به ٻئي صوبي مان نه آيو آهي، پنجاب جي سموري انتظامي مشينري ان صوبي جي آهي. ائين اسان جي به ٿي سگهي ٿي، پر هتي ڪابينه ۽ ان جا سربراهه پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن.

    پارليامينٽ (صوبائي اسيمبلي):

    سنڌ اسيمبلي سنڌ جي پارليامينٽ آهي، پر اها آئين هيٺ کيس کي ڏنل اسمن تي قانون سازي ڪرڻ کان عاري آهي. جيئن سروسز تي سيلز ٽيڪس نج صوبائي اسم آهي، پر ان تي اڄ تائين اها قانونسازي نه ڪري رهي آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، يونيورسٽين کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ سميت کيس قانونسازي جا اختيار آهن، پر اها وڏيرن جي اڻ ڄاڻائي ڪري پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان عاري آهي. پارليامينٽ وٽ قانونسازي لاءِ 86 اسم ۽ سنڌ اسيمبلي وٽ نوي (90) کان وڌيڪ اسم آهن، پر پارليامينٽ صوبائي اسمن تي به قانون ٺاهيو ڇڏي ۽ ويچاري سنڌ اسيمبلي ان تي چپ ۽ خاموش آهي.

    عدليه:

    سنڌ ۾ عدليه جا ٻه حصا آهن، هڪ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيو هيٺين عدليه، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججز کان وٺي جوڊيشل مئجسٽريٽ تائين سمورا جج اچي وڃن ٿا. هونءَ جوڊيشري ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌين جي اڪثريت آهي، پر مٿين عدليه ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا گهٽ آهن. اسين جيئن ته اردو ڳالهائڻ وارن کي به سنڌي سمجهون ٿا، ان ڪري انهن کي ڳنڍجي ته هاءِ ڪورٽ ۾ به سنڌين جي وڏي اڪثريت آهي ۽ لڳي ٿو ته هينئر اهو تفاوت به گهٽ ٿيندو، ڇو ته جوڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي جيڪي جج مقرر ڪن ٿيون، انهن ۾ ان ڳالهه جو ادراڪ آهي. ماضي ۾ ته هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ رهيا آهن، پر پ پ-سجاد علي شاهه ڇڪتاڻ 1996ع کان سنڌين کان هاءِ ڪورٽ کسي ورتي ۽ سنڌ جي سياسي قيادت چاهي ته ان کي به ٿوڙي عرصي ۾ ورائي سگهجي ٿو. پنجاب ۾ هاءِ ڪورٽ تي مڪمل طرح اتان جي اصلي ماڻهن جو ڪنٽرول آهي.

    مالي وسيلا:

    سنڌ توڙي وفاقي سرڪار ٽيڪس روينيو مان حصو قومي مالياتي ڪميشن ذريعي وٺن ٿا، پر ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ ذريعي سنڌ مان اوڳاڙيل رقم تي وفاقي سرڪار کي هلايو پيو وڃي. پنجاب مان اوڳاڙي ٿيندڙ ٽيڪس پنجاب سئو سيڪڙو واپس وٺيو وڃي. پنجاب وفاقي سرڪار کي هلائڻ لاءِ هڪ رپيو به نه پيو ڀري، حالانڪه هن جا لکين ماڻهو وفاقي سرڪار ۾ ڪم ڪن ٿا، ان ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته پنجاب کي سڀ کان وڏو فائدو وفاقي سرڪار جي روزگار تي قبضي جي صورت ۾ آهي ۽ وفاقي سرڪار ۾ پنجاب جي ملازمن جي پگهار سنڌ ڀري رهي آهي. ان ڪري سنڌ جو سمورو حدف وفاقي سرڪار کي ننڍو ڪرڻ ۽ ان کي وسيلا گهٽ ڏيڻ تي هئڻ گهرجي. آئيني طور وفاقي سرڪار وٽ اٺ وزارتون هجڻ گهرجن، پر هن چاليهه وزارتون هٿ ڪيون آهن، جنهن ڪري وفاقي سرڪار جي بجيٽ ٻاويهه سئو ارب رپيا آهي. اها جيڪڏهن گهٽجي ست سئو، اٺ سئو ارب يا هزار ارب تائين بيهي، تڏهن به سنڌ جا ٻارنهن سئو ارب رپيا بچندا. اين ايف سي ۾ سنڌ سرڪار ڪڏهن به پنهنجو آئيني اختيار استعمال نه ڪيو آهي، پر هميشه مالياتي ون يونٽ جي حمايت ڪئي آهي. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ تي ون يونٽ لڳل هو. 70ع ۾ يحيٰ خان ان کي ٽوڙيو ته مالي ون يونٽ جيئن جو تيئن جاري رهيو، جنهن جي پ پ 1973ع کان حمايت ڪري رهي آهي، توڙي جو نثار کهڙي جي سربراهي ۾ 2003ع ۾ پ پ متحده سان گڏجي اين ايف سي تي سنڌ اسيمبلي مان تاريخي ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر 2009ع ۾ ان کي وري رد ڪري ڇڏيو ۽ اين ايف سي جي ڪارروائي دوران مالي ون يونٽ جي مڪمل حمايت ڪئي. اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ صحيح به ڪئي، پر هن وقت تائين کيس چاليهه ارب گهٽ مليا آهن، پر ڪو به وزير ٻاڦ ٻاهر نٿو ڪڍي.

    تيل ۽ گئس:

    مالي وسيلن جي ٻي وڏي ڦرلٽ تيل ۽ گئس جي مد ۾ آهي. 18 هين ترميم ۾ پ پ تيل ۽ گئس جي آمدني صوبن ۽ وفاقي سرڪار ۾ اڌو اڌ ورهائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي، حالانڪه گڏيل مفادن واري ڪائونسل اهو اسم پاڻ وٽ هجڻ ڪري سئو سيڪڙو آمدني صوبن حوالي ڪري پئي سگهي، پر وفاقي بيوروڪريسي سمجهيو ته هاڻي بجاءِ جو سئو سيڪڙو هليو وڃي، صوبن کي پنجاهه سيڪڙو حوالي ڪري ڪاميابي جي دعويٰ ڪجي. خير اهو پنجاهه سيڪڙو به هينئر ملڻ کان جواب آهي ۽ صوبائي سرڪار ان جو ڪنٽرول وٺڻ کان عاري آهي. تيل ۽ گئس جي ادارن تي سنڌ کي ڪنٽرول هجڻ گهرجي، ڇو ته ستر سيڪڙو کان وڌيڪ اهي سنڌ مان نڪرن ٿا. پ پ سرڪار مس مس سوئي گئس جو ايم ڊي سنڌ مان رکيو آهي. جنهن جي به پنهنجي آفيس کان ٻاهر هلي ڪو نه ۽ پنجاب کان مقرر ٿيل بيوروڪريسي، جنهن ۾ 24 جنرل مئنيجر آهن، انهن کيس کيرو ويرو ڪري ڇڏيو آهي. گئس ۽ تيل کان سواءِ ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا صوبائي اسم آهن، جن جا ٺيڪا ۽ روزگار سنڌ سرڪار جي مرضي سان ڌارين حوالي ڪيا پيا وڃن، جنهن جو مثال ٿر جي ڪوئلي تي ٻاهرين ماڻهن کي روزگار ڏيڻ آهي. اهڙي طرح قيمتي پٿر جپسم جا ٺيڪا پڻ سنڌ سرڪار ڌارين حوالي ڪيا آهن. ٿر ڪول ۽ انرجي بورڊ ٺاهي ان ۾ مرڪزي وزيرن کي نمائندگي ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ ان جو بورڊ قانون موجب اڳ ئي ٺهيل آهي.
    مٿين بحث ۽ انگن اکرن مان اها ڳالهه واضح آهي ته سنڌ ۾ اقتدار اعليٰ ۽ مالي وسيلن تي صوبائي سرڪار ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي، پر هينئر جيڪو کيس ڪنٽرول آهي، ان جو فائدو به سنڌي عوام تائين نه پيو پهچايو وڃي. ڪجهه وقت اڳ سنڌ جي سينيئر وزير چيو هو ته اسان کي شهباز شريف جهڙو وزير اعليٰ گهرجي. ڇا اها حقيقت آهي ته اسان انتظامي طور يتيم آهيون. اسان کي هاڻي خبر پئي ته پنجاب جي بجيٽ في ماڻهو جي حساب سان سنڌ کان گهڻو گهٽ آهي، پر ان باوجود اتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اسان وٽ ادارن ۽ سماج تي مڪمل جرڳائي نظام آهي. سنڌ جي باشعور طبقي کي گهرجي ته اهي هن ٻٽي استحصال مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پنهنجي آواز کي منظم ڪن ۽ عوام کي آگاهي ڏين. غير سنجيده سياست سنڌ کي نقصان ڏنو آهي، ان ڪري شعور کي گڏ ڪري سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۽ مالي وسيلن جي مالڪي کي موٽائي سگهجي ٿو.
    -[/justify]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو