ورسيءَ جي حوالي سان
هوشوءَ جي للڪار ”مَرسُون مَرسُون پَر سِنڌ نه ڏيسُون“
تحرير : جميل گاد
اسان جي محققن جيڪو ڪجهه 23 مارچ 1843ع تي شهيد ٿيل سنڌ جي هڪ سورمي جرنيل هوش محمد شيدي بابت لکيو آهي، انهن به پنهنجو وسيلو انگريزن جي لکيل ڪتابن کي ئي بڻايو آهي، هوشو بابت جيڪا معلومات انگريزن ڏني آهي ان مان اندازو لڳائي اسان جي محققن هوشوءَ تي طبعه آزمائي ڪئي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ته ان جنگ ۾ هڪ شيدي نسل جو سورمو وڙهندي سنڌ مٿان قربان ٿيو، اهو ذات جو قمبراڻي هو، سر چارلس نيپيئر هوشوءَ بابت لکيو آهي ته ”هوشو جنگ ايئن وڙهي رهيو هو ڄڻ هن کان سڀ کان پياري شئي کسي ٿي وئي، هوشو پنهنجي والد وانگر مير فتح علي خان ٽالپر جي حويلي ۾ پيڙهين کان ملازم ضرور هو پر هو هڪ ذهين ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ جوان هو، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ سڄي سنڌ هوشوءَ جا گيت ڳائڻ بجاءِ ڪنهن مير ۽ ٽالپر جا گيت ڳائي ها! ڇو ته جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ان وقت حڪمران ٽالپر هئا ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ مان ئي ظاهر ٿي پئي آهي ۽ انشاءُ الله قيامت تائين اهو نعرو سنڌ ڏانهن ميريون اکيون ڪندڙن خلاف ايئن ئي فضائن ۾ گونجندو رهندو.
ڌرتي ماءُ لاءِ هوشو شيدي جي ويڙهه ڏسي انگريز ليکڪ وليم نيپيئر پنهنجي ڪتاب ”دي ڪانڪيوسٽ آف سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته هوشو نهايت منظم طريقي سان جنگ وڙهي رهيو هو، جنگ جي فن ۾ ڪنهن به انگريز جنرل کان گهٽ نه هو، هوش محمد شيدي جي بهادري بي مثال هئي، جنرل جان جيڪب به سنڌ ۾ ٿيل سمورين جنگين ۾ حصو ورتو هو، جيڪو دُٻي واري ويڙهه ۾ پڻ شامل هو، ان لکيو آهي ته :” آئون سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان پر مون هوشوءَ جهڙو بي ڊپو ۽ سَرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي“ هوشو سنڌ ڌرتيءَ مٿان پنهنجو ساهه صدقو ڪيو هو آخري گهڙين ۾ انگريزن جهڙي وڏي طاقت آڏو بيٺل رهيو. هوشو سان ڪُل هڪ سئو سپاهي گڏ هئا پر پوءِ به هو هِڪُ انچ به پوئتي نه هٽيو.
سنڌ کي پنهنجي غلامي هيٺ رکڻ لاءِ جڏهن انگريزن پنهنجون اکيون هر وقت سنڌ ڏانهن کتل رکيون هيون انهن سڀ کان اول ميرن مان انهن شهزادن کي ڳولي پنهنجي اثر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي پئسي ۽ اقتدار جي هوس هُئي، اهڙي طرح ٻين شهزادن سان گڏ انگريزن هوشوءَ جي ننڍ پڻ جي دوست مير صوبدار کي به پاڻ سان گڏڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، هشوءَ هڪ دوست جي حيثيت ۾ مير صوبدار کي ڏاڍو سمجهايو ته انگريز اسان جا سڄڻ ناهن انهن جي چالن ۾ نه اچي، سنڌ کي خطرو آهي هن مهل سڀ اختلاف وساري ڇڏ پر انگريزن سنڌ جي فتح کان پوءِ مير صوبدار کي اقتدار جا جيڪي خواب ڏيکاريا هئا ان لالچ جي ڪري مير صوبدار انگريزن سان هر قسم جو تعاون ڪندو رهيو، مير صوبدار ۽ ٻين ٽالپر شهزادن جي غداري سبب انگريزن 11 جنوري 1943ع تي حملو ڪري امام ڳڙهه وارو قلعو فتح ڪري ورتو جيڪو خيرپور جي ميرن جو هو. 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان ست ميل پري مياڻي واري جنگ لڳي، اها جنگ انگريزن فتح ڪئي ته مير صوبدار حيدرآباد واري قلعي اندر مَڻ مٺائي جا ورهايا. مياڻيءَ واري جنگ جي چئن ڏينهن بعد 21 فيبروري 1843ع تي انگريز سپاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي ويا، اُتي پهچي انگريزن مير محمود خان سميت پنهنجي وفادار مير صوبدار کي به قلعي مان ڪڍي قيد ڪيو، هن گهڻيون ئي سندن آڏو دانهون ڪيون ته آئون اوهان جو وفادار آهيان پر انگريزن کيس هي لفظ چئي قيد ڪري ڇڏيو ته ”جڏهن تون پنهنجن جو وفادار ناهين ته اسان سان ڇا وفا ڪندين؟“.
اهڙيون حالتون ڏسي هوشوءَ جي دل ۾ انگريزن لاءِ نفرت ۽ حڪارت اڃا وڌي وئي، هوشو غصي ۾ سپاهي ساڻ ڪري ميرپورخاص مير شير محمد ڏانهن هليو ويو، مير شير محمد به هوشوءَ وانگر سنڌ جو سچو سپوت هو. هن کي هوشوءَ جهڙي دلير ۽ بهادر جي ته ضرورت هئي هوشو هن وٽ پهتو ته هن جي همت ۽ قوت اڃا وڌي وئي. مير شير محمد 10 مارچ 1843ع تي فوج وٺي حيدرآباد روانو ٿيو، 23 مارچ 1843ع تي سرچارلس نيپيئر به پنهنجي فوج وٺي ڦليلي واهه ٽپي آيو ۽ هيڏانهن مير محمد ۽ جرنيل هوشو به فوج وٺي حيدرآباد کان 8 ميل پري ٽنڊي الهيار روڊ تي دُٻي جي ميدان تي پهچي ويا، 23 مارچ تي سنڌي فوج ۽ انگريز فوج وچ ۾ دوبدو ويڙهه شروع ٿي وئي، سنڌي فوج جي مقابلي ۾ انگريزن وٽ جديد ترين هٿيار هئا، سنڌي جوان پنهنجي ڌرتي جي بچاءَ لاءِ لاغرض ٿي وڙهندا ۽ ڪرندا رهيا، هوشو جيڪو جنگي گُرن کان سٺي ريت واقف هو هن جنگ دوران جيڪا صف بندي ڪئي هئي ان انگريزن کي پريشان ڪري وڌو هو. کاٻي پاسي سپاهين جي جٿي پويان ڪيولري بيهاري وئي هئي، ساڄي پاسي کان سپاهين جي جٿي پويان دُٻو ڳوٺ هيو جتي به ماڻهن کي گڏ ڪري بيهاريو ويو هو ۽ گهرن کي سوراخ ڪيا ويا هئا کاٻي پاسي توبون هيون جيڪي ٻئي نمبر ناليءَ جي پويان هيون، سڀني جي آڏو سمورو جهنگ ڪاٽي صاف ڪيو ويو هو.
سرچارلس غدارن ذريعي هوشوءَ جي لشڪر جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ حملي جو حڪم ڏنو، ان کان پوءِ انگريز فوج به پنهنجي پوري قوت سان حملو ڪيو پر سنڌي لشڪر سندن حملي کي ناڪام ڪري ڇڏيو، ان مهل انگريزن محسوس ڪيو ته سنڌي فوج کين کاٻي پاسي کان گهيري ۾ آڻڻ لاءِ جهنگ اندران اڳتي وڌي رهي آهي ته انگريزن پنهنجي توب خاني کي سنڌي فوج مٿان بارود جي مينهن وسائڻ جو حڪم ڏنو، ان دوران هوشو شيدي، مير محمد کي صلاح ڏني ته فوج کي پٺتي هٽائي سپاهين کي هڪ ڏينهن جو آرام ڏيو ۽ پوءِ نئين سر مورچابندي ڪنداسين ته جيئن ٻئي ڏينهن وڌيڪ توانائيءَ سان وڙهي سگهون پر انگريزن جديد هٿيارن سبب هنن کي اهو موقعو ئي نه ڏنو، هوشو شيدي سنڌ جي آزادي برقرار رکڻ واري جذبي سان ايترو سرشار هيو جو آخر تائين سنڌي سپاهين کي سورهيه ٿي سوڀ ماڻڻ لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ انتهائي مشڪل گهڙين ۾ به سپاهين ۾ قومي جذبو برقرار رکڻ لاءِ هوشو اهو ئي نعرو هڻندو رهيو ته ”مَر سُون مَرسُون پر سنڌ نه ڏيسُون“. هي هوشوءَ جون هڪلون ئي هيون جو انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ توبن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي سپاهي تلوارن سان وچ ميدان ۾ لهي آيا، سرن مٿان سر ڪرندا رهيا پر سنڌي وڙهندا رهيا ان دوران هوشو مير شير محمد کي جنگ مان نڪري وڃڻ جو چيو ۽ کيس اُٺ تي ويهاري موڪلي ڇڏيو، ان کان پوءِ هوشو زندگي جي آخري هڏڪي تائين ماتر ڀومي لاءِ وڙهندو رهيو ۽ 23 مارچ تي دُٻي واري ويڙهه ۾ ئي هوش محمد شيدي شهادت جو جام پيتو.
ان حوالي سان اڄ 23 مارچ تي جرنيل هوش محمد شيدي جي 167 هين ورسي آهي، هوشو جي آخري آرام گاهه لاءِ هڪ رايو اهو آهي ته انگريزن دُٻي جي لڙائي کان پوءِ سنڌ جي شهيد ٿيل سپاهين کي دٻي جي ميدان تي ئي دفن ڪري ڇڏيو هو پر ٻي راءِ اها آهي ته پڪي قلعي اندر جنهن قبر تي “One of the Meerssoldier” لکيل هو اها هوشو شيديءَ جي قبر هئي پر ان قبر مٿان 1947ع ۾ هندستان کان هجرت ڪري آيلن 1984ع ۾ بسڪوٽن ٺاهڻ جي بيڪري ٺاهي ڇڏي هئي، جنهن خلاف ان وقت جيئي سنڌ سميت مختلف قوم پرست پارٽين احتجاج به ڪيا هئا، انهن احتجاجن کي ماٺو ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَ جي چوڻ تي سنڌ جي هڪ محقق اهو بيان ڏئي ڇڏيو هو ته قوم پرست هرو ڀرو فشري ٿا ڪن، هوشو جي قبر دُٻي وٽ آهي ۽ پوءِ ان وقت جي سنڌ حڪومت ڪجهه شيدي گڏ ڪري هڪ قبر مٿان بيهاري اهو فوٽو اخبارن ۾ هڻايو هو ته هي هوشوءَ جي قبر آهي. بهرحال هوشوءَ جي قبر ڪٿي به آهي پر ان گمنام قبر وارو اهو هوشو سنڌ جي هر نسل ۾ سنڌ لاءِ وڙهڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪندو رهندو ۽ صدين تائين سندس نعرو گونجندو رهندو. ”مَر سُون مَر سُون پر سنڌ نه ڏيسُون“

روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان