غم ماتم گڏ

جاويد نواز

سينيئر رڪن
وائي
غم ماتم گڏ جنهن سان
پڇ سنگدل تون تنهن کان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

جيون ۾ بهارون ٿئي
خوشين جون قطارون ٿئي
تڏهن ٿو ڪرين ٽوڪان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

تون سوچين سکيون سوچان
تو وٽ هن رڳو مُرڪان
تون ويهه ته توکي ڏسيان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

پنهنجو به نه ٿئي پنهنجو
ڌڪ اهڙو لڳئي دل جو
پو توکان پرين مان پُڇان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

ظالم هي وڇوڙو ٿئي
خوشيون هڙ کسي ويندئي
چئين جاويد ايئن متان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: غم ماتم گڏ

غم ماتم گڏ جنهن سان
پڇ سنگدل تون تنهن کان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ

واه سائين بهترين شاعري۔

الله پناه ۾ رکي مان ته اهڙي ڪنهن ڪيفيت کان ڏاڍو ٿو ڊڄان
 
جواب: غم ماتم گڏ

ادا وساڻ اوهانجي وڏي مهرباني۔ الله ادا اوهانکي ۽ اوهانجي محبت کي پناهه ۾ رکندو۔باقي اسان جي قسمت ئي ڪا اهڙي هُئي۔

قسمت ۾ لکيل هُئي جدائي توکي ما ڇو ڏوهي چوان
مونسان ڀاڳ ئي ڪون نڀائي توکي مان ڇو ڏوهي چوان
 
جواب: غم ماتم گڏ

پنهنجو به نه ٿئي پنهنجو
ڌڪ اهڙو لڳئي دل جو
پو توکان پرين مان پُڇان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ
واه واه ادا جاويد
 
جواب: غم ماتم گڏ

تون سوچين سکيون سوچان
تو وٽ هن رڳو مُرڪان
تون ويهه ته توکي ڏسيان
ڇا ٿيندي جدائي آ
ڇا ٿيندي جدائي آ


ادا جاويد لاجواب شاعري آهي
بلڪل ميچوئر شاعراڻو انداز آهي

تمام بهترين
 
Back
Top