ابو واصف
سينيئر رڪن
دوستؤ! اوهان کي خبر هوندي ته جڏهن اسان ونڊوز 98 کان ترقي ڪري ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌيءَ جي ڪمپوزنگ ڪندا هئاسين، تڏهن شروعاتي مرحلن ۾ اها يونيڪوڊ جي بنياد تي نه هئي، جنهن ۾ محترم اياز شاهه جو ڪي بورڊ استعمال ڪيو ويندو هو، پر پوءِ محترم عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مهربانين سان سنڌي ٻولي ترقي ڪندي يونيڪوڊ بيس ڏانهن ترقيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي. چوڻ جو مقصد اهو اهي ته جن دوستن وٽ اياز شاهه جي ڪي بورڊ ۾ مواد ڪمپوز ٿيل هوندو ۽ جيڪڏهن هو ان کي ايم بي سنڌي ۾ ڪنورٽ ڪري، شيئر ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ آئون اوهان کي ڪنورٽر شيئر ڪريان ٿو ته جيئن اوهان ٻيهر ڪمپوزنگ جي جنجهٽن کان بچي سگهو.
سڀ کان پهريان حاضر آهي ايم بي سنڌي ڪنورٽر ڊائونلوڊ ڪريو:
هاڻي ڪنورٽر هلائڻ جو طريقيڪار حاضر آهي. سڀ کان پهريائين اوهان پنهنجو اهو فائل کوليو، جيڪو اياز شاهه جي ڪي بورڊ ۾ ڪمپوز ٿيل آهي. اوهان جڏهن فائل کي کوليندا ته اوهان کي اڻڄاڻ ٻولي لکيل نظر ايندي. هاڻي اوهان Tool جي مينيو ۾ اچي، Macro ۾ اچي Visual Basic Editor کي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ اوهان File جي مينيو ۾ اچي Import Macro کي ڪلڪ ڪريو. شاٽ ڏسو:
هاڻي اوهان اوهان جيڪو ميئڪرو ڊائون لوڊ ڪرايو آهي، ان کي هتي کوليو. پوءِ مينيو بار ۾ اچي Play جي بٽڻ کي دٻايو ۽ ان کان پوءِ Run کي ڪلڪ ڪريو. ڪجهه دير جي پروسيسنگ کان پوءِ اوهان ڏسندا ته اوهان جو فائل ايم بي لطيفي واري ڪي بورڊ ۾ ڪنورٽ ٿيل هوندو،هاڻي اوهان پنهنجي مرضيءَ سان ان کي ڪو به فونٽ ڏئي سگهو ٿا. اسڪرين شاٽ ڏسو:
تنبيهه
هڪ ڳالهه ياد رکو ته اياز شاهه واري ڪي بورڊ ۾ جتي به آخر ۾ هڪ ’ه‘ آيل هوندي، مثال طور ’به‘، ’ته‘، ’نه‘ وغيره يا ٻه ’ها‘ آيل هونديون، مثال طور: ’هه‘ ته ايم بي سنڌي واري ڪنورٽر ۾ ان کي ٻن يا ٽن هائن ’هه‘ ۾ تبديل ڪري ٿو. اوهان مون واري ڪنورٽ ٿيل فائل ۾ ان جو نظارو ڏسي سگهو ٿا.
انهيءَ ڪري ان ڳالهه جو خاص خيال رکو ته اياز شاهه واري ڪي بورڊ جي ڪنورٽ ٿيل فائل کي هڪ ڀيرو ضرور پڙهي، پوءِ ڪنهن کي شيئرنگ ڪندا.

http://www.4shared.com/file/MiosVG4d/NewMacros.html