• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

نثارابڙو

نائب منتظم

http://imageshack.us

ڊاڪٽر عبدالڪلام
” ڪنهن کي شڪست ڏيڻ سولو آهي پر ڪنهن کي کٽڻ تمام ڏکيو هوندو آهي“


http://imageshack.us
شيڪسپيئر
” ٻين جي جذبات سان نه کيڏو، ڇاڪاڻ ممڪن اوهان راند کٽي وٺو پر ان ۾ يقيني نقصان اهو ٿيڻو آهي ته اوهان ان ماڻهونءَ کي وڃائي ويهندا ... زندگيءَ ڀر لاءِ.



http://imageshack.us
نيپولين بونا پارٽ؛
”دنيا ۾ مشڪلاتون تمام گهڻيون آهن، انڪري نه ته ڪو برا ماڻهون برايون ڪنٿا بلڪ ان ڪري ته سٺا ماڻهون خاموش آهن.“


http://imageshack.us
آئن اسٽائين
” آءُ شڪرگذار آهيان انهن سڀني ماڻهن جو جن مونکي ”نه“ چيو، ان ڪري ئي آءُ ڪنهن ڪم ڪرڻ جهڙو ٿيو آهيان“


http://imageshack.us
ابراهم لنڪن؛
”جيڪڏهن دوستي اوهانجي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي ته ان جو مقصد اهو ٿيو ته اوهان دنيا جا سڀ کان مضبوط انسان آهيو“



http://imageshack.us
شيڪسپيئر؛
”کلندڙ چهرن جو اهو مقصد ناهي هوندو ته ڏک جو وجود ختم ٿي ويو آهي، پر ان مان اهو ثابت آهي ته انهن ماڻهن ڏکن تي قبضو ڪري ورتو آهي“



وليم آرٿر؛
موقعا سج جي روشنيءَ جيئان هوندا آهن، جيڪڏهن اوهان ڊگهو انتظار ڪندا ته انکي وڃائي ڇڏيندا“


http://imageshack.us
هٽلر؛
”جڏهن اوهان روشن هوندا آهيو ته هر شئي اوهانجي پويان هلندي آهي، پر جڏهن اوهان اونده ۾ ويندا آهيو ته اوهانجو پنهنجو پاڇو به اوهان جو ساٿ ڇڏي ڏيندو آهي“



http://imageshack.us
شيڪسپيئر
” سڪا هميشه آواز ڪندا آهن پر ڪاغذ وارا نوٽ هميشه خاموش هوندا آهن، انڪري جڏهن اوهانجو قدر وڌندو هجي ته اوهان پاڻ کي خاموش ۽ ٿڌو رکو“
 
جواب: وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

شيڪسپيئر
” سڪا هميشه آواز ڪندا آهن پر ڪاغذ وارا نوٽ هميشه خاموش هوندا آهن، انڪري جڏهن اوهانجو قدر وڌندو هجي ته اوهان پاڻ کي خاموش ۽ ٿڌو رکو“
_________________​

واھ سائين تمام بهترين ونڊ انهن مان ڪي وڏڙن جا قول ٻڌل آهن...ڪي نوان آهن منهنجي لاءِ..بهترين ونڊ.
 
جواب: وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

” سڪا هميشه آواز ڪندا آهن پر ڪاغذ وارا نوٽ هميشه خاموش هوندا آهن، انڪري جڏهن اوهانجو قدر وڌندو هجي ته اوهان پاڻ کي خاموش ۽ ٿڌو رکو“

سائين نثار سلام

تمام بهترين قول اوهان ونڊ ڪيا آهن۔ واقعي وڏن ماڻهن جي سوچ۔ لوچ ۽ ڳالهيون وڏيون ئي هونديون آهن۔ جيڪڏهن ڪو انهن ڳالهين تي عمل ڪري ته يقين ڪيو سندس ڪاميابي يقيني آهي پر اسان ثابت قدم رهڻ کي اوليت نه ٿا ڏيون، اسان کان صبر ڇڏائجي ويو آهي، اسان کان برداشت موڪلائي وئي آهي۔
 
جواب: وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

شيڪسپيئر؛
”کلندڙ چهرن جو اهو مقصد ناهي هوندو ته ڏک جو وجود ختم ٿي ويو آهي، پر ان مان اهو ثابت آهي ته انهن ماڻهن ڏکن تي قبضو ڪري ورتو آهي“

سائين تمام بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

بيشڪ وڏن ماڻهن جون ڳالهيون به وڏيون هونديون آهن، جڏهن ته اهي وڏيون ڳالهيون اسان سان ئي واسطو رکندڙ هونديون آهن ۽ آسان لفظن ۾ پڻ ۔۔۔ پر ڪي ٿلهي دماغ جا ماڻهون انهن سڀني ڳالهين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري جانور هجڻ جو ثبوت ڏيندا آهن پر ڪي حساس انسان صرف ڪنهن هڪ ئي ڳالهه کي سمجهي پنهنجي زندگي پارس ڪري ڇڏيندا آهن ۔۔۔ جيئن دنيا جي هڪ ڏاهي اديب وليم آرٿر وارڊ جا ڪجهه هي قول ڏسو؛

زندگي جو سڀ کان اتساهيندڙ رخ آهـي ۔۔۔ سکڻ
زنـــــدگــي جــــو اصـــل مقصــــد آهـــــي ۔۔۔ وڌڻ
زنـــــــــدگي جـــــــــي فـــــــطــــرت آهــــي ۔۔۔ تبديلي
زنـــــدگـــي جــــو مـــقــــــابلـــــــو آهــــــي ۔۔۔ سوڀ
زنــــــدگــي جــــــــي خـــــــوشبـــــو آهـــي ۔۔۔ خبرداري
زنـــــــدگي جـــــــــــو لڪل راز آهـــــــــي ۔۔۔ بهادري
زنــــــــدگي جـــــو اصل مــــــــزو آهـــــــي ۔۔۔ دوستي
زنــــــدگي جــــــــي ســـــونهــــــــن آهــــــي ۔۔۔ ڏيڻ
 
جواب: وڏن ماڻهن جون وڏيون ڳالهيون

سائين لاجواب تمام سٺا قول ونڊ ڪيا اٿو

وا قعي وڏن ماڻهن جي سوچ۔ لوچ ۽ ڳالهيون وڏيون ئي هونديون آهن

مهرباني
 
Back
Top