• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي شاعري

Edit
اسان جي ٻولي
by Rasoolbux Daudpota on Wednesday, March 9, 2011 at 9:15pm

اسان جي ٻولي پياري ٻولي سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي

دنيا لاء آهي سک جي لولي



امڙ ڏيئي ٿي جنهن ۾ لولي سمجه ۾ اچي ٿي پوء پرولي

سنڌي منهنجي پياري ٻولي



اچو ته رکوالي ڪيون هن جي سڀئي سٿ سان ساٿ گڏجي

وڃو نه لالڻ ڪٿي ڪو مٽجي اچو ته ٻوليون پنهنجي ٻولي

سنڌي منهنجي پياري ٻولي



هجي چپن تي سندان هي ٻولي سنڌي سٻاجهي مٺڙي ٻولي

وڻي اکين کي اجرڪ چولي ڀريل پاڻي ڪڇ گهڙولي

سنڌي منهنجي پياري ٻولي



سنڌي ٻولي سڀ کان سولي اچو سيکاريون هي سڀ کي ٻولي

لکون پڙهون ۽ ٻڌايون ٻولي ڇو ٿو وڃي تون تنهن کا اولي

سنڌي منهنجي پياري ٻولي
 
Back
Top