رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
تاريخ لکجي ٿي
تاريخ ظلمن سان ڀرجي رھي آ
ائين لکجي رھي آ.....
انصاف جون اکيون ...ٰٰٰ!!!
چور ٿو چوري ڪري
يا ڪو قتل ٿو ڪري
۽ ڪو قتل ٿو ٿئي
ڪو ڊوھ ۾ آ ڊوڙ اڳتي
انصاف ٻاڪاري پيو....!!
اچاري پيو
ته
قانون جون ڊگھيون آھن ٻاھون
سو ڪيئن نزديڪ کي مان پڪڙيان !
روڄ راڙو،
اڀ آسمان،
ڌرتي به روئي پئي
ڪيڏا ڪيس ٿين ٿا ھن مٿان
جو،
ڏسي نه سگھي ٿي ،
اکيون ٻوٽي ٿي ،
ٻار وانگر....،
پکي وانگر....
جو،
پنھنجون اکيون ٻوٽي ٿو ڪنھن شڪاري کي ڏسي....
سڄي دنيا ۾،
زور، زبردستي ، حاوي آ حيوان وانگر،
الرون ٿو ڪري انسان
معصوم مارن تي
....
عوامي احساس،
ڪچليا وڃن ٿا،
ائين جيئن ڪيلي کل،
چيڀاٽجي،
لانگ بوٽ جي کڙي سان...
ائين جيئن
ھٿ مھٽي مر لا ھي ڇڏجي ھٿن جي...
روز،
صعوبتن ۾ واڌارو،
احساس ڪتر ٿين ،
۽،
ڍڳن ڍورن جي کائڻ لئه،
اميدن کي بند ٻڌي روڪيو وڃي ٿو...
جستجو....
جنبش ٿڌي ڪئي وڃي ٿي.
.ڄار سان
پيار سان
ونھوار سان
گفتار سان
اختيار سان
تاريخ لکجي ٿي
انصاف،
ڌاڙيل وانگر دٻدٻي سان
گونججي ٿو ۽
ڪجھ چئي ٿو...
....حاضر ھو...ووو
حاضر ھو...وووو
ھي آواز ان ھڏا ڳريل لاش تائين پھچيٿو
جيڪو ڪئي سال اڳ
سڪ
انتظار ۾دفن ٿي ويو...
ٻڌي ته سگھي ٿو پر پنھنجو آواز،
انصاف جي ايوانن تائين رسائي نه ٿو سگھي...،
دفترن ۾
دز
مٽي
چڙھيل فائلن جي ورڪن ۾،
انصاف جو وات،
رت سان ڀريل...،
بي قائدا لفظن ۾ ٻڏل..،
پنھنجي آقائن کان پڇي ٿو
ٻيو ڇا ڪيان .....
معصوم مٽجي ويو...
لھو لٽجي ويو...خيال مٽجي ويو،
ٻيو ڪيتري دير ڪيان...
تاريخ لکجي ٿي......
تاريخ ظلمن سان ڀرجي رھي آ
ائين لکجي رھي آ.....
انصاف جون اکيون ...ٰٰٰ!!!
چور ٿو چوري ڪري
يا ڪو قتل ٿو ڪري
۽ ڪو قتل ٿو ٿئي
ڪو ڊوھ ۾ آ ڊوڙ اڳتي
انصاف ٻاڪاري پيو....!!
اچاري پيو
ته
قانون جون ڊگھيون آھن ٻاھون
سو ڪيئن نزديڪ کي مان پڪڙيان !
روڄ راڙو،
اڀ آسمان،
ڌرتي به روئي پئي
ڪيڏا ڪيس ٿين ٿا ھن مٿان
جو،
ڏسي نه سگھي ٿي ،
اکيون ٻوٽي ٿي ،
ٻار وانگر....،
پکي وانگر....
جو،
پنھنجون اکيون ٻوٽي ٿو ڪنھن شڪاري کي ڏسي....
سڄي دنيا ۾،
زور، زبردستي ، حاوي آ حيوان وانگر،
الرون ٿو ڪري انسان
معصوم مارن تي
....
عوامي احساس،
ڪچليا وڃن ٿا،
ائين جيئن ڪيلي کل،
چيڀاٽجي،
لانگ بوٽ جي کڙي سان...
ائين جيئن
ھٿ مھٽي مر لا ھي ڇڏجي ھٿن جي...
روز،
صعوبتن ۾ واڌارو،
احساس ڪتر ٿين ،
۽،
ڍڳن ڍورن جي کائڻ لئه،
اميدن کي بند ٻڌي روڪيو وڃي ٿو...
جستجو....
جنبش ٿڌي ڪئي وڃي ٿي.
.ڄار سان
پيار سان
ونھوار سان
گفتار سان
اختيار سان
تاريخ لکجي ٿي
انصاف،
ڌاڙيل وانگر دٻدٻي سان
گونججي ٿو ۽
ڪجھ چئي ٿو...
....حاضر ھو...ووو
حاضر ھو...وووو
ھي آواز ان ھڏا ڳريل لاش تائين پھچيٿو
جيڪو ڪئي سال اڳ
سڪ
انتظار ۾دفن ٿي ويو...
ٻڌي ته سگھي ٿو پر پنھنجو آواز،
انصاف جي ايوانن تائين رسائي نه ٿو سگھي...،
دفترن ۾
دز
مٽي
چڙھيل فائلن جي ورڪن ۾،
انصاف جو وات،
رت سان ڀريل...،
بي قائدا لفظن ۾ ٻڏل..،
پنھنجي آقائن کان پڇي ٿو
ٻيو ڇا ڪيان .....
معصوم مٽجي ويو...
لھو لٽجي ويو...خيال مٽجي ويو،
ٻيو ڪيتري دير ڪيان...
تاريخ لکجي ٿي......