رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اھي چاھنائون اھي تمنائون
اسا ن ۾ نه اڪري اينديون
ته ڪنھن ڏانھن وينديون
امنگون اميدون
ھي ارمان سڀ
سڄا ساٿ ساٿي
سڄا ساب ساٿي
نه مايوسين آ مرڻو
آھي ڏينھن ٿيڻو
نه ديسي ٽٽل آ
نه ديسي ڀڳل آ
اھو ديس کي اڄ ڀي ڪري پيو تنوارون
سڄا ساٿ ٿي جو ٿيون سڀ پڪارون
ته ٽٽي پوندا ٽا نڪا ائين ڌار ڌارون
اڃا ڏين ٿو تون ان کي ميارون
ڊگھي آ ته ڇا ٿيو
ھي ھلچل ھلي ٿي
ائين جيئن سنڌو
ڪڏنھن سانت ساگر .......
وري جو ڪو کڻي اڇلي ٿو جو پٿر
ڪئي سو لحرون لڙھي
ڪناري کي اچن ٿيون چمڻ لئه
۽ ساڳي سنوت ۾
اھا سوچ سرھي
ازل کان آھي عشق
غمن ۾ گزاريل
ڳڀا ٿيندي آخر
ھي ڳنڀيرتا وڌايل
اسان سان رلايل
ائين جيل کائي ويو جي جوانيون
ائين ئي ڀونء تي وھيو رت ريٽو
ائين جو ور کان جدا ٿي وئي سنڌ ڄا ئي
ڇا ارمان ان جا ڪومائڻ ٿو چاھين
ائين مايوسين ۾مرڻ تون ٿو چاھين
لٿي شام جو سنجھاتائين بس آئين
اتي ئي تون اڌ ۾ ڀڄي ٿو لنوائين
اڙي واه سائين اڙي واه سائين
اجھو ھو جو اڀ ۾ اچي آھي بيٺي
سيد جي ته سپنن پرڀات پيٺي
ھا ساٿي ائين صدين تائين سربو
نسل درنسل آ جنھن ۾ ته گھربو
اسان جي ڏٺو ڪين
آزاد سورج
ڇڏيون ٿا ھي پوين وجودن تي وڙھڻ
اھا جنگ جوٽڻ
اھو رنگ بوڇڻ
ھي اجرڪ ڪلھن تي
آھي پڪ مونکي
ته آزاد ھوندا
وڏا راڳ ھوندا
وڏا ڀاڳ ھوندا
سڄا خيال خاصا
خوش حال ھوندا
پريتم سان پنھنجي
ٻني سان وني سان ڀلي ڀال ھوندا
وڏا ڇال ھوندا
نه سزا وار ھوندا
نه لاچار ھوندا.........
اسا ن ۾ نه اڪري اينديون
ته ڪنھن ڏانھن وينديون
امنگون اميدون
ھي ارمان سڀ
سڄا ساٿ ساٿي
سڄا ساب ساٿي
نه مايوسين آ مرڻو
آھي ڏينھن ٿيڻو
نه ديسي ٽٽل آ
نه ديسي ڀڳل آ
اھو ديس کي اڄ ڀي ڪري پيو تنوارون
سڄا ساٿ ٿي جو ٿيون سڀ پڪارون
ته ٽٽي پوندا ٽا نڪا ائين ڌار ڌارون
اڃا ڏين ٿو تون ان کي ميارون
ڊگھي آ ته ڇا ٿيو
ھي ھلچل ھلي ٿي
ائين جيئن سنڌو
ڪڏنھن سانت ساگر .......
وري جو ڪو کڻي اڇلي ٿو جو پٿر
ڪئي سو لحرون لڙھي
ڪناري کي اچن ٿيون چمڻ لئه
۽ ساڳي سنوت ۾
اھا سوچ سرھي
ازل کان آھي عشق
غمن ۾ گزاريل
ڳڀا ٿيندي آخر
ھي ڳنڀيرتا وڌايل
اسان سان رلايل
ائين جيل کائي ويو جي جوانيون
ائين ئي ڀونء تي وھيو رت ريٽو
ائين جو ور کان جدا ٿي وئي سنڌ ڄا ئي
ڇا ارمان ان جا ڪومائڻ ٿو چاھين
ائين مايوسين ۾مرڻ تون ٿو چاھين
لٿي شام جو سنجھاتائين بس آئين
اتي ئي تون اڌ ۾ ڀڄي ٿو لنوائين
اڙي واه سائين اڙي واه سائين
اجھو ھو جو اڀ ۾ اچي آھي بيٺي
سيد جي ته سپنن پرڀات پيٺي
ھا ساٿي ائين صدين تائين سربو
نسل درنسل آ جنھن ۾ ته گھربو
اسان جي ڏٺو ڪين
آزاد سورج
ڇڏيون ٿا ھي پوين وجودن تي وڙھڻ
اھا جنگ جوٽڻ
اھو رنگ بوڇڻ
ھي اجرڪ ڪلھن تي
آھي پڪ مونکي
ته آزاد ھوندا
وڏا راڳ ھوندا
وڏا ڀاڳ ھوندا
سڄا خيال خاصا
خوش حال ھوندا
پريتم سان پنھنجي
ٻني سان وني سان ڀلي ڀال ھوندا
وڏا ڇال ھوندا
نه سزا وار ھوندا
نه لاچار ھوندا.........