• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ٻوڏ

سنڌ ۾ ٻوڏ حقيقت ڇا آهي.....؟



اصل ۾ سنڌو درياءُ اوائلي دور ۾ ته مَستي ۽ موجن ۾ آزاد هو پر جڏهن کان بيراجن جو ڄار وڇايو ويو ان کان پوءِ سنڌو درياءُ بي وس ۽ باندي جئين ڪو

گھوڙو لغام سان ۽ گوبر ڏاند نٿُ سان قابو ڪيو ويو هجي....

در اصل پاڻي اپريل ۾ مٿان هماليه کان اچڻ شروع ڪندو آهي ٿورو ٿورو ۽ جون جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ وڌ ۾ وڌ وهڻ شروع ڪندو آهي.

سنڌو درياءَ کي اِرسا وارا مينيج ڪندا آهن، ڪيترو پاڻي ڪنهن کي ڏجي جنهن ۾ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان به سنڌ درياءَ تي بوجهه بڻايا ويا آهن جيڪو غلت آهي. ڇو ته سنڌو دريا تي سڀ حق ۽ واسطا سنڌ جا آهن، پر پاڪستانيت جو سُريلو راڳ صرف سنڌين کي ٻڌائي يڪجھتي لاءِ زور ڀريو ويندو آهي.

هاڻي پاڻي جڏهن اپريل ۾ تربيلا ۾ اچي ٿو ته ان جو بندوبست ڪندڙارسا پهرين تر بيلا کي ڀرڻ شروع ڪندا آهن....

تربيلا جي 1000 فوٽ گيج ڊيڊليول آ۽1500 فوٽ ٽاپ ليول آهي ۽ ان ۾ 6 ملين ايڪڙ پاڻي جي گنجائش آهي.....

هاڻي سنڌ اپريل کان خريف يعني ساريُن جي فصل لاءِ تيار هوندي آهي ۽ هي مڙسَ ان وقت تربيلا کي ڀرڻ ۾ لڳي ويندا آهن.... ۽ اهووڃي جولاءِ ۾ ڀرجي پُر ٿيندو آهي ۽ پوءِ هي مڙس پاڻي هيٺ سنڌ لاءِ ڇوڙ ڪندا آهن سو به ٿورو ٿورو ۽ ڪنٽرولڊ.... اِنهن جي اِنهيءَ عمل سان سنڌ سدائين سوڪهڙي جو شڪار ۽ فصل سدائين دير ۽ جيتَ جڙي جي حملن کان پوءِ پيداوار به ٿوري....

هاڻي جي پهريون ئي پاڻي اپريل کان هيٺ ڇوڙ ڪيو وڃي ۽ اِهو ڪوٽڙي کان هيٺ تائين يقيني وهي ته...

هڪ ته سنڌ جو فصل وقت سر ٿيڻ سان پيداوار به جھجھي لهي ۽ پوئين پاڻي سان تربيلا ڊيم کي ڀريو وڃي جيڪو تربيلا جي

مطابق به آهي جيڪو پاڻي سنڌ کي ربيعَ جي فصل لاءِ گھربل هوندو آهي(s.o.p) ايس او پي....

پر ساڙ، حسد، دشمني، هوڏ، هٺ ڌرمي، نفرت ۽ بي تحاشا اُختيار واري پنجاب جي سوچ ائين ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي....

اسان سنڌين کي پاڪستاني ته ڇا پر انسان به نه ٿو سمجھو وڃي ۽ اسان جي وسيلن تي زوري قبضا ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ پنجاب ڀنڃ ڊاهه ۾ رڌل آهي،

پاڻي به هڪ قدرتي وسيلو آهي جنهن سان سنڌ 5 هزار سالن کان سيراب ٿيندي رهي آهي پر هئنير پنجاب ان کي پورو ڊسٽراءِ ڪرڻ ۾ رڌل آهي پنهنجي من ماني ڪندي ڪٿي ٿل ڪئنال، ڪٿي چشما لنڪ ڪئنال ته ڪٿي ڪڇي ڪئنال جا ان فزيبل ۽ غير فطري واهه کولي سنڌ کي سوڪهڙي ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو۽ تونسان وٽ ڊائون اسٽريم ۾ ڇاٻ ٺاهي اپ اسٽريم ليول کي هاءِ ڪرڻ لاءِ ته ڪڇي ڪينال ۾ پاڻي زوري وجھڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن کي اسان جي سنڌ جو ڪوبه عيوضي پڇا نه ڳاڇا نه اعتراض واريو ۽ نه سُڌ رکي.









سنڌ ۾ ٻوڏ کان مستقِل بچڻ جو حل

* سنڌو دريا جو پورو مڪمل ڪنٽرول۽ اٿارٽي سنڌ حڪومت کي هجي، ان جي پاڻي جي مينيجمنٽ به سنڌ وٽ هجي.
* غير فطري ڪئنال۽ واهه جيتوڻيڪ چشماجھلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال، ڪڇي ڪئنال،۽ ٻيا فورن بند ٿيڻ گھرجن.
* پنجاب مضظفر ڳڙهه۽ ڪوٽ ادوجي ايراضي پنهنجي چناب دريا تي بيراج وغيره اڏي ۽ اتان پنهنجي زمين آباد ڪري
* اسان کي پنجند کان هيٺ سنڌو۾ چناب دريا جو پاڻي نه گھرجي.
* پهريون پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪري فصل ڪيو وڃي.
* پوئين پاڻي سان ڊيم ڀريو وڃي.
* دريا جا ٻه ئي ڪنارا وڌيڪ ويڪرا، اونچا ۽ مضبوط ڪيا وڃن.
* سکر بيراج وٽ 16 لک ڪيوسڪ وهڻ جي گنجائش آهي ان جي اپ اسٽريم دريا جي لُٽيل پيٽ جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي.


 
Back
Top