رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هي َقصو نه آهي
حقيقت چوان پيو
ان ڌينهن بيتاب
بي چين ڌاڍو
فڪر جا ڪيئ ساڻ ٽن ها
پر تنها....
ڊوڙي پڳو ڳوٺ ۾ هوم
ڄوطرف پاڻي ِپاڻي
ويو هو جتي ٿي
سڄو ڳوٺ خالي
ءِ خالي سڄا گھر
پڃاڙي ۾ پنهنجن ڀاتين ڪڍڻ لءَ
.....
ڪري ساڻ تن کي
مٿا هين طرف ويندي
ڏڪندي ڪبندي نيٺ آّّخر
هجومن ۾وياسين سٿجي،
روءَڻ ،رينگاٽ،سسڪن سر ها
آلاپون اهڇاڻ،نه ڪنهنجي ھئ
ڄاڻ
اءِين نفصا نفصي
ٻڏندا ھئاسين
اڄ پاڻ ان مان گڊري رھياسين
ڦيرائي نظر جو پوئتي ڏٺوسين
اھو شاھ درياھ
وڪوڙي ولن سان
گھر جھوپا جھوري
ڪوري ڪڍندو ،
وڌندوٿي آيو.....
وڻ پوک، وليون،ڊڳيون ۽ سندا مال
لڙھندا ويا سڀ
بي رحم ٿي پيو ھوجھٽ لئي ھي پاڻي.....
ڪٿي ماءُ روڙي
ڪٿي ڀيڻ ڊوڙي
سخيون ڪين سرتيون رھيون ساڻ ساٿيي
ڪئي ٿيا مماتي
وري....صبح اڇ ٻي اڀري پئي آ
اجھو مال مارو اچي ماڳ پھتا
پر غمناڪ نظرون....
نھارن ته روئن
ھا سنجھا به ساڳي اداسين ڍڪيل آ
آ سج به ته ساڳو سڄو سوڳ ۾ ڄڻ....
زمين منھنجي ساڳي زمان ڀي آ ساڳو
ٿو ڳوليان پنھنجو گھر ۽ گھاٽ گھوري
ائين رڻ واري ڀريل ڀونءِ ساري
ڄڻ پونءِ ساري....
ارادا ،اميدون ، ارمان سارا
ڄڻ زخمي ٿي پيا سڄا ڳوٺ وارا...
ھي پيڙا پڄاڻي ڪرڻي جو آھي
ڀريل ڀت گھر جي اڏڻي جو آھي
وري سبز ساوڪ ٿيندو ڳوٺ ڳاڙھو
محنت ۽ ھمت سوا ناھ چاڙھو
اٿو اوج سان وري کيت کيڙيو
زر خيزي ھن مان چاندي سون ميڙيو
ھرڙا ھلائي سنوت ڏيو زمين کي
ٻج ھاري ھن ۾ چميون ڏيو امي کي
ته اميدن جا گل گونچ ڦٽي ڪيئي پوندا
مبارڪ سڀئي پوءِ ھڪ ٻي کي ڏيندا
وھي جاٽ جوڙو ٿو ھارئي جو ٻچڙو
پگھر ۾ به خوشبو اميدن اوسيئڙو....
حقيقت چوان پيو
ان ڌينهن بيتاب
بي چين ڌاڍو
فڪر جا ڪيئ ساڻ ٽن ها
پر تنها....
ڊوڙي پڳو ڳوٺ ۾ هوم
ڄوطرف پاڻي ِپاڻي
ويو هو جتي ٿي
سڄو ڳوٺ خالي
ءِ خالي سڄا گھر
پڃاڙي ۾ پنهنجن ڀاتين ڪڍڻ لءَ
.....
ڪري ساڻ تن کي
مٿا هين طرف ويندي
ڏڪندي ڪبندي نيٺ آّّخر
هجومن ۾وياسين سٿجي،
روءَڻ ،رينگاٽ،سسڪن سر ها
آلاپون اهڇاڻ،نه ڪنهنجي ھئ
ڄاڻ
اءِين نفصا نفصي
ٻڏندا ھئاسين
اڄ پاڻ ان مان گڊري رھياسين
ڦيرائي نظر جو پوئتي ڏٺوسين
اھو شاھ درياھ
وڪوڙي ولن سان
گھر جھوپا جھوري
ڪوري ڪڍندو ،
وڌندوٿي آيو.....
وڻ پوک، وليون،ڊڳيون ۽ سندا مال
لڙھندا ويا سڀ
بي رحم ٿي پيو ھوجھٽ لئي ھي پاڻي.....
ڪٿي ماءُ روڙي
ڪٿي ڀيڻ ڊوڙي
سخيون ڪين سرتيون رھيون ساڻ ساٿيي
ڪئي ٿيا مماتي
وري....صبح اڇ ٻي اڀري پئي آ
اجھو مال مارو اچي ماڳ پھتا
پر غمناڪ نظرون....
نھارن ته روئن
ھا سنجھا به ساڳي اداسين ڍڪيل آ
آ سج به ته ساڳو سڄو سوڳ ۾ ڄڻ....
زمين منھنجي ساڳي زمان ڀي آ ساڳو
ٿو ڳوليان پنھنجو گھر ۽ گھاٽ گھوري
ائين رڻ واري ڀريل ڀونءِ ساري
ڄڻ پونءِ ساري....
ارادا ،اميدون ، ارمان سارا
ڄڻ زخمي ٿي پيا سڄا ڳوٺ وارا...
ھي پيڙا پڄاڻي ڪرڻي جو آھي
ڀريل ڀت گھر جي اڏڻي جو آھي
وري سبز ساوڪ ٿيندو ڳوٺ ڳاڙھو
محنت ۽ ھمت سوا ناھ چاڙھو
اٿو اوج سان وري کيت کيڙيو
زر خيزي ھن مان چاندي سون ميڙيو
ھرڙا ھلائي سنوت ڏيو زمين کي
ٻج ھاري ھن ۾ چميون ڏيو امي کي
ته اميدن جا گل گونچ ڦٽي ڪيئي پوندا
مبارڪ سڀئي پوءِ ھڪ ٻي کي ڏيندا
وھي جاٽ جوڙو ٿو ھارئي جو ٻچڙو
پگھر ۾ به خوشبو اميدن اوسيئڙو....