• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دڙي ڳوٺ ۽ ٻوڏ

سنڌ کي اهڙا ماڻهو گهرجمن

درياءُ ۾ چاڙهه پنهنجي اوج تي اچي رهيو هو ۽ دريا جا ٻه ڪنارا پاڻي جي اونچائي کان ويا ننڍڙا ٿيندا...ڏاکڻي بندن وارا حڪومتي ايوانن ۾ اعليٰ درجن تي هجڻ ڪري مظبوط ۽ ڏاڍ ڏمر جا ڏيک ڏيئي رهيا هئا، اتر بند وارا جنهن ۾ نوجوان سياستدان ۽ قبيلن جو چڱو مڙس جيڪو چوڻي برانچ کان ٽوڙي وايا غوثپور لوپ بند تي ڦيرا ڏيئي رهيو هو ته ائين نه ٿئي ته ڪٿي بريچ پئجي وڃي ۽ منهنجا ماڻهو پاڻي ۾ ٻڏي وڃن....انهيءَ پريشانيءَ جي عالم ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي....۽ ان جي نه چاهيندي به ٽوڙي وٽان بريچ اچي ويو...جنهن سان اسان جو پيارو ڳوٺ دڙي ۽ پاڙيسري شهر غوثپور پهرين ڌڪ ۾ ٻڏي ويا.

پوري بيگاري ۽ انڙواهه جي وچ وارو حصو درياهه جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ڪجهه قديم مدي خارج سياستدان ڪرمپور کي بچائڻ لاءِ انڙ برانچ کي به بريچ ڏيڻ جي ڳالهه ۽ ڪوشش ڪرڻ لڳا جنهن تي هن ننڍڙي جوان، جوان مردي ۽ همت جو مظاهرو ڪندي اهو حڪم ڏنو ته منهنجو گهر ۽ ڳوٺ ته ٻڏو آهي پر مان پنهنجي پياري ڪنڌڪوٽ جي عوام کي ٻوڙڻ نه ڏيندس ۽ سخت موقف اختيار ڪندي ڪنڌڪوٽ تعلقه جي باقي آبادي کي بچائي وڌو...

جس هجيس همت ۽ حوصلي کي

جس جهجيس انهيءَ دانشمنديءَ تي

جس هجيس انهيءَ سٺي سوچ تي ته پنهنجو نقصان ته برداشت ڪري ويو پر باقي عوام کي گهڻي نقصان کان بچائي ورتو. جنهن جونقصان هڪ ارب کان وڌي وڃي ٿو هن وقت ان جي شهر ڳوٺ ۾ ٻيڙيون هلي رهيون آهن پر هن جو حوصلو هماليا سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

اميد آسمان کان به وڏي رکيون ويٺو آهي...

عبدالواحد دائود پوٽه ٻوڏ متاثر فقط دڙي ڳوٺ ڪنڌڪوٽ
 
جواب: دڙي ڳوٺ ۽ ٻوڏ

سائين اهڙا مٿير مڙس جڳ جڳ جيئن ۔ اهڙن ماڻهن جي ڪري ته هن وقت تائين بچيل آهيون ورنه ڪيترو اڳ ختم ٿي وڃون ها ، اسان جي اڪثريت ته سنڌ کي ساڙڻ ۽ ٻوڙڻ جي چڪرن ۾ آهي۔
 
Back
Top