سنڌ جو مزاحمتي شاعر راشد مورائي۔ ۔ ساجده چنه (مورو شهر سنڌ جي ان هنڌ تي واقع آهي جتي سکر، دادو ۽ حيدرآباد يا نوابشاهه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو. جاگرافيائي لحاظ سان مورو لڳ ڀڳ سنڌ جي بلڪل وچ ۾ آهي. مورو کي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ هڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. دادو مورو پل، جنهن کي پوءِ مخدوم بلاول پل سڏيو ويو، جنهن جو بنياد ملڪ جي نامياري سياستدان ۽ عظيم ليڊر جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جن وڌو هو مگر ان پل جو(ٺهڻ کانپوء دورو) بدقسمتي سان نام نهاد مذهب اسلام جي آڙ ۾ لڪندڙ ڌوڪيباز جنرل ضياء ڪيو ان کان ٻارهن ڪلوميٽر پري آهي. مورو کان دادو جو مفاصلو چويهه ڪلوميٽر آهي، جڏھن تھ سنڌو درياءُ مورو کان 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وھي ٿو.۔۔تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ گچيرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، گچيري ۾ پراڻي قلعي جا نشان ملن ٿا جنهن جي چوڌاري بچاءُ لاءِ کاهيون کوٽيل هونديون هيون. مورو قديم زماني ۾ صابڻ، زيورن، ٽامي ۽ ڪُٽ جي سامان کان مشهور هو.۔۔مورو شهر علمي، سياسي ۽ ادبي اعتبار سان تمام گهڻو مشهور آهي. مورو ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سنڌ ۾ چڱو موچارو ناماچار پيدا ڪيو آهي. موري جو قاضي خدا بخش سومرو ڪراچي جو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي، راشد مورائي، عظيم سنڌي،ميڪش سومرو، رکيل مورائي وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن ته موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري، صائمه منظور، بالا بلوچ ۽ ثمينه ڪنول آهن. انهن مڙني شخصيتن جو پنهنجو پنهنجو نالو ۽ ڪردار رهيو آهي مگر هت اسان سنڌ جي بيباڪ محبتي ماڻهون راشد مورائي صاحب جو ذڪر ڪنداسين۔۔ ممتاز علي وگهيو ) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي ماڻهو دانائي جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا ۽ اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي ايئن ئي ساهتي جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائي جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائي 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. پاڻ شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي اڄ به راشد مورائي ڪيترائي گيت سنڌ جا سرجي پيو هن وقت تائين راشد مورائي جون ڇپيل لکڻيون جنهن ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون،خاڪا وغيره سنڌ جي سڀني رسالن توڙي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا موجود آهن. 300 جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس گيت ، غزل ۽ ڪافيون ڳايون آهن. جڏهن ته ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙي جو سوداءُ“ ، ”شاعري“، ”ميندي سندا کيت“،”غزلن جو مجموعو“ ”سل جو شهر“ مختلف صنفن تي ڪيل شاعري ديوان راشد، شعلا شعلا واءُ ۾ اڳتي تاڻ امنگ جي ، پاڻي جو پهرو، ڏات جي ڏيهه۾، راشد جي رهاڻ، انصاف جو گهنڊ، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌي ادب جي ارتقا، يتيم جذبا، عشق جو آواز، هو جي ٻول ٻريا شامل آهن. جڏهن ته اڃا به سندس ڪيترو ئي تخليقي مواد اڻ ڇپيل آهي جنهن ۾ خط خوشي مان کول ، تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن ، جهڙي آيس جيئن جهڙيون انمول لکڻيون سندس وٽ موجود آهن. راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر جنهن پرائمري استاد ٿي علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، کيس سوين ايوارڊ سنڌ ادبي سنگت، سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران ڏنا ويا آهن. اڄ به سائين راشد جيڪو ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو سهارو آهي پر سندس کي نوجوان پٽ شاه عنايت جو وڇوڙو جهوري ڇڏيو تنهن باوجود مورو ناهي ٿورو ۾ هن مزاحمتي شاعر راشد مورائي جي مهمان نوازي ۽ ڌرتي سان عشق ڏسڻ وٽان آهي جو اڄ به چوي پيو ته مان باغي هان مان باغي هان بشڪريه عبرت! مزاحمتي شاعر راشد مورائي جي هڪ يادگار گفتگو http://www.youtube.com/watch?v=bjtxSQUwB_o http://www.youtube.com/watch?v=3vQvcASA8Fk مزاحمتي شاعر راشد مورائي صاحب جي شاعري سندس ئي آواز ۾ http://www.youtube.com/watch?v=mSr4LBPEsBY مزاحمتي شاعر راشد مورائي صاحب هڪ ڪچهري جي محفل ۾ http://www.youtube.com/watch?v=0soKgxpJJvI دل جي ويران دل تي ڪڪر بانورا ۔۔۔ ۔۔۔۔ راشد مورائي جي شاعري http://www.youtube.com/watch?v=5ne8dJMbvRo http://www.youtube.com/watch?v=ojS0h0WcOA4
جواب: سنڌ جو مزاحمتي شاعر راشد مورائي راشد مورائي صاحب جي جي مون ڪجھ شاعري پڙهي آهي..تمام سٺو شاعري آهي...شاعري مان لڳندو آهي ته سائين جن سنڌ جا عاشق پڻ آهن. مون ڪجھ ڏينهن اڳ راشد مورائي صاحب جو ڪتاب پڻ ڊائونلوڊ ڪيو هيو. ڪجھ وڌيڪ شاعري به آهي جيڪا مون پڻ هتي شيئر ڪئي آهي.
جواب: سنڌ جو مزاحمتي شاعر راشد مورائي مهرباني ادا ممتاز مزاحمتي شاعريء کانسواء مجازي عشق جي شاعري به راشد مورائي بهترين ڪئي آهي۔ سنڌ جي انهن سريلن شاعرن مان آهن جن کي نوجوان ٽهي گهڻو شوق سان پڙهندي پئي اچي۔