• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم، هندستان هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم ، هندستان هٿان آسٽريليا کي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست، پاڪستان ۽ هندستان سيمي فائنل ۾ موهالي ۾ آمهون سامهون۔

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جي اڄوڪي ڪوارٽر فائنل ۾ جيڪو احمدآباد ۾ کيڏيو ويو هندستان جي ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏئي کٽي ورتو آهي۔ آسٽريليا جي ڪپتان رڪي پونٽنگ ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ حيرت انگيز طور هندستاني ڪپتان پهريون اوور ئي پنهنجي اسپنر اشون کان ڪرايو۔ آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 40 جي اسڪور تي ڪري جڏهن واٽسن آئوٽ ٿيو۔ هيدڻ ۽ پونٽنگ سٺي بئٽنگ ڪئي ۽ 110 جي مجموعي اسڪور تي بريڊ هيڊن 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ان موقعي تي ڀارتي بالرن سٺي بالنگ ڪرائي ۽ تيز اسڪور ڪرڻ نه ڏنو۔ 150 تي آسٽريليا جا چار رانديگر آئوٽ ٿيڻ کانپوء به رڪي پونٽنگ هڪ اينڊ تان بئٽنگ ڪندو رهيو ۽ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوء 104 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ آسٽريليا مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 260 رنسون ٺاهيون۔ يووراج ، ظهير خان ۽ اشون ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔

260 رنسن جي تعاقب ۾ هندستان جي پهرين وڪيٽ 44 تي ڪري پئي جڏهن سهواڳ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ٽنڊلڪر ۽ گنڀير سٺي بئٽنگ ڪئي ٽنڊلڪر 53 ۽ گنڀير 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ هڪ موقعي تي ڪپتان ڌوني جي جلدي آئوٽ ٿيڻ کانپوء هندستان جا 5 رانديگر 187 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ پر پوء يووراج سنگھ ۽ سريش رائنا جي جوڙي بهترين بئٽنگ ڪندي 74 رنسن جي ناقابل شڪست شراڪت ڪري 48 هين اوور ۾ اسڪور 261 تي پهچائي ميچ کٽي ورتي۔ يووراج سنگھ 57 ۽ سريش رائنا 34 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا۔ آسٽريلوي بالر اڄ ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ اهڙيء طرح آسٽريليا جي ٽيم آخر ڪار 1999 کانپوء پهريون دفعو ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي۔ هندستان جي هن فتح کانپوء روايتي حريف پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ سيمي فائنل 30 مارچ تي موهالي ۾ کيڏيو ويندو۔ يووراج سنگھ هن ورلڊ ڪپ ۾ چوٿون دفعو مين آف دي ميچ جو اوارڊ حاصل ڪيو۔


اڄوڪي ميچ جو هيرو يووراج سنگھ جنهن 2 وڪيٽون ورتيون ۽ 57 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ پڻ رهيو

130487.2.jpg


آسٽريليا جي اننگز جون جهلڪيون​

http://www.youtube.com/watch?v=99SUw4B2U3c

ميچ جون مڪمل جهلڪيون​

http://www.youtube.com/watch?v=wLVziCVSE9M
 
جواب: ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم، هندستان هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

ادا سليمان وساڻ صاحب پاڪستاني عوام جي اها خواهش هئي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مقابلو ٿئي۔۽ اها ميچ ڀارت ۾ ئي ٿئي۔ جنهن ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي۔
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته 30 مارچ تي موهالي ۾ ٿيندڙ سيمي فائنل ۾ ڪير ٿو شڪست کائي۔ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته پاڪستاني عوام جي اها خواهش پوري ٿيندي يا نه؟

پر پاڪستاني عوام پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فتح لا اڃان تائين دعاگو آهي۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم، هندستان هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

ادا انشاءالله پاڪستان انڊيا کان کٽيندو
 
جواب: ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم، هندستان هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

بلڪل هن مقابلي لاء ڪرڪيٽ جا چاهيندڙ دعائون گهري رهيا هئا۔

پريشر انڊيا سان گڏ پاڪستان تي به آهي۔ پاڪستان اڄ تائين انڊيا کان ورلڊڪپ جي ڪابه ميچ ناهي کٽي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪير پنهنجي اعصابن تي ڪنٽرول ڪري ميچ ٿو کٽي۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي دنيا تان آسٽريليا جي بادشاهت ختم، هندستان هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

بلڪل هن مقابلي لاء ڪرڪيٽ جا چاهيندڙ دعائون گهري رهيا هئا۔

پريشر انڊيا سان گڏ پاڪستان تي به آهي۔ پاڪستان اڄ تائين انڊيا کان ورلڊڪپ جي ڪابه ميچ ناهي کٽي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪير پنهنجي اعصابن تي ڪنٽرول ڪري ميچ ٿو کٽي۔

ادا فيصلو ٿي چڪو آهي، وڌيڪ اوهان جي مرضي.
 
Back
Top