• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُر يمن ڪلياڻ

عرس پريو

سينيئر رڪن

ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
 
جواب: سُر يمن ڪلياڻ


ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.


سائين اوهان جو حڪم مليو ته شاھ صاحب جي اشعارن تي بحث ڪجي هي هڪ بهترين جهت جا اسان کي ڪرڻ گهرجي اوهان ونڊ ڪيو ٿا اها به اوهان جي مهرباني پر جي شعر کان بعد ان بحث جي شروعات اوهان پاڻ ڪريو ها ته بهترين ٿئي ها ۔ان عمل کي شروع ڪرڻ کان پهريان آءُ‌ دوستن جي راءِ وٺڻ بهتر ٿو سمجهان ان لاءِ پنهنجي گذارش سنگت آڏو پيش ڪرڻ ٿو چاهيان اميد ته موٽ ملندي پوءِ جيڪو دوستن جو راءِ ملي۔
سائين پهرين ڳالھ ته هي سالڪن ، عاشقن درويشن جو ڪلام آهي هن ڪلام کي هرهڪ پنهنجي پنهنجي ٿانَو قجي حساب سان ماپيندو لازم ناهي ته منهنجي ڪنهن ڳالھ سان ڪو سنگتي سهمت نه هجي ته آءُ اهو سمجهان ته نه جو مون چيو اهو صحيح آهي ۽ جيڪو اڳين چيو سو غلط آهي هن ڪلام تي ڪنهن به دوست جي تشريح حرفِ آخر نه هوندي ان لاءِ جي ڪو پنهنجي حساب سان تعريف ڪندو ته ٻئي ڪنهن کي سمجھ ۾ نه اڄڻ جي بنياد تي ان غط نه چيو ويندو ، ها اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان ان تي بحث ڪريون ان تي تخليقي و تحقيقي و تعميري ودلائل ڏيون

 
Back
Top