23 مارچ، پاڪستان ۽ سنڌ

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]جناب محمد ابراهيم جويي جو اڄ اربعا 23 مارچ، 2011 تي انڊس هيرلڊ کي موڪليل مضمون

    نوٽ، سنڌ سلامت جا دوستو! 23 مارچ جي تاريخ سمجهڻ لاءِ محترم ابراهيم جويي صاحب جو هي ليک پڙهڻ وٽان آهي ۽ پاڪستان ۾ موجود ننڍين قومن جي استحصال جي حقيقي روئداد

    ********
    سر سيد احمد خان، مغل راڄ جو نور نظر، روايتي ملوڪيت پسند، ڌارئي برطانوي راڄ جو ترت ئي پڪو وفادار بڻجي پيو. هو پنهنجي نون آقائن مان فائدي وٺڻ خاطر هندستان ۾ مسلمانن جي علحدگيءَ جو نظريو کڻي نروار ٿيو. 1882ع ۾ لڌيانا، پنجاب ۾ نوجوان شاگردن کي خطاب ڪندي تبليغي لهجي ۾ چيائين: ”ياد رکو ته ڪا قوم حقيقي معنيٰ ۾ قوم ناهي ته اها ڪجهه به ڪانهي. اسلام جي دائري ۾ ماڻهن جي شامل ٿيڻ سان ئي مسلم قوم جڙي ٿي. جيستائين اهي پنهنجي پياري مذهب جي راهه تي هلن ٿا، تيستائين اهي هڪ قوم آهن. ياد رکو ته اوهان کي جيئڻو مرڻو اسلام ۾ آهي ۽ رڳو اسلام جي سربلنديءَ سان ئي چئي سگهون ٿا ته اسان جي قوم واقعي هڪ قوم آهي. پيارا ٻارو، جيڪڏهن ڪو آسمان جو تارو ٿي پوي پر اسلام تي هلڻ ڇڏي ڏئي، ته پوءِ اُهو اسان جي ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ائين هو اسان جي قوم جو فرد به نه ٿو رهي. اسلام جي سربلنديءَ جو مطلب ئي آهي قومي ڀلائي!“ 1

    يارهن سالن کان پوءِ 1893ع ۾ هن لکيو: ”ڪانگريس جون تجويزون (خود-حڪمرانيءَ جي حق ۾) ڪنهن اهڙي ملڪ لاءِ جتي ٻه مختلف قومون آباد هجن بلڪل نامناسب آهن. هاڻ فرض ڪريو ته انگريز هندستان مان هليا ٿا وڃن…. ته پوءِ هندستان جو حڪمران ڪير ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته اهڙين حالتن ۾ ٻه قومون- مسلمان ۽ هندو- هڪڙي ئي تخت تي چڙهي ويهن ۽ اختيارن ۾ برابر هجن! يقينن نه. ضروري آهي ته اُنهن مان هڪڙي قوم ٻيءَ کي زير ڪري مٿس فتح حاصل ڪري. ٻنهي جي برابريءَ جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي“
    سر سيد احمد خان کي هن ڳالهه جو ڪوئي احساس ڪونه هو ته جيڪڏهن مذهبن جا سڀ پيروڪار انهيءَ ئي طريقي سان اڄ پاڻ کي قوم سمجهي ۽ سڏائي هلن، ته دنيا ۾ ڪهڙي قسم جو عالمي معاشرو وجود ۾ ايندو ۽ رهندو

    سر سلطان محمد شاهه آغا خان
    ٻارهن سالن کان پوءِ، 1906ع ۾، عالي جناب سر سلطان محمد شاهه آغا خان، هڪ ٻيو ڄڻو ملوڪيت جو پيدائشي وفادار، حڪومتِ وقت جو طرفدار بڻجي پيو. والا شان لارڊ منٽو جي سڏ تي تقريبن 32 چونڊ مسلم وفادارن جو وفد گڏ ڪيائين، جن ۾ شهزادا، ملڪ، نواب، سردار، جاگيردار ۽ زميندار هئا، تن کي وٺي سِملا ۾ وٽس ويو، ۽ اتي اڳ ۾ ئي تيار ٿيل عرضداشت پڙهي ٻڌايائين، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ووٽ جي سرشتي جي گهر هئي، انهيءَ وقت ڌاري، لارڊ ڪرزن تحت بنگال جي علائقائي تقسيم ناڪام ٿي چڪي هئي، جيڪا هندستان تي سامراجي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيل هئي. ضروري ٿي پيو هو ته هندستان ۾ مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ هڪ پائيدار ويڇو هجي، ته جيئن سياسي اختيارن جي شطرنج جي بساطَ حڪومت وقت جي ئي هٿ وس رهي ۽ مسلمانن ۽ هندن جي سياستَ برطانوي حڪمرانن جي مرضيءَ مطابق رهي. جناب سر آغا خان پنهنجي عرضداشت جي اختتام ۾ جناب وائسراءِ سان هنن عاجزيءَ ۽ شڪر گذاريءَ وارن لفظن سان مخاطب ٿيو: ”هن عرضداشت ۾ ظاهر ڪيل هندستان جي معاملن ۾ اڳڀرائيءَ لاءِ اوهين هن مرحلي تي مسلم راڄ جي مدد ڪري. انهن جي پُختيءَ وفاداريءَ جا بنياد مضبوط ڪندا ۽ هنن جي سياسي اڳڀرائي ۽ قومي خوشحاليءَ جو بنياد وجهندا ۽ اوهان جو نالو هنن جي ايندڙ نسلن تائين شڪر گذاريءَ سان ياد ڪيو ويندو، ۽ اسان کي اميد آهي ته اوهين نوازش فرمائي اسان جي التجائن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيندا….“
    برطانوي انڊيا جي وائسراءِ صاحب، بلاشبه سمورن تڪلفات ۽ کوڙ ساريءَ نوازش سان وفد جي التجا منظور ڪئي، جيئن ائين ڪرڻ لاءِ هو اڳ ۾ ئي تيار ويٺو هو، ڇو ته عرضداشت جي تياري ۽ منجهس ميڙون منٿون ۽ گهُرون هن جي پنهنجي پسند ۽ عين اُمنگن پٽاندر ئي هيون. 3

    سر علامه اقبال
    پنجاب جو ڊاڪٽر سر محمد اقبال، برطانوي سلطنت جي مسلم جانبازن مان ٽيون ڄڻو، جيڪو هندستان ۾ مسلمانن جي مٿئين طبقي جي معزز شخصيت هو، هڪ جڙتو جدت پسند، فهم پسند گهڻگهري شخص کان وڌ مُلپائيءَ ڏانهن مائل، سياسي حلقن ۾ پنهنجي هڪ خطبي ۽ ”خواب“ ڪري اڄ به گهڻو ڄاتو وڃي ٿو، جيڪو هن 1930ع ۾ الله آباد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪڙي اڻپوري ڪورم آڏو پڙهي ٻڌايو هو. هن پنهنجي ان طويل ۽ نهايت ئي جذباتي خطبي ۾ اسلام کي هن انداز ۾ پيش ڪيو هو ته اسلام ”هڪ اخلاقي آئيڊيل، هڪ يقيني قسم جي جڙيل رياست، هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجي نمايان انساني ربط ۽ باطني ايڪتا سان هو… انساني روش جو هڪ سرشتو… هڪ اهڙي تقدير جيڪا ڪڏهن ڪانه جهُرندي… حڪومت سان ٽڪراءُ کائيندڙ دين نه پر هڪ اهڙي رياست جيڪا تعميري تنظيم ۽ قانوني سرشتي سان هلندڙَ جنهن ۾ مخصوص اسلامي روح ڪاربند هو، جنهن انساني ايڪي کي روح ۽ مادي جي دوئيءَ ۾ ٻه ٽڪر نه ٿي ڪيو:… (سچ پچ ته اِنهن ڳالهين سان هو عالم اسلام جو هڪڙو مارٽن لوٿر پئي لڳو)… منجهس يعني اسلام ۾ قرون وسطيٰ واري ڪليسا ڪانه هئي، جنهن تباهي آڻيندڙ مارٽن لوٿر کي ڪوٺ ڏني هئي. اسلام ۾ مادو ئي روح آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ موجود آهي…. اهو هندستان جي مسلمانن جي زندگيءَ ۾ مکيه تشڪيل ڏيندڙ عنصر ٿي رهيو آهي…. شايد هندستان ئي دنيا ۾ اهو واحد ملڪ آهي جتي اسلام جي بهترين ترويج ٿي آهي.“ (!!)….4

    اسلام جي هن سڄي ساري وڻندڙ پيشڪش سان ڊاڪٽر سر محمد اقبال ”هندو- مسلم“ مسئلي جي حل لاءِ تجويزن جو سيٽ کڻي ظاهر ٿيو، جنهن کي هن ”هندستان جو سياسي مسئلو“ ٿي سڏيو- ۽ اهو حل ئي سندس ”وڏو خواب“ ڄاتو وڃي ٿو: هن چيو ته ”يورپي جمهوريت جو اُصول، هندستان ۾ هندستان جي قومي ڌڙن کي تسليم ڪئي بغير لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي…. هندستان اندر مسلمانن لاءِ مسلم انڊيا جي تخليق وارو مسلمانن جو مطالبو بلڪل صحيح آهي…. ذاتي طرح، آءٌ پنجاب، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي هڪڙيءَ رياست جي صورت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. منهنجي گهُر آهي ته اسلام ۽ انڊيا جي بهتر حق ۾ اها مسلم رياست تشڪيل ڏني وڃي

    انڊيا ۾ ان تشڪيل مان مراد آهي اندروني اختيارن جي توازن جي نتيجي ۾ برآمد ٿيل امن ۽ سلامتي…. علاوه ازين، هندستان جي اُتر اولهه وارا مسلمان هندستان لاءِ بيروني حملي يا جارحيت لاءِ بهترين بچاءُ ڪندڙ ثابت ٿيندا، پوءِ اهو حملو ڀلي اُتر- اولهه ]سوويت يونين[ طرفان نظرياتي حملو هجي يا هٿياربند حملو هجي... اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هندستان جي فوج ۾ 62 سيڪڙو پنجاب جا مسلمان شامل آهن
    ....
    ان مُلڪي تشڪيل منجهان مراد آهي 1- اسلام کي ان الزام کان به آجو ڪرڻ جيڪو عرب سامراج جي ڪري ان تي لڳايل آهي، ۽ 2- اسلام جي قانونن، تعليم ۽ ثقافت کي تحرڪ ۾ آڻڻ ۽ اُنهن کي جديد دؤر جي تقاضائن سان قريب تر ڪرڻ.... هندستان جي انيڪ آبهوائن، نسلن، زبانن، تاريخ، مذهب ۽ معاشي مفادن جي پيش نظر، رڳو هڪڙو ئي رستو آهي ته هندستان ۾ اِهو هڪ مستحڪم آئيني جوڙجڪ قائم ڪجي.“(5)ڪيڏي نه استاديءَ واري سندس هيءَ ڳالهه هئي! اِن ۾ سچ پچ ته گروهي مفاد واريءَ هڪ بهترين ڳلٿيبازيءَ جو وڏو حصو پنهنجي مقصد جي حصول تائين پڌرو نظر اچي ٿو، خصوصاً ان جو منڍ ۽ پڇاڙي خاص طور واهه واهه ڪرائڻ لاءِ لاجواب ئي نظر آيو!

    محمد علي جناح
    چوٿين شخصيت سنڌ ڄاول محمد علي جناح جي هئي، جيڪو ڀڙڪو ڏيئي اُڀريو ۽ خود چونڊيل يڪ رخي واٽ واريءَ سياست تي ڇانئجي ويو. مٿس سر آغا خان جي مذهب جو ٺپو برابر لڳل هو، پر بذات خود ڪنهن به فرقي سان تعلق ڪونه ٿي رکيائين، بيروني تعليم يافته، حليو انگريز جينٽلمين وارو، شروع ۾ تقريبن مذهب کان لاتعلق، سرمائيدار جمهوريت پسند، جداگانه ووٽ جي سرشتي تحت مقننه جي سيٽن تي چونڊبو رهيو، پر اُن سرشتي جي خلاف هن هڪ لفظ به نه ڳالهايو…. مختصراً ائين کڻي چئجي ته هو قانون دان هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪيس لاءِ مستقل مقابلو ڪندڙ هو…. انڊين نئشنل ڪانگريس ڇڏي، ۽ پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ پوريءَ سنجيدگيءَ سان 1930ع جي وچ ڌاري شموليت اختيار ڪيائين ۽ آخر تائين ان جي صدارت ماڻيندو رهيو۔

    سياست کي ”اقتدار جي ويڙهه“ ۽ نه ڪنهن ”انصاف يا انصاف پسنديءَ لاءِ جدوجهد“ سان تعبير ڪندي (حوالو: سندس صدارتي خطبو، آڪٽوبر 1937ع، لکنؤ)، هُن نيٺ سر سيد احمد خان جي مسلمانن جي علحدگيءَ واري فارمولي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر سر محمد اقبال جي ٻڌايل نقشي کي اختيار ڪري ورتو،-”پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جو اِلحاق.“ اڳتي هلي انهيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو ته جيئن ”برصغير ۾ مسلمانن جي ٻن وڏن علائقن“ وارو خيال واضح ٿئي- هڪڙو علائقو اهو جيڪو ڊاڪٽر اقبال ٻڌايو ۽ ان سان ”اُتر اولهه انڊيا جي سرزمين ڪشمير، ۽ ٻيو علائقو بنگال صوبو بشمول اُتر اوڀر ۾ واقع آسام جو سلهٽ ضلعو“ جيڪو بنگالي ڳالهائيندڙن تي مشتمل هو۔

    هندستان ۾ هي مسلم اقتدار جو تصور قومن جي حيثيت ۾ جن مان هرهڪ کي بذات خود جدا هڪ وجود هو- يعني پنجابي، ڪشميري، پختون، بلوچي، سنڌي ۽ بنگالي- تن سڀني کي ملائي فقط مذهب جي بنياد تي هڪڙي قوم سڏيو ويو- يعني ”مسلم يا پاڪستاني قوم“، جا بلڪل هڪ نئين ڳالهه هئي. آل انڊيا مسلم ليگ پاڻ ئي مارچ 1940ع واري لاهور رزوليوشن ۾، جنهن کي قرارداد پاڪستان به سڏجي ٿو، انهن مان هرهڪ قوم لاءِ وفاقي رياستن جي صورت ۾ حاڪميت ۽ خود مختياريءَ جو درجو تسليم ڪيو هو- هڪڙي وفاقي رياست اُتر اولهه ۾ ۽ هڪ ٻي خود مختيار رياست هندستان جي اُتر اوڀر ۾. غير مسلم ماڻهن کي ورهاڱي کان پوءِ هندستان جي انهن ٻنهي حصن مان هجرت ڪرڻي ڪانه هئي، نه وري باقي هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن کي پنهنجا پراڻا ڪک ڇڏڻا هئا. اهو سڀ ڪجهه قرارداد پاڪستان ۾ متفقه طور واضح ڪيو ويو هو۔

    حاڪميت ۽ خود مختياري قومن جو بنيادي حق آهي، ۽ ان جو قومن سان واعدو پڻ ڪيو ويندو آهي: قومن جي مساوات جو اصول، آدمشماريءَ ۽ ايراضيءَ جي ڳالهه کان قطع نظر، اهو حق ماڻڻ لاءِ قوم جي سڃاڻپ جو بنيادي شرط آهي. برطانوي پارليامينٽ بذات خود، ڪيترن ئي مرحلن تي، هندستان ۾ بشمول سنڌ، صوبن جي قومي حق کي تسليم ڪيو هو ته هو عام راءِ وسيلي پنهنجي آئيندي جو فيصلو ڪري ۽ ڪهڙي به هڪڙي وفاقي اتحاد سان وڃي ملن.“(6) خود مختياريءَ ۽ حاڪميت جي صاف ۽ سڌي حق جو واعدو سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين اڪائين سان آل انڊيا مسلم ليگ طرفان پاڪستان سان الحاق ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ وقت قبوليو ويو هو. تقريباً آخري گهڙين ۾ بنگال پنهنجي آزاديءَ جو اظهار ڪيو هو ۽ ان جي صوبائي ڪانگريس ۽ ليگ ٻنهي گڏجي آزاديءَ سان رهڻ جي تجويز به پيش ڪئي هئي. جي ايم سيد ته ان طرح سنڌ لاءِ آزاد وطن ۽ آزاد قوم جي گهُرَ کڻي سملا ويو. تقسيم ٿيل بنگال ۽ پنجاب سان هندستان جو ورهاڱو بهرحال اسان جي نصيب ۾ گونگيءَ ڇپ جيئن، جيڪو انگريز پارليامينٽ آخري گهڙيءَ ئي تجويز ڪيو- ۽ ڪانگريس ۽ ليگ جا اڳواڻ ان کي چُوڻو سمجهي چنبڙي پيا ۽ انڌ ۾ اچي انهيءَ کي غنيمت ڄاتو ويو.7

    پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، رويي ۽ مقصد جي نوعيت جا اختلاف وڏيءَ اڪثريت واري پنجاب کان سواءِ صوبن ۾ ظاهر ٿي پيا، ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌنداويا. اهو جهڳڙو ڪيئي سال جاري رهيو ۽ ملڪ جي انتظامي ۽ پارلياماني معاملن ۾ وڏا وڏا لوڏا ايندا رهيا ۽ پوءِ انهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽُٽي به ويو ۽ اوڀر پاڪستان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويو. ٻه وڏيون ”مسلم“ رياستون جيڪي دراصل مسلم ليگ جي مارچ 1940ع واري رزوليوشن ۾ رٿيون ويون هيون، ۽ حقيقي وفاقي جوڙجڪ واريءَ واحد رياست جي مساوي ايڪن سان به ملڪ کي ٽڪرا ٿيڻ کان بچي پئي سگهيو، پر اولهه پاڪستان، ڊاڪٽر سر محمد اقبال جو خوابي دنيا جو ڳانڍاپو، جيڪو اصل ۾ هڪ وحداني رياست قائم ڪرڻ متعلق هو، جنهن ۾ رڳو ”اسلام جي روح جو ئي چرچو ڪافي ٿي ٿيو“، سو سبق سکندي ۽ سيکاريندي ناڪام ٿي ويو، ۽ حسد ۽ آمريت وارو رويو کڻي واحد اڪثريت واري پنجاب جي چوڌرائپ ننڍن ٽن يونٽن مٿان مڙهڻ خاطر، ان جي عددي برتريءَ ۽ گرفت ذريعي جا کيس سول ۽ فوجي اسٽئبلشمينٽ مٿان حاصل هئي، جيڪا کين پنهنجن اڳين آقائن وٽان سچ پچ ته انعام ٿيل ئي هئي، اڃا به اڳتي وڌندي وئي. غير برابريءَ وارن ايڪن جو ڳانڍاپو، هڪ ڌنار جي لٺ هيٺ ”شراڪت ۽ ڀائپيءَ جي قيل و قال“، جو نتيجو ڪمزور ايڪن جي زندگيءَ کي ان تحت خالصتاً دوزخ بڻائڻ جي ئي برابر نڪتو، ۽ اُن ننڍڙن رسدار ايڪن تي مٿان آسمان تي پرواز ڪندڙ، حريصانه نگاهه واري هڪ شڪاري پرندي کي انهن تي گهت هڻي هڪ ٻه چنهنبون هڻڻ تي آماده ئي ٿي رکيو! پاڪستان جي گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران انهن رهيل ٽن ايڪن جِي چوٿين غالب ايڪي هٿان بلڪل اهائي صورتحال رهي آهي
    اِئين سنڌ لاءِ ته خصوصاً اهو هڪ جواب طلب سوال رهيو ته منظر تي مَهُوڙ پاڪستان جي نموداريءَ مان سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڪڏهن ڪهڙو لاڀ پلئه پيو آهي!

    ان تناظر ۾ جيڪي هلتون سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن ايڪن سان روا رکيون ويون آهن، تن جي ختم نه ٿيندڙ ڪهاڻي ٻُڌائڻ لاءِ ڪاغذن سان ميز ڀرجي ويندي. سنڌ جي پُرامن ايڪانيت واري سماج ۾ پاڪستان، اندران ۽ ٻاهران ماڻهن جا ڪٽڪ گهرائي، سندس قومي اڪثريت کي اڌ مئو ڪري، پنهنجي ئي ديس ۾ ان جي حڪمرانيءَ کي غير يقيني بڻايو ويو. زبان ۽ ان جي ثقافت کي ٽئين درجي جي اهميت وارو بڻايو ويو، سندس مادري زبان وسيلي واريءَ تعليم کي نست ۽ ناڪاره ڪيو ويو. پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ سندن عوام کي غربت جي کڏ ۾ اُڇلايو ويو. کين ڳري محصول هيٺ آندو ويو انهيءَ داٻي سان ته مرڪز وٽان پِن جي صورت ۾ کين ملندو کانئن ورتل محصول جو بمشڪل ڇهون حصو. سندن ئي گاديءَ واري شهر ۾ سندن نوجوانن جي ملازمت جي حق کي داءُ تي لڳايو ويو، سندن اهم شهري مرڪزن کي انهن لاءِ پراوا علائقا بڻايو ويو، شهزور سنڌوءَ جي وهڪرن کي بيهاريو ويو. جنهن پٺيان مٿن نالو پيو آهي ۽ جيڪو سندن زندگيءَ جو اهم ذريعو آهي، تنهن جي باقاعده رستي روڪ ڪئي وئي. سندن معاشي ذريعا ۽ سندن زراعت ۽ ڪل معدنيات خطرناڪ حد تائين ڌارين جي قبضي هيٺ آهن! اهو سڀ ڪجهه ان مشڪوڪ ٻه قومي نظرئي مسلم/ هندو جي قربان گاهه جي
    آڙ ۾ ڪيو ويو، ۽ واڌو غضبناڪ ڳالهه اِها ته اُن مقدمي کٽڻ کان فوري بعد مسٽر جناح خود ان نظرئي تان ئي هٿ کڻي ويو، ۽ پنهنجي اصيلن ۾ اها صلاح ڏيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪيائين ته هو ان کي بي سود ۽ بيڪار سمجهي ترڪ ڪري ڇڏين!

    ڊاڪٽر سر محمد اقبال جي پنجاب واري ”الحاق“ واري ڪهاڻيءَ تي وري اچون ٿا، يعني برصغير جي اُتر اولهه ۾ پاڪستان جو باقي بچيل حصو 1971ع ۾ تمطراق سان متحد ٿيو ۽ 1973ع ۾ اُن پنهنجو آئين به بڻائي ورتو. اهو حقيقت ۾ پهريون حقيقي آئين هو، جيڪو
    ”پاڪستان“ کي ڇويهن سالن کان پوءِ مليو هو. سو به رياست جي ٻن ٽڪرن ۾ ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن ته هندستان پنهنجي آزاديءَ کان ٻه اڍائي سال پوءِ ئي آئين جوڙي ورتو هو. انهيءَ دوران، پاڪستان ۾ ٻه دفعا مارشل لا لاڳو ٿيو، پهريون دفعو 1958ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1969ع ۾. ان کان پوءِ به پاڪستان ۾ ٻه دفعا مارشل لا لاڳو ٿيو آهي، 1977ع ۾ ٻارهن سالن لاءِ ۽ 1999ع ۾، جيڪو بنهه ويجهڙ لٿو آهي
    سڀ کان اهم سوال هيءُ آهي ته اڄ ”يوم پاڪستان“ ڪهڙي بنياد تي ملهايو پيو وڃي؟ جڏهن اهو پاڪستان، جنهن جو، تصور 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ ۾ موجود آهي، اهو عمل ۾ ئي نه اچي سگهيو آهي ته پوءِ ان ڏينهن کي ڇو ملهايو پيو وڃي؟ ڇا پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن ۽ تاريخي وطنن، جن سان انهيءَ ٺهراءُ ۾ آزادي ۽ خودمختياريءَ جو واعدو ڪيل هو، ۽ جيڪي اڄ سوڌو انهيءَ واعدي جي پوري نه ٿيڻ سبب غلاميءَ کي پوريءَ شدت سان محسوس ڪن ٿا، کي اهو ياد ڏياريو پيو وڃي ته اوهان جي مٿي تي هٿ ڦيري، اوهان کي ڪيئن نه بيوقوف بڻايو ويو؟! هيءُ ”يوم پاڪستان“ يا ملڪ ٺاهيندڙ آئيني اڪاين کي سندن سادگي ياد ڏيارڻ جو ڏينهن آهي! 23 مارچ 1940ع واري رٿ کي بيناد بڻائي، يوم پاڪستان ملهائڻُ، هن ملڪ ۾ هڪ خاص مراعت يافتا طبقي لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن ٿِي سگهي ٿو، جو انهن ڏاڍ ۽ جبر وسيلي، اهو ڪجهه ماڻيو، جيڪو سندن ذهنن ۾ موجود هو ۽ جنهن جو اظهار ملڪ جي قيام تائين انهن ڪنهن به نه ڪيو، پر ملڪ ۾ شامل قومن ۽ تاريخي وطنن لاءِ ته اڄوڪو ڏينهن ڪنهن سوڳ کان گهٽ نه آهي، هيءُ اهو ئي ڏينهن آهي، جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ، گڏيل هندستان ۾ مسلم اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي آڙ ۾، مسلم اڪثريتي علائقن جي حمايت وسيلي، انگريز سرڪار کان الڳ وطن جي گهر ڪئي. مسلم اڪثريتي علائقن جي حمايت ۽ مدد کان سواءِ انگريز سرڪار هندستان ۾ مسلمان اقليتن لاءِ الڳ وطن کي ڪنهن به خاطر ۾ آڻي ها، انهيءَ ڪري مسلم ليگ اهو ضروري سمجهيو ته مسلم اڪثريتي علائقن جي سياسي حمايت ۽ مدد ماڻڻ لاءِ کين اهو يقين ڏياريو وڃي ته اهي هندستان ۾ هوندا ته انهن مٿان هندو راڄ مڙهيل رهندو ۽ اهي هندو اڪثريت واري ملڪ ۾ پنهنجا قانوني ۽ جائز حق حاصل نه ڪري سگهندا. جڏهن ته انهيءَ سان گڏ مسلم ليگ مسلم اڪثريتي علائقن کي اهو به يقين ٿي ڏياريو ته جيڪڏهن اهي هندستان جي مسلم اقليتن لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪندا ۽ جڏهن انهيءَ ملڪ جو قيام عمل ۾ آيو ته کين مڪمل آزادي ۽ خودمختياري حاصل رهندي، جيڪا کين گڏيل هندستان جي ”هندو راڄ“ ۾ ڪنهن به طرح نصيب نه ٿي سگهندي.

    مسٽر جناح ۽ مسلم ليگ جي انهيءَ زماني جي قيادت هندستان جي مسلم اڪثريت علائقن کي اهڙا خواب پئي ڏيکاريا، جو مسلمانن کي لڳو پئي ته اهي جيڪڏهن مسلمان اقليتن لاءِ گڏيل هندستان ۾ الڳ وطن جي گهر ڪندا ته هر لحاظ کان فائدي ۾ ويندا، انهن جي ذهن ۾
    اها سوچ هئي ته پاڪستان انهن لاءِ ”سونو هار“ ثابت ٿيندو، پر اڳتي هلي اهو، ”سورن جو سڳڙو“ ثابت ٿيو، جڏهن 1940ع واري ٺهراءُ کي مسٽر جناح ”ماضيءَ جو قصو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪي ماڻهون اڃا تائين انهيءَ ٺهراءُ کي چنبڙيا پيا آهن، جيڪو محض انگريزن کان الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گهڙيو ويو هو. مسٽر جناح پاڻ پنهنجن تقريرن ۾ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته 23 مارچ وارو ٺهراءُ هڪ پاليسيءَ هيٺ انگريز سرڪار اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ ان جي پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪابه حيثيت نه رهي هئي. ٻين لفظن ۾ مسٽر جناح اها ڳالهه چئي رهيو هو ته سڀئي صوبائي نوعيت جا خيال ڇڏي، اهو قبول ڪن ته اهي پاڪستاني آهن، ”اسلام“ سندن مذهب آهي ۽ ”اردو“ سندن ٻولي آهي. جناح صاحب انهيءَ ڳالهه کي ورهاڱي کانپوءِ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ورجايو، انهيءَ ڏينهن پاڪستان جي ٽٽڻ جو بنياد پيو.

    جيڪڏهن واقعي به 23 مارچ 1940ع جي ٺهراءُ جي متن ۽ مفهوم کي سمجهڻو آهي ۽ ان جي بنياد تي هن ملڪ کي هلائڻو، آهي ته پوءِ ان لاءِ هيٺين نقطن جو عمل ۾ اچڻ بنهه لازمي آهي
    1
    . صوبن کي ”آزاد“ ۽ ”خود مختيار“ رياستن طور تسليم ڪيو ويندو. صوبا پنهنجي
    مرضيءَ سان وفاق ۾ رهندا ۽ پنهنجي حاڪميت جا جزوي حق رضا خوشيءَ سان ڪنفيڊريشن جي
    آئين ۾ مرڪز کي سونپيندا
    2
    ڪنفيڊريشن کي رياستون جيڪي اختيار سونپينديون، سي هيٺين کاتن تائين محدود هوندا:
    (الف) بچاءُ.
    (ب) پرڏيهي اُمور.
    (ج) ڪرنسي.
    (د) بين الرياست ۽ بين القومي ابلاغ، بشمول مواصلات.
    (ر) معاشي سهڪار ۽ شين جي بين الرياست چُرپُر، بشمول محصول لاڳو ڪرڻ ۽ رياستن ۾
    ٿيندڙ جهڳڙن جو نبيرو.
    (س) ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جون چونڊون
    3
    ڪنفيڊريشن جو سربراهه واري واري سان رياستن مان ٿيندو رهندو، ۽ اُهو رياستن ۽
    ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊيو ويندو
    4
    رياستن ۽ ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز جون چونڊون بالغ حقِ انتخاب تحت ٿينديون, رياستن کي ڪنفيڊرل مجلس قانون ساز ۾ مساوي نمائندگي هوندي
    5
    ڪنفيڊريشن جي حاڪم طرفان ڪنفيڊرل اختياريءَ جو استعمال گڏيل مفادن واري, ڪائونسل (ڪئبينيٽ) وسيلي ڪيو ويندو. ان ڪائونسل کي رياستن طرفان برابريءَ واري نمائندگي هوندي
    6
    محصول لڳائڻ جا اختيار رياستن وٽ هوندا
    7
    مسلح افواج ۽ غير فوجي محڪمن کي هلائڻ لاءِ ۽ انهن جا فرض پورا ڪرڻ ۾، ڪنفيڊريشن فنڊَ جو اهتمام ڪندي، جنهن لاءِ رياستون متفقه فارمولي تحت پنهنجو پنهنجو حصو ڏينديون
    8
    هر رياست کي پنهنجي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ (اپيل لاءِ آخري ڪورٽ) هوندي. هڪ
    ڪنفيڊرل ڪورٽ هوندي، جنهن کي پنهنجي اصل دائري سميت رياستن وچ ۾، رياست ۽ ڪنفيڊريشن وچ ۾، تڪرارن جي نبيري ڪرڻ جو اختيار هوندو، ۽ ڪنفيڊرل حلقي اختيار سان لاڳاپيل معاملن ۾ اپيل جي ٻُڌڻ جو به اختيار هوندو۔

    قومن جو وجود ۾ اچڻ ۽ ٺهڻ
    اِها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان رياست جي ڄمڻ سان هڪ نئين قوم ڄائي آهي، ڄڻ ته قومون ڪنهن جي خواهش يا فرمان سان ڄمي پون ٿيون! نه ئي ڪي حقي ۽ اعليٰ رياستون ڪين مان ڦُٽي يا مٿان ڪٿان ڍِري پونديون آهن. ٻنهي ۾، يعني قوم ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ رشتو ٿئي ٿو، جيڪو وڏيءَ سوچ ۽ ساڃهه وارو هوندو آهي- هڪڙو فطري، هڏ رت وارو، ڌرتيءَ سائُو، ۽ ٻيو ڪوڙو، اوپرو ۽ زورائتو مڙهيل هوندو آهي. هڪ ۾ قوم پنهنجي وجود سان گڏ رياست کي وجود ڏيندي آهي ۽ اُن کي اَڏيندي آهي، جيڪا قوم جو ڀرجهلو ۽ سلامتيءَ جي ضامن هوندي آهي، ۽ ٻي جيڪا قوم تي چَٽي ۽ مٿس ڇِپَ جيئن ڪِريل هوندي آهي ۽ اُها اُن کي چپيندي ۽ اُن جو هڏ رت چٻاڙيندي ۽ چُوسيندي رهندي آهي. فتح ڪيل يا جهانسي ۾ آيل قومن مٿان اِن ٻئي قسم جون رياستون قابض هونديون آهن. قوم انساني اجتماع جو بنهه هڪ انوکو ۽ صدين کان اُسريل، تاريخ جو پچي پڪو ٿيل لقاءُ هجي ٿي، جنهن کي پائدار ۽ سجاڳ وطن ۽ بي بدل ٻولي ۽ اُن جو بي مثل ادب هوندو آهي. پهرينءَ حالت ۾، رياست قوم کي پنهنجو کيڏوڻو ۽ هٿيار بلڪه هڪ ٻانهُن ٻڌو زرخريد غلام سمجهندي آهي، ۽ ٻيءَ حالت ۾ قومَ، رياست کي پنهنجو چئيوانُ ۽ وفادار خادم سمجهندي ۽ ليکيندي آهي
    [/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 23 مارچ، پاڪستان ۽ سنڌ

    سائين نثار مهرباني

    بس ڇا ڪجي اسان لاء ان وقت يعني جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جدوجهد ڪري رهيون هيون ته سواء شهيد الله بخش سومري جي ڪنهن به آزاد ۽ خود مختيار سنڌ جي ڳالھ ڪونه ڪئي۔ شهيد الله بخش ان وقت برطانوي راڻيء سان ملاقات ڪري آزاد سنڌ جي ڳالھ ڪئي هئي پر ڪيئن سندس حڪومت کي ڪيرائي کيس شهيد ڪرايو ويو۔

    پاڪستان سرڪار پنهنجي ئي ٺاهيل قراداد لاهور جي اصولن ۽ شقن تي اڄ تائين عمل ناهي ڪيو۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 23 مارچ، پاڪستان ۽ سنڌ

    لک ٿورا سائين جويي صاحب جا انهن اسان جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي.
    ٿورا ادي نثار صاحب جن جا به جو انهن قيمتي ونڊ شيئر ڪيو.
    واقعي به دوستو جڏهن ان قراداد تي عمل ئي نه ٿو ٿئي ته پوءي هي ڏڻ ڇو پيو ملهايو وڃي؟
    اهو ته اسان سان مذاق ئي ٿي سگهي ٿو پوري قوم سان!!
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 23 مارچ، پاڪستان ۽ سنڌ

    مهرباني سائين نثار صاهب اوهانجي ! اهو سمورو مضمون محمد سليمان وساڻ کي ورائي ورائي پڙهڻ لا عرض ڪندس،۽ پڇڻ جي جسارت ڪندس ته هو ڏسي ته سائين جي ايم سيد مسلم ليگ کان 1940 ع واري ٺهرا سان غداري ڪرڻ واري عمل ڪري 1946 ع ۾ جدا ٿيو هو نه ڪي سيٽن جي ورهاست تي۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: 23 مارچ، پاڪستان ۽ سنڌ

    سائين بهترين ليک آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو