لکندڙ علي قاضي اسان جي اقتداري سياست ايتري Predictable (اڳڪٿيءَ جوڳي) ٿيندي پئي وڃي، جو هاڻ ان بابت ڪي ڳرا ۽ ڳنڀير تجزيا ڪرڻ اجايو ٿو لڳي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ لکيل پنهنجن مضمونن تي نظر وجهان ٿو ته انهن ۾ نواز ليگ جو ايڪشن ۾ اچڻ، عدالتي فرنٽ جو ٻيهر گرم ٿيڻ، سنڌ ڪارڊ جو استعمال وغيره، سوڌو اڪثر معاملن جو ذڪر ٿيل نظر اچي ٿو ۽ انهن سڀني معاملن کان ڳرو معاملو يعني واشنگٽن ۽ راولپنڊيءَ وچ ۾ هلندڙ نرم گرم تعلقات ۽ انهن جو، اسان جي اقتداري سياست تي پوندڙ اثرات بابت به تفصيل سان ذڪر ڪندو آيو آهيان. انهن مضمونن ۾ اڳواٽ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ لاءِ مون نه ڪنهن طوطي کان فال ڪڍرائي هئي ۽ نه ئي مون وٽ ڪو علم نجوم آهي، بلڪه اهي سڀ ڳالهيون ڪامن سينس جي بنياد تي هر اُن ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچي رهيون هونديون، جنهن وٽ ٿورو به ڪامن سينس آهي. دراصل اسان وٽ سويلين حڪومت ۽ فوجي حڪومت ۾ بنيادي فرق اهو هجي ٿو ته فوجي حڪومت ۾ طاقت جو صرف هڪ محور هجي ٿو، يعني اسٽيبلشمينٽ، جيڪا ٻئي ڪنهن سان شروع ۾ طاقت ۾ حصيداري نٿي ڪري، پر ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن اهو آمر سويلين قوتن سان اقتدار share (حصيداري) ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ان جا ڏينهن به پورا ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ ان اڌ فوجي ۽ اڌ سويلين حڪومت بابت ڪامن سينس جي بنياد تي تجزيو ڪرڻ سولو ٿي پئي ٿو، ڇاڪاڻ ته طاقت جو ڪو هڪ محور نٿو رهي پر سويلين حڪومت، ڇاڪاڻ ته پهرئين ڏينهن کان ئي طاقت جي ورڇ واري فارمولي تحت اچي ٿي، تنهن ڪري سندن فيصلا ۽ قدم ڏسي اهو تجزيو ڪرڻ ڏکيو نٿو هجي، ته طاقت جي حصيدار مختلف قوتن ۾ طاقت جي ورڇ جو توازن بگڙجي پيو يا نه. جيتوڻيڪ هڪ آمراڻي ۽ هڪ چونڊيل حڪومت ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هجي ٿو، پر هڪ بنيادي فرق اهو به هجي ٿو ته هڪ آمر جڏهن اقتدار تي قبضو ٿو ڪري ته هو پنهنجي اقتدار سان هر قيمت ۽ هر صورت ۾ چنبڙيل رهڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمر کي اها پڪ نٿي هجي ته اقتدار تان لهڻ بعد ان سان ڪهڙو حشر ٿيندو ۽ ٻيو اهو ته، ان کي اها به پڪ هجي ٿي ته اگر هڪ ڀيرو هو اقتدار تان لٿو ته کيس ٻيهر ڪڏهن به اقتدار نه ملندو، جيئن هن وقت لبيا جو معمر قذافي هزارين ماڻهو ماري به اقتدار سان چنبڙيل رهڻ جي ڪوشش پيو ڪري، پر هڪ چونڊيل حڪومت جو اصولي طور تي اهو مسئلو نٿو هجي، ڇاڪاڻ ته اها چونڊيل حڪومت سياسي پارٽيءَ جي هجي ٿي، جنهن وٽ اها سوچ هجي ٿي ته ان اڄ اگر حڪومت ڇڏي به ڏني ته سڀاڻي وري عوام جي سگهه سان ٻيهر حڪومت ۾ اچي وڃبو. آئون سمجهان ٿو ته آمريتن ۽ جمهوري حڪومتن واري ان بنيادي فرق کي اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ سويلين حڪومتون وساري ويهن ٿيون ۽ سندن خواهش هر صورت ۾ اقتدار سان چنبڙيل رهڻ هوندي آهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري سندن فيصلا ۽ قدم اٻهرائپ وارا ۽ ڪنهن حد تائين فهم کان وانجهيل هجن ٿا، جنهن ڪري انهن بابت وقت کان اڳ اڳڪٿي ڪرڻ يا تجزيو ڪرڻ هروڀرو ڏکيو نٿو هجي. سو ان پس منظر ۾ اگر پاڻ هاڻوڪي اقتداري سياست ۾ هلندڙ رساڪشيءَ جو جائزو وٺنداسين ته نظر اهو ايندو ته موجوده حڪومت هر صورت ۾ پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ٻيون قوتون ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ حڪومت جي رخصتي چاهين ٿيون. ان ڇڪ ڇڪان ۾ ظاهر آهي ته اهو امڪان وڌي وڃي ٿو ته متان رسو ئي نه ٽُٽي پوي، يعني ڪا غير سويلين قوت مداخلت ڪري ۽ وري ڪهاڻي الف، ب کان شروع ٿئي. آئون سمجهان ٿو ته واشنگٽن ۽ راولپنڊيءَ وچ ۾ هلندڙ نرمي گرميءَ وارو مامرو به جلد ئي وڃي هنڌ ڪندو ۽ راولپنڊي ٿوريون شرطون پنهنجيون مڃرائي ۽ وڌيڪ شرطون واشنگٽن جون مڃي وٺندي ۽ واشنگٽن-راولپنڊي تعلقات معمول تي اچي ويندا، جنهن کان پوءِ راولپنڊي پنهنجو پورو ڌيان اسلام آباد تي ڏيندي. ساڳئي ريت عدالتي فرنٽ تان به اڃان مختلف فيصلا اچڻا آهن، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي نواز ليگ جو لانگ مارچ، ڪنهن موقعي تي ايم ڪيو ايم جو حڪومت مان ڌار ٿيڻ، جنرل سيلز ٽيڪس جو لاڳو ٿيڻ ۽ اڃان ڪن ٻين غير معمولي واقعن جو ظهور پذير ٿيڻ، اهڙي ماحول ۾ متوقع آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪا حيرت نه ٿيندي. اقتداري سياست بابت تجزيا لکندي ڪڏهن ڪڏهن نيو سعيد آباد جي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ٺهيل چانهه جي هوٽل تي بوٽ پالش ڪرڻ وارو ٽٽل برش ۽ ميرو ڪپڙو هٿ ۾ کڻي هر ڪنهن کي بوٽ صاف ڪرائڻ لاءِ منٿ ڪندڙ 6 يا 7 سالن جي اُن معصوم ٻار جي صورت منهنجي اکين ۾ تري اچي ٿي، جنهن جي اکين ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو هو ڪرڻ نٿو چاهي. ڪجهه مهينا اڳ سکر مان حيدرآباد ايندي ان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ترسيو هئس، پر ايترا مهينا گذرڻ باوجود اهو ٻار ۽ سندس اکين ۾ موجود بيوسي مون کي هر اُن مهل ياد اچي ٿي، جڏهن آئون جمهوريت، فوجي انقلاب، مفاهمت، مڊٽرم چونڊون وغيره لاءِ سياستدانن جا اخباري بيان پڙهان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ بوٽ پالش کڻي هوٽلن تي ماڻهن جون ڇڙٻون کائيندڙ اهو معصوم اسان جي اقتداري سياست ۾ ايترو Irrelevent (غير واسطيدار) ڇو آهي؟ حڪومت جي تبديليءَ سان ان ٻارڙي جي زندگيءَ ۾ ڪيتري تبديلي ايندي؟ اهو ٻار ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جي ايجنڊا تي آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏينهن رات گذاريندڙ، ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته، منهنجي ان ڳالهه کي هڪ جذباتي ڳالهه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏين، پر منهنجي خيال ۾ جنهن ماڻهوءَ وٽ جذبا نٿا هجن، اهو هڪ ڪاٺ جو ماڻهو هجي ٿو، تنهن ڪري آئون وري اصرار ٿو ڪريان ته اگر نيو سعيد آباد جي هوٽل تي ستن سالن جي عمر ۾ ست سئو مسئلن جو بنڊ مٿي تي کڻي هلندڙ ان ٻار جهڙا هزارين ٻار جيستائين اقتداري سياست ڪندڙن جي ايجنڊا تي نٿا اچن، تيستائين اهڙي سياست عام ماڻهن لاءِ به هڪ کيل تماشي کان وڌيڪ ڪا اهميت اختيار نه ڪري سگهندي. اگر اقتداري راند جي رانديگرن وٽ عام ماڻهوءَ جو درد صرف هڪ جذباتي مسئلو آهي ته پوءِ عام ماڻهن وٽ به حڪومتي بحران ۽ اقتداري سياست سان ڪو جذباتي تعلق ڪيئن جڙي ٿو سگهي؟ اگر ڪنهن جا ڳوڙها توهان لاءِ صرف اکين مان وهندڙ نمڪين پاڻي آهن، ته توهان لاءِ ڪير پنهنجا رت جا ڳوڙها ڇو ڳاڙيندو؟ ڇا اقتداري سياست جو مطلب صرف ٽوڙ جوڙ ڪري چونڊجي اچڻ ۽ پوءِ پنهنجن کي نوازڻ ۽ مخالفن کي ايذائڻ آهي؟ ڇا اقتدار صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ داٻو قائم ڪرڻ جو نالو آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏهاڪن کان ان روش تي هلندڙ آخر پنهنجي سوچ تبديل ڇو نٿا ڪن؟ پر اگر اهي پنهنجي روش تبديل نٿا ڪن ته پوءِ انهن کي چونڊرائيندڙ عام ماڻهو، جيڪي ڏهاڪن کان هيڻي حالتن ۾ آهن، اهي پنهنجي روش ڇو نٿا تبديل ڪن؟ منهنجي نظر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فلسفي ۾ ڀرپور انداز ۾ تبديليءَ جو سڏ ڏنل آهي. هڪ اهڙي سنڌ ٺاهڻ جو سڏ، جيڪا آباد هجي، خوشحال هجي ۽ اهو ئي سبب آهي ته منهنجي نظر ۾ سنڌ جي هر وڏي، ننڍي شهر، هر وڏي ننڍي ڳوٺ، غرض ته يونين ڪائونسل جي سطح تي جيڪي تبديلي پسند آهن، انهن جي گڏجڻ لاءِ سڀني کان موزون هنڌ ڀٽ شاهه آهي، جيئن هڪ ڏينهن سڀ تبديلي پسند شاهه لطيف سان اچي ملون، سندس فلسفي کي ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، ان فلسفي کي پنهنجي مستقبل لاءِ پنهنجو محور بڻايون. لطيف جي واٽ وٺندي تبديليءَ واري واٽ جا پانڌيئڙا بڻجون. آئون ڪو ڀٽائيءَ جو محقق ناهيان، پر منهنجي نظر ۾ شاهه سائين پاڻ خود هڪ تبديلي پسند هئا ۽ سندن فلسفو تبديليءَ جي علامت آهي. سو سوين سال اڳ تبديليءَ جو فهم ڏيندڙ ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي تبديليءَ جي تڙپ رکندڙ لکين ماڻهن جو اهو ميڙاڪو جڏهن به ٿيو، اهو ڏينهن بدليل سنڌ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن سفر جو آغاز هوندو. اهو سفر، جيڪو محبت جو سفر هوندو، جنهن جي پانڌيئڙن جي دلين ۾ خالص جذبو ۽ اکين ۾ خواب هوندو ۽ دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسي وٺو ته جنهن سفر جي پانڌيئڙن وٽ خالص جذبو ۽ خواب هجي، انهن پانڌيئڙن کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان ڪير به روڪي ناهي سگهندو…... اچو ته ڀٽائيءَ جي تصور واري بدليل سنڌ ڳولهي لهون!