• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۾ ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن:گڏيل قومون

پسر شهيد

سينيئر رڪن
ڪاوش نيوز


گڏيل قومون (اي ايف پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان حڪومت ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ شديد مهانگائي جي ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي زندگي ڏکيائين ۾ گذري رهي آهي، گڏيل قومن ۾ پناهگيرن جي عملدار ايلزبت راسموسن چيو آهي ته مختلف ملڪن جا 75 لک ماڻهو قدرتي آفتن سبب لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن. هوڏانهن عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان کي غربت جي خاتمي لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرز فراهم ڪنداسين، عالمي بئنڪ پنهنجي ماهوار پراجيڪٽ آپريشنل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اها رقم پاڪستان کي غربت جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندي
 
جواب: پاڪستان ۾ ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن:گڏيل قومون

ادا اها ته بلڪل حقيقت آهي۔ ته مهانگي غريب عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي۔
عالمي برادري ته پاڪستان کي غربت جي خاتمي لا رقم فراهم ڪندي۔ پر اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو جو هن دور جا هي حاڪم عوام سان سچا ٿيندا؟ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندا۔
بحرحال دعا ڪيو ته هن دور جي هنن حاڪمن کي الله پاڪ هدايت ڏي۔ ته هو عوام سا سچا ٿي هن مهانگائي واري مصيبت کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارين۔
 
جواب: پاڪستان ۾ ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن:گڏيل قومون

ادا اظهر الدين توهان بلڪل سهي آهيو هتي جي عوام کان وڌيڪ هتي جا حاڪم مسطحق آهن جيسي انهن جا پيٽ نٿا ڀرجن تيسي هو عوام لا ڇا ڪندا
 
جواب: پاڪستان ۾ ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن:گڏيل قومون

اها خبر جيتوڻيڪ حقيقت تي مبني آهي پر ان ۾ به گڏيل قومن ۽ مغربي سامراج جي سازش لڪيل آهي۔
 
جواب: پاڪستان ۾ ماڻهو ماني وٺڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن:گڏيل قومون

سائين واقعي صورتحال تمام خراب آهي
پاڻ وارن حڪمرانن کي الله سمجهه ڏئي نه ته هي لاهه ڪڍي ڇڏيندا

غربت ختم ڪرڻ لاء رقم ته ملندي پر غربت ختم ڪان ٿيندي اڃا به وڌي ويندي
ء مليل رقم هلي ويندي هنن جي جيب ۾

الله سائين اسان تي رحم ڪري باقي هنن ته صفا لوڙيهي ڇڏيو آهي۔
ايندڙ وقت اڃا الائي ڪهڙو ايندو

 
Back
Top