ڌاڙيلن خلاف آپريشن سموري سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    گهوٽڪي سميت سنڌ جي اتر وارا علائقا ڏوهارين جي لاءِ ڄڻ ته وڏي پناهه گاهه بڻيل آهن، جتي قانون جو گهٽ ۽ ڏوهارين جو سڪو وڌيڪ هلي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو وڏي وقت کان اهي مطالبا ٿيندا رهيا ته قانون حرڪت ۾ اچي ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا نتيجا اهي نڪتا آهن، جو اتي 12 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 3 زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا آهن. هڪ اهلڪار شهيد ٿيو آهي. گهلپور واري علائقي ۾ گهوٽڪي، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي پوليس اهلڪارن بڪتربند گاڏيون کڻي آپريشن شروع ڪيو. چون ٿا ته ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مقابلو جاري رهيو، جنهن ۾ تر کي تپائيندڙ ڏوهاري شڪست کائي ويٺا.

    جڏهن اسان اتر سنڌ جي حوالي سان ذڪر ڪريون ٿا، تڏهن ازخود اها ڳالهه ذهن تي تري اچي ٿي ته اهو ڄڻ ڪو علائقه غير هجي، جتي ماڻهو سج جي روشني وڃڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ کان گهٻرائيندا هجن. هو گهٻرائين به ڪيئن، ڇاڪاڻ جو اتي هاڻي ته اها صورتحال ٿي وئي آهي، جو اغوا ڪندڙ معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ کان به نٿا مڙن. جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ماڻهن وٽ گهٻرائڻ کان سواءِ بيو ڪهڙو رستو بچي ٿو؟ ڏوهارين جي وحشت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهندي، جو انهن کي جيڪڏهن ڀنگ ادا نه پيو ٿئي ته اهي ماڻهن کي قتل ڪري سندن مائٽن ڏانهن لاش تحفي ۾ پيا موڪلين. ڌاڙيل گردي سنڌ کي هڪ اهڙي مرض وانگر وڪوڙيندي پئي وڃي، جيڪو مرض ڄڻ ته علاج لائق ته هجي، پر ايئن ڪونهي، جڏهن اسان جا ادارا اهڙي قسم جي مرضن جو علاج ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ٿا ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ٿا اچن، جيئن گهوٽڪيءَ ۾ مک ڏوهارين جو خاتمو ٿيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڌاڙيل گردي هڪ اهڙو اشو آهي، جيڪو واقعي به ڪنهن حقيقي آپريشن جي نتيجي ۾ فوري طور تي ختم ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪراچيءَ جي دهشتگردن ۽ ٻهراڙين ۾ اغوا توڙي ڦرن جون وارداتون ڪندڙن ۾ اهو فرق آهي، جو ڪراچيءَ جي معاملن کي وري به سياسي عينڪ سان ڏٺو ٿو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي ٻهراڙين کي ڏسجي ته اتي اسان جي ادارن کي سڀ خبر هجي ٿي. پوليس جي ضلعي هاءِ ڪمان کي سڀ پتو هوندو آهي ته ڪهڙي ڏوهاريءَ کي ڪهڙو ڀوتار پناهه پيو ڏئي، ۽ اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه آهي ته جڏهن ڪو مغوي ڀنگ ڀري آزاد ٿيندو آهي، تڏهن ان بازيابيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن تر جي بااثر ماڻهوءَ جو هٿ هجي ٿو. ڪنهن به مغويءَ جا مائٽ سڌو سنئون ڌاڙيلن سان رابطي ۾ اچي انهن کي پئسا ناهن ڏيندا. جڏهن اسان چئون ٿا ته ”پوليس کي سڀ خبر آهي“ ته ان جو مقصد اهو ڪو ايترو ڏکيو ڪم ڪونهي، جو سنڌ کي ڌاڙيلن کان نجات ڏياري نه سگهجي. سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن آپريشن نه به ڪجي، ۽ رڳو پوليس اختياريون ڏوهارين جي خاتمي لاءِ سچائي ڏيکارين ته سنڌ ڌاڙيلن کان گهڻي قدر صاف ٿي سگهي ٿي. پر اوهان ڀلي آپريشن ڪريو، ۽ سچائيءَ جي کوٽ هوندي ته آپريشن به ڪي نتيجا نه ڏئي سگهندا. اسان ڌاڙيلن خلاف آپريشن واري هن سرگرميءَ جي آجيان ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ جو ڌاڙيل رڳو ماڻهن جي آزارڻ سان تعلق نٿا رکن، پر انهن جو سرگرميون سموري سماجي ڪاروهنوار تي اثرانداز ٿين ٿيون. اوهان ڀلي جاچ ڪري ڏسو، جن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو آزار آهي، جتي ماڻهو ڏوهارين سبب خوف ۾ هجن ٿا، اتي معاشي سرگرميون به گهٽ هجن ٿيون. ماڻهو سج لٿي کان پوءِ ڪو ڪاروبار نٿا ڪري سگهن. ڪنهن ڪم سانگي سفر نٿا ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون ته لازمن متاثر ٿينديون، سماجي ڪاروهنوار کي يقينن ڌڪ رسندو.

    هتي اسان اهڙي آپريشن تي پوليس جي ڪارڪردگي کي مڃتا ڏيڻ سان گڏ اها ڳالهه به ڪنداسين ته انهن آپريشنز ۾ جيڪي اهلڪار شهيد ٿين ٿا، انهن جي پونئيرن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. انهن لاءِ ڪو اهڙو پيڪيج اعلانجي، جو جيڪي اهلڪار واقعي به هڪ جذبي سان ڏوهارين خلاف ويڙهه ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي حوصلا افزائي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڏوهاري رڳو گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڪونهن، انهن سموري سنڌ آزاري رکي آهي، ان ڪري سنڌ جي انهن سمورن علائقن ۾ گرينڊ آپريشن ٿيڻ گهرجن، ۽ اهو ڪو وڏو ٽاسڪ ڪونهي. جيڪڏهن پوليس اختياريون واقعي به ڏوهارين جو خاتمو ڪرڻ چاهين ته اهو مهيني اڌ جو کيل آهي، پوءِ ماڻهو به سک سان گذاريندا ته سنڌ به سکي ٿيندي.

    ڪاوش نيوز
     
  2. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: ڌاڙيلن خلاف آپريشن سموري سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجي!

    بلڪل ادا پوليس سچائي سان ڪم ڪري ته پو امن امان جي صورتحال هر هنڌ برقرار ٿي ويندي۔ پر اڪثر سياڻن جو چوڻ به آهي ۽ اهو سچ به آهي۔ ته
    "سڀ خبر آ پوليس کي"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو