هوئن ته پي ٽي سي ايل وارن جي مهرباني سان سنڌ جي تقريبن هر ضلع ۾ ڊي ايس ايل براڊبينڊ جي سهولت ميسر ڪئي وئي آهي پر پوءِ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ اسان جا ڪيترائي ساٿي وي وائرليس يا پي ٽي سي ايل ڊائل اپ جو استعمال رکي سنڌ سلامت تي وزٽ ڪندا آهن۔۔۔۔ انهن سڀني دوستن بشمول ڊي ايس ايل رکندڙن لاءِ هڪ ننڍڙي ٽِپ حاضر آهي۔۔ هي هڪ آسان ۽ منفرد طريقو آهي ۔۔۔۔ سڀ کان پهريان سٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري RUN پروگرام کوليو۔۔۔۔ جتي system.ini ٽائيپ ڪري OK پريس ڪريو۔۔۔۔ توهان جي سامهون system.ini فائيل نوٽ پيڊ ۾ کلي ويندي۔۔۔۔ هن فائيل ۾ ڪمپيوٽر لاءِ ڪجهه حڪمَ ڏنل هوندا آهن۔۔۔ توهان آخري لائين (CGA40WOA.FON=CGA40WOA.FON) جي آخر ۾ ڪيبورڊ جي مدد سان انٽر دٻائي هيٺيان اکر ٽائيپ ڪريو تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔۔ page buffer=1000000Tbps load=1000000Tbps Download=1000000Tbps save=1000000Tbps back=1000000Tbps search=1000000Tbps sound=1000000Tbps webcam=1000000Tbps voice=1000000Tbps faxmodemfast=1000000Tbps update=1000000Tbps speaker=1000000Tbps view=1000000Tbps picture=1000000Tbps image=1000000Tbps فائيل کي محفوظ ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪري وٺو ۽ پوءِ نتيجو ڏسو۔۔۔۔ انٽرنيٽ تيز نه پر تيز رفتار ٿي ويندي۔۔۔۔ پاڻ به مزو وٺو ۽ دوستن کي ٻڌايو۔۔۔۔ گڏ مون کي به دعا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
اڙي ادا شال ڀلو ٿئي ڏاڍي ڪم جي ڳالهه ڏسي اٿئي هتي اسان ته سنڌ سلامت فورم کولي کولي ٿڪجي پوندا آهيون پو ڪيڏي مهل سيٽ جو خير نه هوندو آ ته ڪنهن مهل پنهجي مٿي جو
ادا وهاب واقعي ڪلهه توهان بيچين هئا مون سمجهيو پئي ته توهان جي پيٽ ۾ وَڪَڙَ آهن پر هاڻي خبر پئي ته اها توهان کي ادي رشيد جي شيئرنگ جو انتظار هو hall charihall chari suhnan saan sindhsalamatsaathsal
ادا رشيد سمون صاحب توهان ڳالهه ( نيٽ جي اسپيڊ وڌائڻ ) ته ڏاڍي سٺي ڪئي آهي پر جڏهن مان هن کي استمعا ل ڪري ڏسان ته واهه واهه ڪندس نه ته ماشاالله
تمام زبردست ادا رشيد، پر لڳي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي اڄ ڪلھه سيٽ توهان سنڀالي ويٺا آهيو، يار ٿورو موقعو اسان جي پراڻي ڪاريؓگر کي به ڏيو ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ سائين لاجواب شيئرنگ بهترين ٽپ اوهان شيئر ڪئي آهي۔ اسان اِها ٽپ آزمائي چڪا آهيون۔ سائين شيئر ڪرڻ جي مهرباني
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ ير مون وٽ قيو بي يو ايس بي ۾ نيٽ تمام سٺي هلي پئي ڪراچي ۾ باقي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته اها ٽپ ضرور آزمائبي ان شاء الله
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ ادا اها ٽپ ونڊوز سيون ۾ ڪم نٿي ڪري ادا اسان جي ڪم جي ئي ناهي ڇو ته ان ڪوڊ کي وندوز ريجيڪٽ ڪري ٿو ڇڏي
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ سائين ائين چوڻ ته ٽپ ڪم جي ئي نه آهي زيادتي چئبي متان ڪو دوست روشني وجهي
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ ادا مون ائين ناهي چيو ته ڪم جي ناهي پر اهو چيو آهي ته اسان جي (مطلب مهنجي )ڪم جي ناهي ڇو ته ونڊوز سيون ۾ ڪم نٿي ڪري ۽ مون وٽ وندوز سيون آهي باقي ٻين دوستن جي ڪم آئي آهي اها ته مون کي خبر آهي ۔ ادا اسان جهونن جي ڳاله سمجهڻ به ته جهونن جو ڪم آهي اوهان نوجوانن کي ڪٿي سمجه ايندي اسان جي ڳاله وري به يار جهونا آهيون سڀ جا نوڪر سو ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ نه ادا طاهر اهڙي ڳاله نه آهي غلطين جو گهر ته اسان آهيون ادا مولا اوهان کي خوش رکي
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ سائن قبلا اوهان جا لک ٿورا واقعي هاڻي اسپيڊ وڌي وئي آهي۔ مهرباني اوهان جي
جواب: انٽرنيٽ جي رفتار ۾ اضافو ڪريو۔۔۔۔۔ ادا شيئرنگ ته تمام سٺي آهي ،،، مان به ڊائيل اپ بنائي ٿورو چيڪ ڪيان ته ڳالهه ۾ ڌم آهي يا نه۔۔۔ ورنه ادا پيسه واپس ڏيڻا پوندا۔۔۔۔۔:x ~o) :bz