• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصالحي وارو گوشت

پسر شهيد

سينيئر رڪن
شيون: گوشت اڌ ڪلو، گيهه اڌ پاءُ، بصر هڪ پاءُ، ڏهي هڪ پاءُ، ٿوم ضرورت موجب، ڳاڙها مرچ هڪ ڇٽانگ، ادرڪ اڌ ڇٽانگ، لوڻ ذائقي موجب. طريقو: هڪ پليٽ يا ڪنهن به ٿانو ۾ بصر ٿلها ٿلها ڪترا ڪٽي وٺو، هاڻ هڪ ديڳڙي ۾ ٿورو گيهه گرم ڪريو، پوءِ بصر وجهي هلڪو گلابي ٿيڻ ڏيو ۽ پوءِ ادرڪ۽ ٿوم کي پيهي ان ديڳڙي ۾ وجهو ۽ ڪجهه ئي سيڪنڊن کانپوءِ گوشت به وجهي ڇڏيو، پوءِ ڳاڙها مرچ ڪتري ڏهي به وجهي ڇڏيو ۽ 5 منٽن تائين چڱي طرح چمچو هلايو ۽ پوءِ ٿورو گيهه ٻيو به وجهي ڇڏيو، هاڻ ديڳڙي کي ڍڪي هلڪي باهه تي رکو، جڏهن گيهه مٿي اچي وڃي ته ديڳڙي کي چلهه تان لاهي وٺو ۽ کائڻ جي تياري ڪريو.

ڪاوش نازڪ
 
Back
Top