جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    يونيورسٽي آف ٽوڪيو جاپان جي وڏي ريسرچ يونيورسٽي آهي، جيڪا ٽوڪيو ۾ آهي، هن يونيورسٽي ۾ 10 فيڪلٽيون آهن، جنهن ۾ ٽوٽل 30 هزار شاگرد پڙهن ٿا، انهن مان 21 سئو شاگرد غير ملڪي آهن، هن يونيورسٽي ۾ پنج ڪئمپس آهن، جن ۾ هنگو، ڪومبا، ڪشيوا، شروڪين، نڪينو شامل آهن، هن کي جاپان جي بهترين يونيورسٽي ڪوٺيو وڃي ٿو، هي ايشيا جي وڏي رينڪنگ تي ٻڌل يونيورسٽي آهي ۽ اڪيڊمڪ رينڪنگ آف ورلڊ يونيورسٽين مطابق سال 2010ع ۾ هي يونيورسٽي 20 هين نمبر تي آهي. هن يونيورسٽي جو قيام سال 1877ع ۾ ٿيو، سال 1886ع ۾ امپيريل يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو ۽ پوءِ سال 1947ع ۾ ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي هارائڻ کانپوءِ هن يونيورسٽي ۾ سال 1949ع ۾ نئين سسٽم جي شروعات ڪئي وئي، ٽوڪيو جي امپيريل يونيورسٽي جي ضد طور ڪم ڪندڙ ڪيڪوچي ديروڪو جاپان جي تعليمي ڍانچي ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سال 1964ع ۾ سمر اولمپڪ ۾ هن يونيورسٽي ميزباني ڪئي هئي. هن يونيورسٽي ۾ ڪيترائي گريجوئيٽ اسڪول آهن، جڏهن ته يونيورسٽي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽس ۾ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنس، ارٿ ڪوئڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ، انسٽيٽيوٽ آف اورينٽيئل ڪلچر، انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنس، انسٽيٽيوٽ آف انڊسٽريل سائنس، هيسٽرو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ، انسٽيٽيوٽ آف ماليڪيولر اينڊ سيليورل بائيو سائنس، انسٽيٽيوٽ آف ڪوسمڪ ريسرچ، انسٽيٽيوٽ فار سالڊ اسٽيٽ فزڪس، ايٽمسافيئر اينڊ اوشن ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ريسرچ سينٽر فار ايڊوانس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شامل آهن. جڏهن ته ڪئمپسز ۾ هنگو ڪئمپس مائڊا فيملي جي پراڻي اسٽيٽ تي ٺاهيو ويو آهي، هي ڪاگا صوبي ۾ آهي، يونيورسٽي جي نشاني گنڪگو جا پن آهن. اهڙي طرح يونيورسٽي جي پنجن ڪئمپس مان هڪ ڪئمپس ڪومبا به آهي، هن ۾ سائنس ۽ آرٽ، گريجوئيٽ اسڪول آف آرٽ اينڊ سائنس، گريجوئيٽ اسڪول آف ميٿاميٽيڪل سائنس، ان کانسواءِ ڪيتريون ئي ايڊوانس ريسرچ فيڪلٽيون هن سان لاڳاپيل آهن، يونيورسٽي آف ٽوڪيو جاپان جي واحد يونيورسٽي آهي، جيڪا شاگردن کي اسپيشل فيلڊ ۾ تعليم پرائڻ کان پهرين ٻه سال جرنل تعليم ڏئي ٿي، هن ڪئمپس کي ريسرچ لاءِ ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس ڪيو ويو آهي ۽ اهو تعليم ۽ سائنس جي وزارت طرفان ڪيو ويو آهي، هن ۾ هينئر 7 هزار شاگرد جرنل تعليم جي ڪورس لاءِ انرولڊ ٿيل آهن ۽ ڪل 450 شاگرد سائنس ۽ آرٽ ڪاليج ۾ اسپيشلائيز ڪري رهيا آهن ۽ 14 سئو گريجوئيٽ شاگرد ايڊوانس تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.


    ڪاوش نيوز
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي

    جاپان وارن کي شاباس آهي جيڪي سڄي دنيا کي علم جي روشني ڏئي رهيا آهن۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي

    ادا پسر بهترين معلومات لاءِ ٿورا۔
     
  4. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي

    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو