سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ايوارڊ ڏيڻ وارو سلسلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ايوارڊ ڏيڻ وارو سلسلو
    زرار پيرزادو


    [justify]سنڌين ۽ پنجابين جي نفسيات جو اهو پهلو ڪيڏو نه عجيب ۽ ويچار جوڳو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو ڪو صحافي، اديب ۽ دانشور حڪومت جي ويجهو رهيو يا ڪو عهدو ورتو ته مجموعي طور اهو تاثر جڙندو آهي ته اهو صحافي، اديب يا دانشور وڪامجي ويو آهي، جڏهن ته ڪو پنجابي صحافي اديب يا دانشور جيڪڏهن حڪومت جي ويجهو هوندو يا ڪو حڪومتي عهدو ماڻيندو ته اهو ڪامياب ترين صحافي، اديب يا دانشور سمجهيو ۽ ڄاتو ويندو آهي.

    سنڌين جي ان نفسيات جو يقينن اهو ئي پس منظر آهي ته رياستي ادارن پاران سنڌ ۽ سنڌين جي آئيني، قانوني ۽ جمهوري حقن تي جيئن ته راتاهو هنيو پئي ويو آهي ان ڪري اهڙين حڪومتن ۽ اهڙن حڪمرانن کي سنڌي ماڻهو ”سنڌ دشمن“ سمجهندا آهن.

    سنڌين کي سندن حقيقي نمائندگي ڪندڙ حڪومت يا حڪمران جيئن ته هن ملڪي تاريخ ۾ ناهن ملي سگهيا تنهن ڪري انهن ۾ حڪومت ۽ حڪمرانن جي ويجهو ٿيڻ يا ڪو حڪومتي عهدو وٺڻ جي ڪا تمنا ته ٺهيو الٽو ان کي پنهنجي لاءِ هڪ خواري ۽ غداري سمجهندا آهن.

    ان ڪري سنڌ جا محب وطن، ڪميٽيڊ ۽ غيرت مند صحافي، اديب ۽ دانشور وغيره سنڌي عوام جي حقيقي نمائندگي نه ڪندڙ رياستي ادارن ۽ حڪمرانن کان ڪو ايوارڊ وٺڻ يا ڪو وڏو عهدو وٺڻ کان لهرائيندا آهن.

    انهيءَ پس منظر لڳي ٿو ته سڄاڻ سنڌين جي نفسيات تي گهرو اثر وجهي ڇڏيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن ۾ ”ايوارڊن“ ماڻڻ جي گهٽ ۾ گهٽ ڪا وڏي بيماري ناهي، ايوارڊ مليو ته ڇا ۽ نه مليو ته ڇا؟

    ۽ شايد ان پس منظر کي ذهن ۾ رکندي سنڌ ترقي پسند پارٽي هر سال 21 مارچ تي ”يوم مادر وطن“ ملهائڻ وقت سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ مختلف شعبن ۾ پتوڙيندڙ ۽ پاڻ ملهائيندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏئي خاص ڪري انهن ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته جيڪڏهن اوهان رياستي حڪومتن کان ايوارڊ نٿا وٺو ته ازالي لاءِ اسان جو غريباڻو ايوارڊ اوهان لاءِ حاضر آهي.

    سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ هن ڀيري سنڌ جي ليجنڊ رسول بخش پليجي کي پارٽي لاڳاپن کان مٿانهون ٿي ڪري ”لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏئي ڪري تمام وڏو ساراهه ۽ اخلاقي جرئت جو ڪم ڪيو آهي.

    پر پوين ٻن سالن کان سنڌ ترقي پسند پارٽي صحافت جي ميدان ۾ حيرت انگيز طور تي سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي صحافين جي همت افزائي ڪرڻ بدران انهن غير سنڌي صحافين کي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، جن جو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ قلمي جدوجهد جو ڪو فخر جوڳو پروفائيل به ناهي.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پوئين سال صحافت ۾ مظهر عباس ۽ هن سال طلعت حسين کي ايوارڊ ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اُميد آهي ته ڊاڪٽر شاهد مسعود، ڪامران خان ۽ حامد مير وغيره کي به ايندڙ سالن ۾ اهڙن ايوارڊن سان نوازيو ويندو
    [/justify]

    روزانه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو