عرس پريو
سينيئر رڪن
يوسف شاهين
نه لُڇن، نه ڪُڇن، اهڙا اٿيئي
گم آهن گهر ۾، سي ساڄن سڀيئي
تنين ڪاڻ ويهي، ڪهڙي ڪيان هت ڳالهڙي.
ڳالهه ڳجهائتي، ويڙهي مون ويئي
پُڇان پاڻ کان، پاڻا منجهه پيهي
ڇو سور سڀيئي، پلئه سنڌ پيا.
ڳالهه سنڌي سور جي، ڪيان هت ڪيئن؟
جان اوريان اندر کي، تان تکا ٿين تيئن
اهڙا ڏکيا ڏينهن، ويندا ڪڏهِ ونءُ ٿي.
هي جي ماري ميسڻا، وڏا وجهن ويرَ
مَنَ تنين جي ميرَ، ڌوٻين کان نه ڌوپجي.
ڪيان ته ڪيئن ڪيان، هيڻن سين احوالَ
ڪري ترڪ تالَ، کڳيون هڻندا کوٻلا.
ڏنءُ لهي هن ڏيههَ تان، ڏُکَ پُون ڏري
هر هر اها هانءَ تي، اچي ڳالهه تري
ته ويڙهيچا وري، شل سکيا ڏسن ڏينهڙا.
هيئين سين هنڊاءِ، منهنجي ڳالهه ڳنوارَ
جي ڏاڍي ڏهه مٿا، ته هيڻين آهن هزار
ڇڏ تِر تِر ۽ تڪرارَ، لاهِ لوڙائو.
نه لُڇن، نه ڪُڇن، اهڙا اٿيئي
گم آهن گهر ۾، سي ساڄن سڀيئي
تنين ڪاڻ ويهي، ڪهڙي ڪيان هت ڳالهڙي.
ڳالهه ڳجهائتي، ويڙهي مون ويئي
پُڇان پاڻ کان، پاڻا منجهه پيهي
ڇو سور سڀيئي، پلئه سنڌ پيا.
ڳالهه سنڌي سور جي، ڪيان هت ڪيئن؟
جان اوريان اندر کي، تان تکا ٿين تيئن
اهڙا ڏکيا ڏينهن، ويندا ڪڏهِ ونءُ ٿي.
هي جي ماري ميسڻا، وڏا وجهن ويرَ
مَنَ تنين جي ميرَ، ڌوٻين کان نه ڌوپجي.
ڪيان ته ڪيئن ڪيان، هيڻن سين احوالَ
ڪري ترڪ تالَ، کڳيون هڻندا کوٻلا.
ڏنءُ لهي هن ڏيههَ تان، ڏُکَ پُون ڏري
هر هر اها هانءَ تي، اچي ڳالهه تري
ته ويڙهيچا وري، شل سکيا ڏسن ڏينهڙا.
هيئين سين هنڊاءِ، منهنجي ڳالهه ڳنوارَ
جي ڏاڍي ڏهه مٿا، ته هيڻين آهن هزار
ڇڏ تِر تِر ۽ تڪرارَ، لاهِ لوڙائو.