
دنيا ۾ هر سال سيڪڙن جي تعداد ۾ معزور ماڻهون پيدا ٿيندا آهن۔۔۔ پر انهن مان ڪيترا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي بلند حوصلي ۽ مضبوط قوت ارادي سان جسماني معزوري کي مجبوري بنجڻ نه ڏيندا آهن۔۔۔ اهڙا ماڻهون صحيح معني ۾ زندگي سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن۔۔۔۔ڇو ته انهن کي عام ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏسڻو پيو پوي۔۔۔۔
هي عورت آهي ڪولوراڊو (آمريڪا) جي مسز روز هي پنهنجي اڌوري جسم سان هن دنيا ۾ آئي پر هن دنيا کي ٻه مڪمل جسم سان ٻار ڏنا آهن ۔۔۔ پاڻ 1997 ۾ ڊيو سيگنز سان شادي ڪيائين جيڪو آٽو پارٽ جي دڪان تي ڪم ڪندو آهي۔۔۔ ۽ ڇو ته سندن دوستي فون تان ٿي هئي ان لاءِ ٻنهي جي محبت عروج تي پهچي شادي ۾ تبديل ٿي وئي ڊيو سيگنز جو چوڻ آهي ته کيس ڪو به پڇتاء نه آهي ۔۔۔۔
اڄ به روز ڊيو سان خوش و خرم انداز ۾ زندگي گذاري رهي آهي ۔۔۔۔ روز پنهنجي لاءِ هڪ خاص قسم واري اسڪيٽنگ ٽائيپ گاڏي ٺهرائي آهي جنهنجي مدد سان هو گهمي ڦري سگهي ٿي۔۔۔ اها هر ويڪ اينڊ تي پنهنجي ٻارن سان گڏ ويجهو واري پارڪ ۾ ويندي آهي گهر جو سمورو ڪم ۽ سموري خريداري ڊيو سان گڏجي ڪندي آهي جنهن مان ٻنهي جي محبت ۽ خود اعتمادي جو ثبوت ملي ٿو۔۔۔۔۔۔

