عرس پريو
سينيئر رڪن
اياز گل
هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄ ڪلهه.
مِرُون ڀي ڪين ٿيڻ چاهي آدمي اَڄ ڪلهه.
کِڙي ٿو چَنڊُ ۽ سورجُ به روزُ نِڪري ٿو،
مگر ٿئي ئي نٿي پوءِ به روشني اَڄ ڪلهه.
کُلي به روئجي ته پَڇتاءُ، گهٽِ ٿئي ئي نٿو!
کِلي به ڪين ٿئي ٿي، دِلي خوشي اَڄ ڪلهه.
شهرَ ۾، ڳوٺَ ۾، واهڻَ ۾، هُوءَ ملي ئي نٿي،
ڪٿي ڪٿي نٿو ڳوليان مان، زندگي اَڄ ڪلهه.
اسان، اوهان کي ائين ڀي ڪڏهن وَڻيا آهيون؟
نٿي وَڻي جي، مڙيئي خير شاعري اَڄ ڪلهه.
سدائين پيرَ ڪڍڻ جو ئي ڊَپُ رهي هر دَم،
اها به ڪهڙي ڀلا آهي دوستي اڄ ڪلهه؟.
اسان کي ڪهڙي پئي آ، جو سچُ ڳالهايون!؟.
سڪونَ سان ٿا ڪيون پاڻَ، نوڪري اَڄ ڪلهه.
هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄ ڪلهه.
مِرُون ڀي ڪين ٿيڻ چاهي آدمي اَڄ ڪلهه.
کِڙي ٿو چَنڊُ ۽ سورجُ به روزُ نِڪري ٿو،
مگر ٿئي ئي نٿي پوءِ به روشني اَڄ ڪلهه.
کُلي به روئجي ته پَڇتاءُ، گهٽِ ٿئي ئي نٿو!
کِلي به ڪين ٿئي ٿي، دِلي خوشي اَڄ ڪلهه.
شهرَ ۾، ڳوٺَ ۾، واهڻَ ۾، هُوءَ ملي ئي نٿي،
ڪٿي ڪٿي نٿو ڳوليان مان، زندگي اَڄ ڪلهه.
اسان، اوهان کي ائين ڀي ڪڏهن وَڻيا آهيون؟
نٿي وَڻي جي، مڙيئي خير شاعري اَڄ ڪلهه.
سدائين پيرَ ڪڍڻ جو ئي ڊَپُ رهي هر دَم،
اها به ڪهڙي ڀلا آهي دوستي اڄ ڪلهه؟.
اسان کي ڪهڙي پئي آ، جو سچُ ڳالهايون!؟.
سڪونَ سان ٿا ڪيون پاڻَ، نوڪري اَڄ ڪلهه.