اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون سائين ادا عرس پريو صاحب جو حڪم مليو ته شاھ صاحب جي اشعارن تي بحث ڪجي هي هڪ بهترين جهت جا اسان کي ڪرڻ گهرجي ۔ان عمل کي شروع ڪرڻ کان پهريان آءُ دوستن جي راءِ وٺڻ بهتر ٿو سمجهان ان لاءِ پنهنجي گذارش سنگت آڏو پيش ڪرڻ ٿو چاهيان اميد ته موٽ ملندي پوءِ جيڪو دوستن جو راءِ ملي۔ سائين پهرين ڳالھ ته هي سالڪن ، عاشقن درويشن جو ڪلام آهي هن ڪلام کي هرهڪ پنهنجي پنهنجي ٿانَو قجي حساب سان ماپيندو لازم ناهي ته منهنجي ڪنهن ڳالھ سان ڪو سنگتي سهمت نه هجي ته آءُ اهو سمجهان ته نه جو مون چيو اهو صحيح آهي ۽ جيڪو اڳين چيو سو غلط آهي هن ڪلام تي ڪنهن به دوست جي تشريح حرفِ آخر نه هوندي ان لاءِ جي ڪو پنهنجي حساب سان تعريف ڪندو ته ٻئي ڪنهن کي سمجھ ۾ نه اڄڻ جي بنياد تي ان غط نه چيو ويندو ، ها اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان ان تي بحث ڪريون ان تي تخليقي و تحقيقي و تعميري ودلائل ڏيون
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون سائين مهرباني جو اسان جي عرض کي موٽ ڏني، هت ڏاها، سلجهيل، ءاديب دوست ويٺا آهن، اسان جو مقصد ته ڪجهه پرائڻ اهي انهن جي بحث ڪرڻ سان ڪافي ڄاڻ ملي پوندي، هر ڪو پنهنجي پنهنجي سمجهه ء علم سان ڳالهه سمجهائيندو من ڪنهن جي ڳالهه پلئه پئجي وڃي حقيقت اها آهي ته شاهه سائين جي شاعري سمجهي پڙهڻ سان دلي سڪون ملي ٿو، شاهه سائين جو هڪڙو شعر به سمجهي ويا سين ته وڏي ڳالهه آهي شروعات آهي الله سائين اسان کي سمجهه عطا فرمائي
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون سائين آءُ اوهان جي ڏنل شعر جو موضوع تيار ٿو ڪريان انشاءِ الله جلد ان کي شايع ڪندس
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون بسم الله دوستو! اسين اوهانجي ڏنل بيت ۽ سمجهاڻيءَ کي پنهنجي لاءِ غنيمت سمجهنداسون ۔۔۔ بيشڪ لطيف سرڪار جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، اسين اوهان سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ گڏ آهيون، اميد ته سڀ دوست هن ڪار خئير ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا ۔۔۔۔ اوهان دوستن هن ڌاڳي ۾ هن وقت تائين ڪو به بيت يا وائي پيش نه ڪئِ آهي، انڪري آءُ شروعات ٿو ڪريان ۔۔۔۔ تون حبيب تون طبيب، تون دردن جي دوا، جانب! منهنــجي جـــيءَ ۾ آزار جــا انــواع، صاحب! ڏي شفـــا! ميـــان مــريضــن کـي۔ سر يمن ڪلياڻ مٿئين بيت ۾ لطيف سرڪار سهڻي ۽ مڪمل دعا گهري آهي، دعا گهرڻ جو سڀ کان پهريون اصول آهي خلقڻهار جي ثناء ۽ تعريف، انڪري هن بيت ۾ لطيف سرڪار رب پاڪ کي پنهنجو حبيب يا پيارو دوست ۽ طبيب، هر مرض کي ڄاڻندڙ ۽ ان جي علاج جو ڄاڻندڙ ڄاڻائي خلقڻهار جي ثناء ڪئي آهي، دعا گهرڻ جو ٻيو اصول آهي پنهنجي گهٽتائي ۽ پنهنجي مشڪل بيان ڪرڻ هوندو آهي، هن بيت جي بي سٽ ۾ لطيف سرڪار پنهنجي اندر ۾ موجود شيطاني بيمارين جو ّذڪر ڪيو آهي، پنهنجي ڪمزوري ظاهر ڪئي آهي ۽ پنهنجي جسم ۾ ڪيترن ئي قسمن جي کوٽ جو ذڪر ڪيو آهي، دعا گهرڻ جو ٽيون اصول آهي، رب پاڪ کان پنڻ، گهرڻ، هن بيت ۾ لطيف سرڪار آخري سٽ ۾ پڻ ڌڻيءَ کان هٿ کڻي اها دعا گهري آهي ته مريضن (روحاني يا جسماني) کي شفا ملي، ڇوٽڪارو ملي ۔۔۔ لطيف جي لفظن ۾ اسين به دعا گهرون ٿا ته؛ ”اي پروردگار اسانجي رهنمائي فرمائي سڌي ۽ پرهيزگاريءَ واري راهه تي هلائي روحاني ۽ جسماني مرض ختم ڪري“ ۔۔۔۔ آمين
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون سائين ڏاڏل، ادا عرس ۽ سائين نثار اوهان جي ڪوششن کي سلام آهي انشاء الله لطيف سرڪار جي ڪلام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون ۽ اوهان دوستن کان سکنداسين۔ سائين نثار لک ٿورا اوهان شروعات ڪئي آهي سابه سُر يمن ڪلياڻ مان۔
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون [justify] سائين لک لائق اسانجي مشين به ٺيڪ ٿي آهي دعا ڪريو ته ڪجه عرصو ڪڍي وڃي انهي سر يمن ڪلياڻ کان اسان به شروع ٿا ڪريون اميد ته اسان جي اصلاح ڪند ا مهرباني سائين [/justify]
جواب: اچو ته شاھ صاحب کي سمجهڻ جو جُهد ڪريون مٺڙا دوست ڏاڏل سائين، بسم الله ڪريو ۔۔۔ اميد ته اوهانجي مشين پڻ ان ڪار خئير ۾ حصي وٺڻ سبب گهڻو عرصو هلي ويندي ۔۔۔ ”نيت صاف مراد حاصل“ اوهانجو بيت پڙهيو آهي، سٺي محنت ڪئي اٿوَ ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔