غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو. مون ڏٺو آهي ۽ اها حقيقت به آهي ته غريب هميشه خُددار ٿيندو آهي. اسان جي سماج ۾ غريب کي ڇا ٿو سمجهو وڃي، ڪهڙي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي....اُهو ڪنهن کان لڪيل يا ڳُهجو نه آهي. غريب پورهيت جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ نه هجي ته تقريبن اسان جي معاشري جو سڄو ڪم ٺپ ٿي وڃي. ڪيئن ٺپ ٿي ويندو.؟ ان جو وڏو مثال اوهان جي سامهون آهي...غريب هاري. اسان جي سنڌ ۾ جيترا ظلم غريب سنڌين سان ٿيا آهن...اُهي شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ ٿيا هجن يا ٿيندا هجن. غريب سان ٿيل ظلم جو ڪو به اسان وٺ انگ اکر نه آهي. اسان جي سنڌ اڳئي پوئتي...پر ان کان به وڌيڪ رکيو ويو آهي..اسان جي غريب سنڌين کي...آخر ڇو.؟ سياڻن جو پهاڪو آهي، مک هميشه سڻڀ تي ويندي آهي، اهڙي طرح اسان جو شاھي اميري تبقو....سڻڀ جي ڪڍ آهي...ان کي آس پاس ۾..غريب اڻڀا ٿا لڳن. اوهان ڏٺو هوندو ته اميرن جي درٻارن ۾ اميرن جي ڪيتري عزت هوندي آهي، اميرن جا يار به امير ۽ امير ئي هڪ ٻئي کي هٿي ڏئي اڳتي آڻندا آهن...۽ ساڳئي ريت غريب کي پوئتي ڪندا آهن. غريب اڪثر ڪٿي ڪٿي..احساس ڪمتري جو شڪار پڻ ٿئي ٿو. اسان کي گهرجي ته اسان غريب پوئتي پيل هارين مزدورن عام غريب عوام جي لاءِ ڪجھ سوچيون. امير سان ٿو جهڪي ملين غريب کي ٿو خراب سمجهين (اسد ميرجت مست)
جواب: غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو. ادا توهان جي جذبات جو قدرڪجي ٿو بلڪل غريب خود دار ٿيندو آهي، الله سائين جي مرضي ڪنهن کي گهڻو ڏئي ڪنهن کي ٿورو، ڪن کي ايترو جو خبرڪانه آٿن ته دولت ڪيتري آهي ته ڪي وري هڪ ويلي لاء پريشان الله تعالي اميرن تي غريبن لاء جيڪي فرائض رکيا آهن، اهي هنن وساري ڇڏيا آهن۔
جواب: غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو. ادا پريل..جيڪڏهن ڏٺو وڃي...ته اسان جي آقا دو جهان صه جن غريبي پسند ڪئي...۽ غُربت ۾ رهيا..جيڪڏهن هو چاهين هان ته جبل سونا ٿي پيا سگهن.. مولا آقا دو جهان جي زندگيءِ اسان جي لاءِ خُد هڪ وڏو سبق آهي..اسان جي اکين تان انڌ ۽ دولت وحوس جي پٽي خبر نه آهي..ڪڏهن لهندي.