جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

'استاد بخاري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )

    جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔
    ان رات جي بات نه ڪر، ان رات ته اوٿر هو۔

    ٻانهن ٿي ٻنهي تنهنجي خوشبو کي وڌو ڀاڪر،
    هڪ ساهه جو اندر هو، ٻيو ساهه جو ٻاهر هو۔

    ماحول ۾ مستي هئي، جو جهول ۾ جوڀن هو،
    آڪاس نچيو بيٺي ، چوڏول ۾ جرٿر هو۔

    هڪ عشق ببر نر ٿي گجڪار ڪري گذريو،
    اڌعمر ته جهنگل هو، اڌ عمر رڳو بر هو۔

    هڪ شوق هو جو پاڳل، هر روپ لڳو پوڄڻ،
    ٻيو ڪو به نه هو حاضر، محبوب جو منظر هو۔

    هر چئونڪ تي پهچي مون ميزان کي پئي ڳوليو،
    مونکي هي پتو پيو هو، هن شهر ۾ محشر هو۔

    هو يار سان خار ڪٺو، استاد ٻه اڌ ٿي پيو،
    هڪ ديد ۾ بهتر هو، ٻي ديد ۾ بدتر هو۔

    بخاري
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    مون ڪجهه ڏينهن اڳ سائين تاجل بيوس جو هڪ نظم پيش ڪيو هو ته دوستن چيو هو ته نظم ته تمام ڀلو آهي پر سمجهه ۾ ڪجهه ڪون آيو ۔۔۔ سو مانواري استاد هي نظم به جنهن جذبات ۾ لکيو آهي انکي سمجهڻ لا به سائين پريو صاحب ئي سمجهائي ته واه واه ٿي ويندي ۔۔۔

    ڏسجي ڪير ٿو سنگتي هن ڳوڙهي ۽ سهڻي نظم جي سهڻي سولي سمجهاڻي پيش ڪري ۔۔۔؟

    واه استاد واه ۔۔۔۔ هاڻ خبر پئي ته آخر استاد کي استاد ڇو چيو ويندو آهي ۔۔۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    سائين استاد جي شاعري ته اهڙي آهي جنهن کي هر ڪو،گونجاري ٿو،

    وڌيڪ تشريح لاء توهان جو ويٺا آهيو ايتري گهرائي ته توهان ئي سمجهائي سگهو ٿا، ٻيو ته ادو سليمان ويٺو آهي نه اهڙي سٺي نموني تشريح ڪندو آهي جو لاجواب ڪري ڇڏيندو آهي

    ادو طاهر نظر ڪون پيو اچي لڳي ٿو ته وري ڳوٺ ڀڄي ويو
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    هو يار سان خار ڪٺو، استاد ٻه اڌ ٿي پيو،
    هڪ ديد ۾ بهتر هو، ٻي ديد ۾ بدتر هو۔
    ادا تمام خوبصورت ونڊ
     
  5. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    يار عرس استاد جي هن عزل ته صفا هان ڇني ڇڏيو۔
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    تمام بهترين لاجواب سائين
     
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    ادا ڪجه ڪجه سمجه ۾ آيو بهترين ونڊ آ
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔

    مطلب ته استاد جي اهڙي شاعري ڳولي پيش ڪرڻ جو سبب به طاهر کي ڀڄائڻ ئي آهي۔ يار استاد ته عشق جو ڪٺل هو کو اچي اسان واري دوست طاهي جي پٺيان پيو آهين۔

    شاعريء ۾ ته ڪا لڪل ڳالھ ناهي پر استاد يار سان خار جي ڳاله ڪئي آهي خار سان ته استاد اڌ ٿيندو ۔۔۔۔۔ باقي مجازي عشق جي واضح سمجهاڻي ته ڪو شاعر دوست ئي ڏئي سگهي ٿو۔ ممڪن آهي ته سائين نثار ناز ئي سهڻي نموني سمجهائي سگهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو