• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسرور پنائي جي شاعري

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
گيت

ڌار نه ڪر تون پاڻان راڻا، رات به ننڊ مون ڪانه ڪئي آ،
روح ڏنا اولاڻا راڻا، رات به ننڊ مون ڪانه ڪئي آ.

رات جي سانت اونائي ٽوڙي، هُلري هئي ڄڻ ماڻهو جهڙي،
چور کي جيئن آ چور سڏبو، اهڙا هيا اهڃاڻا راڻا.

ٽين ٽين ويجهو ٽيٽيهر جي ٿي، چُپ ڍڳن جي اوڳر جي ٿي،
ڪنڌ کڻي اوڪاسيم در ڏئي، ٻانهن جا ڏئي وهاڻا راڻا.

سُڪن پنن پيرن ڀُرٽو، جينڀن بانگهن جو ٿيو ڪُرٽو،
ڪَنُ ٺڪايم ساهه منجهايم، ٻير مان ڳيرا اڏاڻا راڻا.

مال جي ٽاهه تي ٽپ ڏنو مون، مسرور سمجهيم آيو آ تون،
چور ڏسي مون کان دانهن نه نڪتي، لڱ پنائي وساڻا راڻا.

مال جي ٽاهه تي ٽپ ڏنو مون، مسرور سمجهيم آيو آ تون،
چور ڏسي مون کان دانهن نه نڪتي، لڱ پنائي وساڻا راڻا.

واه ادا واه صفا اصل ٽيئر ڪڍي ڇڏيئ
لاجواب شيئرنگ آهي ادا زاهد توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو

ساٿ سلامت

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
واه ادا واه صفا اصل ٽيئر ڪڍي ڇڏيئ
لاجواب شيئرنگ آهي ادا زاهد توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو

ساٿ سلامت

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal

فقير سائين لک قرب اوهان جو اوهان سائين مسرور پنائي جي شاعري کي پسند ڪيو۔۔۔ مونکي ته ائين ٿو لڳي ته مان هاڻي اوهان کي پي ايم ڪري شاعري موڪليندس باقي سائين مسرور پنائي جي شاعري کي ڪو پسند ئي ڪونه ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

pasand shal judy hujeen
 
ها ادا سنڌ سلامت جو پي ايم وارو شعبو به ته ڪم اچي نه سائين وحيد ڦلپوٽي سان گڏ مونکي ڀي مسرور مرحوم جي شاعري پي ايم ڪري ڇڏجان۔ هاڻي خوش يا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top