نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

'مختلف موضوع' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    موجوده دور ۾ بيروزگاري هڪ وڏو مسئلو آهي، جيتوڻيڪ اهو مسئلو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي پر هتي به صورتحال ڪا ٺيڪ ناهي، ملازمتون به ڪافي مشڪل سان ملن ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ جايون خالي هونديون به آهن ته سفارش ۽ رشوت جهڙا فارمولا استعمال ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب اهل ۽ اعليٰ تعليم يافته نوجوان مايوسي جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ مسئلي جو حل قسمت تي ڇڏي ڏيندو آهي، پر ان سڀني مسئلن باوجود پاڪستان اندر ڪيترائي اهڙا ادارا موجود آهن، جيڪي بلڪل ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ کي وڌيڪ فوقيت ڏيندا آهن، جن ۾ اڪثر ڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ اهل نوجوانن کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي، هيومن ريسورس ڊپارٽمنٽ ريڪروئٽمينٽ ڪندو آهي جيڪو هڪ مڪمل پروسيس هوندو آهي، جنهن ۾ ايڇ آر ڊپارٽمنٽ جو هدف هڪ اهل ۽ اهڙي نوجوان جي ڳولا هوندو آهي جنهن جا اسڪلز، تعليم، تجربو وغيره آسامي سان ملندا هجن، ريڪروئٽمينٽ جي عمل ۾ درخواست ڏيڻ کان پوءِ جيڪو ٻيو قدم هوندو آهي، ان کي انٽرويو چئبو آهي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو ڪجهه نوجوان ڪيترائي انٽرويو ٽيسٽ ڏيڻ باوجود بيروزگار رهندا آهن، جڏهن ته ڪجهه اهڙا نوجوان به آهن جيڪي سندس انٽرويو وارو عمل مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جاب جي سيٽ تي نظر ايندا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اهي تعليمي قابليت، اسڪلز ۽ تجربي کان علاوه پنهنجي شخصيت ۽ ذهانت سان انٽرويوئر (انٽرويو وٺندڙ) کي متاٿر ڪندا آهن، پر ان جي برعڪس ان کان وڌيڪ تعليم يافته، تجربه ڪار نوجوان سندس انٽرويو ۾ فيل به ٿي پوندا آهن. ان جو سبب اهو هوندو آهي ته ڪامياب اميدوار انٽرويو لاءِ مڪمل تياري ڪري ويندا آهن، جيڪي مختلف ذريعن کان معلومات وٺي هيٺ ڏنل 20ڪامياب انٽرويو جا گر به استعمال ڪندا آهن، اوهان به انٽرويوجا 20 ڪامياب گر استعمال ڪري ڪاميابي ماڻي سگهو ٿا، انٽرويو وڃڻ وقت هيٺيان نقطا ذهن ۾ هجڻ کپن. 1. سي وي: سي وي اميدوار جي مڪمل انفارميشن هجي ٿي، جنهن ۾ پرسنل انفارميشن، تعليم، تجربو، اسڪلز ۽ اوهان سان رابطي لاءِ ڊيٽا لکيل هوندي آهي، اگر اوهان جي سي وي دلڪش ۽ واضح هوندي ته ممڪن آهي، اوهان جو نالو انٽرويو لسٽ ۾شامل ڪري سگهجي ٿو، هڪ ئي اداري ۾ هڪ کان وڌيڪ ملازمتن لاءِ الڳ الڳ سي وي تيار ڪري موڪليو. 2. وقت جي پابندي: ان حوالي سان ڪو بهانو ناهي هلندو. انٽرويو لاءِ جيترو ٿي سگهي، گهر کان جلد نڪرڻ کپي، چاهي اوهان وٽ سواري آهي يا نه. جيڪڏهن اوهان کي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ تي وڃڻو هجي ته اڃا وڌيڪ جلدي پهچڻ جي ڪوشش ڪجي. انٽرويو ۾ وقت جي پابندي انتهائي ضروري آهي، اگر اوهان ڪنهن به سبب جي ڪري ٿوري دير پهتا ته اوهان جيڪو به بهانو ڪيو يا سچ ڳالهايو، ان جو ڪو به فائدو ناهي. اوهان وقت کان پهرين پهچو ٿا ته ڪنهن به قسم جي افراتفري واري ماحول کان به پاڻ کي بچائي سگهو ٿا. 3. موبائل فون بندڪيو: عام طور تي اميدوار اهو ڀلجي ويندا آهن ته سندن وٽ موبائل فون به آهي. هر ڏهه اميدوارن منجهان ڪنهن هڪ جو موبائل فون انٽرويو واري جاءِ تي آن ٿي پوندو آهي جنهن سبب انٽرويو وٺندڙن تي غلط اثر پوندو آهي، ڇو جو موبائل فون جي رنگ سندس توجهه هٽائي ڇڏي ٿي. انٽرويو وقت موبائل فون بند ڪرڻ ۾ ذري به ڪوتاهي نه ڪيو. 4. اداري جي باري ۾ معلومات گڏ ڪيو: اوهان جنهن به اداري جي ملازمت جا اميدوار بڻجي وڃي رهيا آهيو، ان اداري جي مڪمل معلومات حاصل ڪيو ۽ اوهان کي خبر هجڻ کپي ته اوهان ان اداري ۾ ڪهڙي ملازمت لاءِ ڇو وڃڻ چاهيو ٿا. انٽرنيٽ ڪنهن به اداري جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ٽول آهي، جنهن ۾ اداري جي ويب سائيٽ تان مشن، وزن، ڪمپني جو حدف ۽ مستقبل جي منصوبه بندي جي باري ۾ معلومات گڏ ڪرڻ گهرجي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اوهان کان پڇيو وڃي ته اوهان هن اداري ۾ ڇو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا؟ ته اوهان وٽ تسلي بخش جواب موجود هوندو آهي. 5. سي وي ساڻ کڻي وڃو؛ امڪان ته اهو ئي هوندو آهي ته اوهان جي پهرين موڪليل سي وي انٽرويوئر وٽ موجود هوندي آهي، ليڪن پوءِ به هڪ يا ٻه عدد نقل ڪاپيون بهترين لفافي ۾ گڏ هجڻ کپن ان مان اهو نظر ايندو آهي ته اوهان ملازمت ۾ سٺي دلچسپي رکو ٿا ۽ ملازمت وٺڻ لاءِ سنجيده آهيو. 6. نوٽ پيڊ ساڻ کڻي وڃو: تمام گهٽ اميدوار انٽرويو وقت نوٽ پيڊ گڏکڻي ويندا آهن. جڏهن ته اگر ائين ڪيو وڃي ته تمام بهترين اثر پوندو آهي. نوٽ پيڊ گڏکڻي وڃڻ سان اوهان انٽرويو جا اهم نوٽس اگر لکندا وڃو ته ان سان انٽرويو وٺڻ وارو تمام سٺو محسوس ڪندو آهي. 7. صاف سٿرو لباس: ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان کي انٽرويو وقت صاف سٿرا ۽ رسمي ڪپڙا پاتل هجن. يعني ڊريس پينٽ ۽ هلڪي رنگ جي سفيد، ڪريم يا نيري رنگ واري شرٽ ۽ ڪاري ڪلر جا بوٽ وغيره هجن. ٽاءِ به لازمي پائي وڃو. اگر اوهان ڪوئي پرفيوم وغيره لڳايو ٿا ته انٽرويو وقت عطر، پرفيوم لڳائڻ کان پاسوڪيو. ڇو ته پرفيوم وغيره جي تيز خوشبو انٽرويو وٺندڙ کي الرجي وغيره ٿي سگهي ٿي. 8. پنهنجي ذات کي ترجيح نه ڏيو: اوهان سمجهو ٿا ته انٽرويو ڪندڙ اوهان جي ذات يا نجي شخصيت ۾ ڪنهن قسم جي دلچسپي رکي ٿو ته اوهان بيوقوف آهيو، اگر اوهان پنهنجي زندگي جا راز کولي ويهندا يا پنهنجي نجي شخصيت باري ۾ ڪجهه ڳالهائيندا ته انٽرويو وٺندڙ اوهان جي ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان پهرين ئي فيصلو ڪري ڇڏي ٿو ته اوهان ڪمپني جي مناسب نه آهيو. 9. لطيفي بازي نه ڪريو: ڪافي ماڻهن کي غلط فهمي هوندي آهي ته اهي تمام دلچسپ آهن جڏهن ته حقيقت ۾ ائين نه آهي. نوڪري لاءِ انٽرويو اهو پليٽ فارم ناهي جتي اوهان پنهنجي اوهان پنهنجي مزاحيه اداڪاري جا جوهر ڏيکاريو. دوستانه رويو اختيار ڪيو ۽ لطيفه بازي کان پرهيز ڪيو. 10. صرف سوال جو جواب ڏيو: اگر اوهان کان ڪنهن سوال جو جواب پڇيو وڃي ته صرف سوال جو جواب ئي ڏيو. ائين نه ٿئي ته سوال جي جواب ڏيڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي موضوع تي گفتگو شروع ٿي وڃي. 11. پراڻي باس جي برائي نه ڪيو. اگراوهان کان پهرين ملازمت جو سوال پڇيو وڃي ۽ اوهان جي پهرين باس جي باري ۾ پڇيو وڃي ته پراڻي باس کي برو بهلو چوڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪجي. 12. انٽرويو وٺڻ واري سان فلرٽ نه ڪيو: ان سلسلي ۾ ڪامن سينس کان ڪم وٺجي انٽرويو ڪرڻ واري کي اوهميت ڏيو، ان ان سان دوستانه رويو اختيار ڪيو. 13. پنهنجي چهري، وارن ۽ هٿن سان نه کيڏو؛ انٽرويو جي دوران پنهنجي چهري کي بلڪل ايڪٽيو ۽ اسپاٽ رکو. مختلف قسم جا منهن بڻائڻ، وارن سان کيڏڻ، ڏاڙهي کي کنڻ وغيره واري حرڪت کان پاسو ڪيو. اگر اوهان ائين ڪندا ته اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته اوهان يا ته ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيويا اوهان ۾ اعتماد جي ڪمي آهي. اهي ٻئي شيون ٺيڪ ناهن. 14. گهٽ کان گهٽ ڳالهايو؛ اوهان جي زندگي جا ڪافي اهڙا پهلو به هوندا آهن، جنهن جي باري ۾ اوهان نه ئي ڳالهايو ته بهترآهي. ان حوالي سان سوچي سمجهي ڳالهايو. 15. اکين ۾ اکيو وجهي ڳالهايو: انٽرويو وقت انٽرويوئر جي غور سان ڳالهه ٻڌو. ڇت يا ديوارن طرف نه ڏسو، ائين ڪرڻ سان اهو ظاهر ٿيندو ته اوهان انٽرويو ۾ دلچسپي نه ٿا رکو. انٽرويو وقت انٽروروٺڻ واري جي اکين ۾ اکيو وجهي ڳالهايو. 16. هدف مقرر ڪيو: ممڪن آهي ته اوهان پنهنجي ڪيريئر جي پلاننگ نه ڪئي هجي ته پيشه ورانه طور تي اوهان پاڻ کي آئينده ڪجهه سالن ۾ ڪٿي ٿا ڏسو. ان باري ۾ جيڪڏهن اوهان کان ڪجهه پڇيو وڃي ته ته پنهنجي هدف ضرور ٻڌايو. اگر اوهان کان ان سلسلي ۾ پڇيو وڃي ۽ اوهان ڪجهه نه ٻڌايو ته انٽرويو وٺندڙ اوهان کي سست سمجهي سگهي ٿو. 17. پنهنجي ڪامبيابين جي باري ۾ ٻڌايو: پنهنجي ڪاميابين کي ياد ڪيو ۽ ان جي باري ۾ ٻڌايو چاهي اها ڪو ذاتي ڪاميابي هجي يا پيشه ورانه. ڪنهن هڪ ناڪامي جي باري ۾ به ذڪر ڪرڻ ڪو حرج ناهي جنهن کان اوهان سبق سکيو هجي. 18. جوش ۽ جذبو ڏيکاريو: اوهان جنهن شعبي يا انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا، ان جي باري ۾ انٽرويوئر کي ٻڍايو ته اوهان ان شعبي يا انڊسٽري ۾ ڇو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ اهو ظاهر ڪيو ته اوهان متعلقه شعبي جي ڪيتري حد تائين معلومات رکو ٿا جيڪا انٽرويوئر کي متاثر ڪري ٿي. 19. سوال پڇو: انٽرويو جي آخر ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان وٽ پڇڻ لاءِ ڪجهه سوال هجن. اگر انٽرويو وٺڻ وارو اوهان کي جواب نه ٿو ڏئي ته بار بار اهو سوال پڇو. ان سان ملازمت ۾ اوهان جي دلچسپي ظاهر ٿيندي آهي. 20. مهرباني جو پيغام اماڻيو: انٽرويو کان پوءِ انٽرويو ڪندڙ کي مهرباني جو پيغام موڪليو، اوهان اي ميل به ڪري سگهو ٿا، ليڪن بهتر اهو آهي ته اوهان پنهنجي هٿن سان مهرباني جو پيغام لکو. ان سان به ملازمت ۾ دلچسپي ظاهر ٿيئي ٿي ۽اوهان جي شخصيت تي سٺو اثر پوي ٿو.

    عمران قمبراڻي
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    پر ادا پاڪستان ۾ اهي ڪرڻ سان ملازمت نٿي ملي هتي صرف ڪاڪا قادو جو قدر آهي جنهن وٽ پئيسو آهي سڀ ڪجه ان جو آهي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    ادا تمام بهترين .
     
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    ادا ڏاڍو بهتر
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    ادا مهرباني

    ڏاڍو ڪارائتو ليک آهي۔ يقينن هي ليک نوجوان دوستن جي لاء فائديمند رهندو۔ مان پاڻ به نوڪري کان اڳ اهي سڀ شيون آزمائيندوهوس ۽ هر انٽرويو کانپوء بهتري ايندي رهي۔
     
  6. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ڪاوش کي پسند ڪيو
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جا 20 ڪامياب طريقا!

    تمام بهترين معلومات آهي سائين اسان بي روزگار دوستن لا۽

    تمام قيمتي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو