مائڪرو سافٽ پاران آءِ اي 9 نئون انٽرنيٽ ايڪسپلورر جاري ٿي ويو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر ويب برائوزنگ سافٽ ويئر جو نئون ورزن جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو فري ڊائون لوڊ ڪري سگهبو، آءِ اِي-9 (I.E-9) نالي انٽر نيٽ ايڪسپلورر www.beautyoftheweb.com تان 30 مختلف ٻولين ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سهولت موجود هوندي، ڪمپني پاران اها اميد ڏيکاري پئي وڃي ته اهو نئون ورزن فائر فاڪس ۽ گوگل لاءِ وڏو چئلينج هوندو. آءِ اِي-9 انٽرنيٽ ايڪسپلورر سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويو آهي، ان ايڪسپلورر بابت مائڪرو سافٽ ڪوآپريٽو جي نائب صدر جين هچامووچ جو چوڻ آهي ته شيون مختلف هونديون آهن، اسان خوابن کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي ۽ اسان جي ويب سائيٽ لاءِ اهو ايڪسپلورر جاري ڪرڻ وارو ڏينهن خوشين وارو آهي، هن چيو ته انهيءَ ايڪسپلورر تي وڊيوگيمز ۽ گرافڪس به موجود هوندا، آءِ اِي-9 ايڪسپلورر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمپني جي ٻين ڀائيوار ويب سائيٽس تان به اهو ايڪسپلورر ڊائون لوڊ ڪري سگهبو، مثال طور فيس بڪ، ٽوئيٽر، پينڊورا ۽ ياهو تي به اهو ايڪسپلورر مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ موجود هوندو، هن چيو ته اسين انٽرنيٽ جي ڪروڙين استعمال ڪندڙن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ سڀني کي اها خبر پوندي ته آءِ اِي-9 ايڪسپلورر تمام سٺو آهي، جيڪو ڪيترين ئي ويب سائيڊن جي سهولت فراهم ڪندو. مائڪرو سافٽ ڪمپني جي اختيارين موجب آءِ اِي-9 انٽرنيٽ ايڪسپلورر ايستائين 40 ملين ڀيرا ڊائون لوڊ ٿي چڪو آهي، انهيءَ ايڪسپلورر تي تصويرون به موجود هونديون.
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو