ادا جاڳرتا مهم هلائڻ تي جس هجي توهان کي پنهنجن هنن ڀائرن کي به قائل ڪيون ته جي سنڌ جا ڄايا آهن ۽ حلالي پٽ ٿيڻ ٿا چاهين ته اڄ کان پنهنجو پاڻ کي سنڌ سان پڪو جوڙي ڇڏين ۽ مادري ٻولي سنڌي لکي پاڻ ملهائن ۽ اسا انهن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا...
جواب: سنڌ جا ڄايا سڀ هڪ ٿيون ادا رسول بخش دائود پوٽا صاحب، رب اوهانکي خوش رکي ۔۔۔ سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجي پيغام مان سنڌ دوستي ۽ حب الوطني واضح آهي ۔۔۔ اوهان شايد هندستان کان آيل ماڻهن جي ڳالهه ٿا ڪريو ته اهي جيڪڏهن حلالي پٽ ٿين ۽ پاڻکي سنڌي سڏائن ۽ سنڌي لکرائڻ ته اسين انهن کي ڀليڪار ٿا چئون؟ بيشڪ دوست اسين اوهان سان گڏ آهيون ۽ اها ڳالهه واَضح آهي ته سنڌي ڪشادي دل جا مالڪ آهن، ڪيترائي سور سهي دشمن کي به معاف ڪرڻ ڄاڻڻ ۔۔۔ سنڌ ۾ آيل سڀ قومون جيڪي پاڻکي سنڌي سڏائن ٿا اسين انهن سڀني جي ڀليڪار ڇا بلڪ اسين انهن کي پنهنجا گهر ڏنا، جانيون ڏنيون ۽ رشتا ڏنا آهن ۔۔۔ اسين سنڌ ۾ آيل سڀني قومن کي اهو ئي عرض ڪنداسون ته پنهنجي ڌرتيءَ جو قرض لاهيو، سنڌ ۾ ڄاول سنڌي سڏايو، سنڌي ڳالهايو ۽ سنڌي لکرايو ۔۔۔ يقين ڪريو ته سنڌي قوم اوهانکي پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏيندي ۔۔۔ سائين دائود پوٽه لک ٿورا سهڻي پيغام ڏيڻ جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ جا ڄايا سڀ هڪ ٿيون سائين بالڪل هر قوم جي هر ذميوار فرد تي لازم آهي ته هو پنهنجون قومي ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائي۔ تڏهن ئي ڪا قوم ترقي ڪري سگهندي آهي، جڏهن ان جي ٻولي زماني جي نين تقاضائن مطابق ترقي ڪري ۽ هر فرد سجاڳ رهي۔
جواب: سنڌ جا ڄايا سڀ هڪ ٿيون ٻاڪاري ٻاڪاري مان هليو ويندس، تون جواب نه ڏيندي ته ڇا ٿيندو۔ ڌرتي ماء ته پنهنجي هڪڙي آهي، جي تون ڀاء نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو۔ ڪاليج جي زماني ۾ مٿيون شعر اسان عام ٻڌاندا هئاسين ۔جيڪو اسان جو ڪم آهي اهو اسان کي ڪرڻ گهرجي جي هو (هندوستان مان آيل) هن ڌرتي سان سچا نه ٿا ٿين ته هنن کي ڇڏي ڏيو هڪ ڏينهن يقينن هنن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيندو۔توهان جو ڌرتي ماء لاء درد هڪ وڏو احساس ۽ معنئ ٿو رکي۔
جواب: سنڌ جا ڄايا سڀ هڪ ٿيون سائين اتحاد ۽ وحدت اهڙي قوت آهي جنهن جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي انهن کي ته هڪ ڏينهن احساس ضرور ٿيندو ليڪن اسان اهو ڏسون ته اسان پاڻ ۾ ڪيتري قدر متحد آهيون اگر اسان متحد نه ٿياسين ته اسان جي خوابن کي ساڀيان ٿيڻ ۾ اڃا ڪيئي سال لڳندا اسان منجهان هر فرد جي ذميواري به ۽ ضرورت به آهي ته اهو پنهنجي قوم کي هڪ محاذ تي گڏ ڪرڻ لا پاڻ پتوڙي
جواب: سنڌ جا ڄايا سڀ هڪ ٿيون اوهان دوستن جي راين سان سهمت آهيون، پر هن ملڪ جي قومي ٻولي اردو سڏائي وئي آهي، پوءِ ان اردو جو ڇا ٿيندو، اردو ۾ ڳالهائيندڙ ته صرف ڪراچي ۾ ٿا رهن جڏهن آدمشماري ٿئي ٿي ته يقينن پنجاپ ۾ پنجاپي لکائي ويندي، بلوچستان ۾ بلوچي، سرحد ۾ پختون سنڌ ۾ سنڌي ته پوءِ ڇا اردو کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي؟