ڪراچي جا ٻهراڙي وارا علائقا سهولتن کان وانجهيل ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ڪراچي شهر جون سنڌي وسنديون موجوده پ پ سرڪار جي دور ۾ به نظرانداز ٿي رهيون آهن، بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون ۽ ڪياماڙي ٽائون اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن، ٻهراڙين جي علائقن ۾ تعليم، صحت، بجلي، گئس، پاڻي، سيوريج سسٽم سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو، ٻهراڙين ۾ قائم پرائمري اسڪولن توڙي سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ فرنيچر نه هجڻ سبب ٻار تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، جيڪي اوطاق طور استعمال ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب ٻهراڙين ۾ رهندڙ 60 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪن ئي نٿا، باقي 40 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار به پڙهائي ۾ دلچسپي نٿا رکن ۽ استادن جي کوٽ سبب اسڪول ۾ راند کيڏي تعليم کان پاسيرو ٿيندا ٿا وڃن، جڏهن ته ٻهراڙي جي شاگردن کي ڪاليج ته ڏنا ويا پر ڪاليجن ۾ به اسڪولن وانگر ليڪچرارن ۽ اسٽاف جي کوٽ سبب ڪاليج ۾ ايندڙ شاگرد هڪ اڌ پيرڊ اٽينڊ ڪري هليا وڃن ٿا. اهڙي طرح صحت جي سهولتن ۾ به ٻهراڙي جي علائقن جي حالت تعليم کان به ويتر خراب بڻيل آهي، بن قاسم ٽائون ۾ هڪ به وڏي اسپتال ناهي، ايمرجنسي جي صورت ۾ شهر تائين پهچائڻ لاءِ هڪ به ايمبولينس مليل ناهي، ويم گهر هوندي به اهي بند پيل آهن، پوري ٽائون ۾ هڪ به گائناڪالاجسٽ ، ليڊي ڊاڪٽر ۽ سرجن ناهي، پيراميڊيڪل اسٽاف جي به کوٽ آهي، اسپتالن ۾ مقرر ڊاڪٽر ۽ نرسون شهري علائقن ۾ رهڻ سبب اڪثر گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا، ڊاڪٽر پنهنجي پرائيويٽ اسپتالون هلائڻ ۾ مصروف آهن، مريض ڪمپائونڊرن کان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن، اهڙي طرح ٻهراڙي جا ماڻهو ڪراچي صنعتي شهر هجڻ باوجود روزگار کان به محروم بڻيل آهن، ملير جي صنعتي ادارن وڙي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ مقامي ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي، حد اها آهي ته ٻهراڙين ۾ قائم فيڪٽرين ۾ به شهري علائقن جي ماڻهن کي ملازمت تي رکيو وڃي ٿو، ملير جا ٻهراڙي وارا علائقا جيڪي زراعت تي گذر سفر ڪندا هئا سي به اڄ زراعت جي تباهي تي روئي رهيا آهن، بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون مان مسلسل سالن کان ريتي بجري نڪرڻ سبب جر جو پاڻي ختم ٿي ويو ته ڪٿي وري جر جو مٺو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، جنهن سبب فصل ٿيڻ بدران سڙي وڃن ٿا، ملير جي سرڪاري زمينن تي لينڊ مافيا جو راڄ آهي، ڪيترائي جعلي ڳوٺ ٺاهي پلاٽ وڪرو ڪرڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، ٻهراڙي جا ماڻهو پ پ جا ووٽر ۽ ورڪر هوندي به پنهنجي دور حڪومت ۾ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.

    حسن ٽڳڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو