ٻوڏ جي عذاب کان پوءِ بهار جي موسم ۾ مليل خوشي

'صحت سرير جي' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    سنڌ صوبي جي رائيٽ بيلٽ کي سنڌو درياءَ واري ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف ٻوڏ جو پاڻي ٻئي طرف شديد گرمي ۽ ان کان پوءِ سخت سيءُ ماڻهن جي ذهنن کي 7 مهينن کان مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي عذاب کان پوءِ شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي شهر وزيرآباد ۾ ماڻهن کي تفريح جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه مليو، وزيرآباد ته سياسي حوالي سان 20-25 سالن کان ضلعي شڪارپور تي حڪمراني ڪئي آهي. پر جشن بهار جو ذڪر ڪنداسين ته هتي 6 سالن کان بهار جي موسم ۾ جشن بهار اسپورٽس فيسٽيول ۽ ڪيٽل شو (ميلي) جا پروگرام مارچ جي وچ دوران ٿيندا آهن پر 3 سالن کان ضلعي حڪومتون ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي ضلعي ناظم محمد عارف خان مهر پنهنجي مدد پاڻ تحت ان سلسلي کي جاري رکيو آهي. شڪارپور ضلعو ته امن امان جي حوالي سان گذريل دور جيان ڀوڳيندو رهي ٿو پر هن جشن بهار جي موقعي تي هڪ ذاتي سگهه ان وقت نظر آئي جڏهن عارف خان مهر اعلان ڪري ڇڏيو ته جشن بهار واري موقعي تي وزيرآباد ايندي ويندي جيڪڏهن ڪنهن کان ڦر، ڌاڙو يا اغوا جي واردات ٿي ته ان جو مان ذميوار هوندس. ماڻهن جو ڄڻ ان اعلان تي وڏو اعتماد هو ۽ وزيرآباد واري ڪلراٺي مٽي کي هزارن جي تعداد ۾ آس پاس جي خلق عورتن، مردن، ٻارن، پڪن پوڙهن جي لتڙ ڳوهي محبت جو پيغام ڏنو ۽ ٽئي ڏينهن ٿي ائين رهيو هو جو آس پاس جي شهري علائقن ۽ ڳوٺن جون عورتون به هتي اچن ٿيون ۽ ماڻهو رات جو هڪ وڳي تائين محفل موسيقي جو مزو وٺڻ ۽ ميلي ۾ لڳل سرڪس سميت مختلف اسٽال ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اهو سلسلو پرهه ڦٽي تائين جاري رهي ٿو. اتر سنڌ جا مالوند پنهنجا اعلي نسل جا جانور ڪيٽل شو سينگاري گهمائي رهيا هئا. ڏاندن جي گوءِ ته هتان جي ثقافت ۾ شامل رهي آهي پر ان کان وڌيڪ گهوڙن جي ڊوڙ جيڪا شڪارپور ضلعي اندر وزيرآباد کان سواءِ ڪٿي نه ٿيندي آهي ان ۾ خوبصورت پسمنظر ان وقت نظر آيا جڏهن اعلي نسل جا گهوڙا ۽ گهوڙيون مختلف قسم جي ڊوڙ ڪري ٽڪ طرف اچي رهيا هئا ته هزارين ماڻهو داد ڏيڻ کان رهجي نه پئي سگهيا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اڳوڻي ضلع ناظم عارف خان مهر سياسي گهراڻي سان تعلق رکڻ سان گڏوگڏ شڪارپور ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ مختلف جانور پالڻ جو شوقين رهيو آهي جنهن وٽ هن وقت به اعلي نسل جا گهوڙا، مينهون، ڳئون، ڪبوتر، ڪڪڙ، ڪتن کان وٺي جهنگ وارن جانورن جي سنڀال لاءِ به پنهنجي قيمتي زمين مختص ڪري ڇڏي آهي. ها سمجهون ٿا ته هو پنهنجو پاڻ کي سڪون ڏيارڻ خاطر جانورن جي پالنا ۽ ڪيٽل شو کان وٺي جشن بهار جون تقريبون ڪرائي ٿو پر اهو به سچ آهي ته اهڙن پروگرامن ۾ سنڌ جي ثقافت اجاگر ٿئي ٿي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ ان رنگ ۾ رنگجي وڃن ٿا.

    زاهد نون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو