”جيڪڏهن 2050ع تائين موسمياتي تبديلين ۽ آبادي ۾ واڌ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته دنيا ۾ پاڻيءَ ۽ خوراڪ جو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو“ گڏيل قومن جي خوراڪ واري اداري طرفان ڏنل اهڙي ڇرڪائيندڙ چتاءُ بابت جيتوڻيڪ ترقي يافته ملڪن ۾ وڏي مانڌاڻ متل آهي ۽ اهي هر صورت ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي روڪڻ توڙي آباديءَ ۾ واڌ تي ڪنٽرول لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. رهي ڳالهه اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي، ته اهي اڃا ڪنهن اهڙي وڏي پريشانيءَ ۾ ورتل نظر نٿا اچن، جيڪڏهن موسمياتي تبديلين بابت ڪم ڪندڙ سائنسدانن ۽ پاڻي بابت تحقيق ڪندڙ ماهرن جي ڳالهين توڙي انگن اکرن تي نظر وجهون ٿا ته پوءِ اسان کي اهو تعجب ٿو ٿئي ته، ”اهڙي صورتحال ۾ اسان زنده ڪيئن آهيون“؟! اڄ جڏهن پوري دنيا ۾ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، تڏهن تعجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته اسان جي حڪومت ان ڏس ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري رهي آهي.حقيقت جي آئيني ۾ ڏسجي ته جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديلين جي انتهائي اثر جو شڪار آهي، جنهن ڪري نه صرف هتي پاڻيءَ جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي پر ساڳئي وقت پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ئي معاشي، صحت، ماحولياتي آلودگي توڙي ٻين شعبن ۾ مسئلا وڌي رهيا آهن، غربت جو هڪ وڏو اهم سبب پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پاڻي جو پيئڻ لائق نه هجڻ آهي. جهڙيءَ ريت هن وقت دنيا ۾ معاشي جنگ وڙهي پئي وڃي، تيل ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي قبضن لاءِ عراق ۽ لبيا تي حملا ڪيا ويا آهن، اهڙيءَ ريت ڪجهه سالن اندر پاڻيءَ تي به جنگيون لڳي سگهن ٿيون، اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان وٽ خوراڪ ۽ پاڻي جا پنهنجا ذريعا آهن. جهڙي ريت چيو وڃي ٿو ته، ”پاڻي زندگي آهي“ اهڙي ريت اسان ان زندگيءَ کي سنڀالي نه سگهيا آهيون، ان جا نتيجا اسان جي سامهون اچي رهيا آهن ۽ اهي نتيجا Invisible آهن يعني ظاهري ناهن، مثال طور اسان جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا، ان جي ڪڏهن چڪاس ناهي ڪرائي، نتيجي ۾ ڪينسر، هيپاٽائٽس ۽ ٻيون بيماريون وڌي ويون آهن. پاڻيءَ جي حوالي سان ڏسجي ته اسان وٽ ان جي کوٽ به آهي ته وري اهو پاڻي پيئڻ جي لاءِ لائق به ناهي ۽ وڏي خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان جي حڪومت ”پاڻي“ جي تحفظ، ان جي معيار توڙي مينيجمينٽ تي ذرو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، انهيءَ سموري صورتحال ۾ جيڪڏهن ”پاڻيءَ“ بابت تجزيو ڪنداسين ته ان ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، جن طرف اسان ڪڏهن ڌيان ئي نه ڏنو. اسان وٽ پاڻيءَ جي معيار خراب ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب گندگي آهي، جيڪا سمورن شهرن مان نڪري ٿي، فيڪٽرين مان نڪري ٿي، اها بنا سوچڻ سمجهڻ جي پاڻيءَ ذريعن يعني ڪئنالن، واهن توڙي شاخن ۾ وڌي وڃي ٿي، انگن اکرن موجب اسان وٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي صفائي جي سهولت کان محروم آهي، جڏهن ته گڏيل قومن پاڻيءَ ۽ صفائيءَ کي بنيادي انساني حق قرار ڏنو آهي، هر شهر جي گندي پاڻي جو ڇوڙ پاڻي وهڪرن ۾ ڪيو پيو وڃي. ان کان وڌيڪ خطرناڪ ته اسپتالن مان نڪرندڙ گندگي توڙي فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ زهريلو پاڻي آهي، پر اها به پاڻي وهڪرن ۾ اڇلائڻ تي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. جيتوڻيڪ پاڪستان SACOSAN يعني سائوٿ ايشين ڪانفرنسدآن سينيٽيشن ۾ ڪيترائي ڀيرا واعدا ڪري چڪو آهي ته ملڪ ۾ صفائيءَ جي سهولت جي شرح وڌائي ويندي پر ان تي عمل ذري برابر نه ٿيو آهي. جڏهن ته ايندڙ مهيني سريلنڪا ۾ اها ڪانفرنس ٿي رهي آهي ته پاڪستان حڪومت جا نمائندا اتي وڃي ڪجهه جڙتو رپورٽون پيش ڪندا ۽ ڪجهه نوان ۽ پراڻا واعدا ڪري ايندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته اٽڪل 200 اهڙيون بيماريون آهن، جيڪي پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ جي ڪري ٿين ٿيون، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڊائريا جي ڪري ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر ٽن سيڪنڊن ۾ هڪ ٻار پنهنجي حياتي وڃائي ٿو، ان کانپوءِ ڪينسر، هيپاٽائيٽس، ٽيومر، ڇاتين جي ڪينسر، ذهني ڪمزوري، جيري جو ڪينسر وغيره شامل آهن، پر ڊاڪٽر هاڻي دل جي بيمارين جو تعلق به پاڻيءَ سان ڳنڍي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته اسان بيمارين جو علاج صاف پاڻيءَ ۾ نه ڳوليو آهي. هيپاٽائيٽس جي علاج لاءِ ويڪسين توڙي دوائن لاءِ اربين رپيا رکيا ويا آهن پر اها بيماري پيدا ڪندڙ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ رپيو به نه رکيو ويو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ پاڻيءَ ۾ گندگي پيدا ڪرڻ جا ذميوار انتظامي عملدار به آهن. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ڪارڪردگي ته لڀي ئي ڪانه ٿي، پراڻين واٽر سپلاءِ پائيپ لائينن سان گڏوگڏ گٽر نالن جي وهڪرن جي ڪري اهو گندو پاڻي، پيئڻ جي پاڻيءَ سان گڏجيو وڃي، ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي پر ان جي ابتڙ هر واٽر سپلاءِ لائين کي سيوريج لائين سان گڏ ئي رکيو ويو آهي، ان کان پوءِ جيڪا پاڻيءَ ۽ بجليءَ جي وفاقي وزارت آهي، اها صرف ”بجليءَ لاءِ پاڻي“ تي ڪم ڪندي آهي، ماحوليات واري وزارت وٽ ايتري بجيٽ ئي ناهي جو اهي ٻيا مامرا ڏسي، جيتوڻيڪ پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان ڏسجي ته صحت، پبلڪ هيلٿ انجنرنگ، ماحوليات ۽ زراعت جي کاتن جو پاڻ ۾ سهڪار توڙي رابطو ضروري آهي پر اڄ تائين ڪڏهن به اهڙي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. حقيقت ۾ هاڻي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ وزارت ڌار هجڻ گهرجي. انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي آباديءَ جي اڪثريت يعني 3 ارب 30 ڪروڙ ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا ۽ اها شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهن شهرن ۾ وري 38 سيڪڙو ماڻهو جهڳين يا ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا. غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ شهرن طرف لڏپلاڻ جو عمل وڌيڪ رهيو آهي، جنهن ۾ايشيا ۽ آفريقا ٽاپ تي آهن پر جهڙي رفتار سان شهرن طرف لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، اهڙي رفتار سان نه اتي انفرا اسٽرڪچر موجود آهي، نه ئي وري پيئڻ جو صاف پاڻي، سيوريج يا ٻيون بنيادي سهولتون ميسر آهن. جنهن ڪري شهرن ۾ هڪ طرف غربت وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف ماحوليات ۾ تبديلي اچي رهي آهي. شهرن ۾ گندگي وڌي رهي آهي. موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهرن طرف تمام وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتون اچي رهيون آهن. دنيا ۾ معاشي، سياسي، معاشرتي، ماحولياتي توڙي موسمياتي تبديليون اچڻ بعد مختلف ملڪن پنهنجون ترجيحات بدلائي ڇڏيون آهن. ترقي يافته ملڪن جو سڀ کان وڌيڪ ڌيان ماحوليات ۽ صحت تي آهي پر اسان جو سڄو ڌيان ”سياست“ ۽ ”حڪومت ڪرڻ ۽ ان کي بچائڻ تي آهي، اسان وٽ ”سڻڀين“ وزارتن کي اهميت ڏني وڃي ٿي پر عوام جي بنيادي مسئلن بابت ڪنهن کي ڳڻتي ناهي، اهڙي تناظر ۾ اسان جي ملڪ جي جيڪا نظر نه ايندڙ صورتحال آهي، اها انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ان جو هڪ ئي سبب ”پاڻي“ آهي ۽ جيڪڏهن اسان اڃا به ”پاڻيءَ“ کي نه بچايو ته پوءِ 2050ع تائين هن ملڪ جي جيڪا صورتحال ٿي سگهي ٿي، اها ايٿوپيا ۽ نائيجر کان وڌيڪ خراب هوندي. آڪاش سنتورائي