• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليڊي هيلٿ ورڪرز تي ٿيل تشدد

پسر شهيد

سينيئر رڪن
ڪنهن به جمهوريت ۾ جڏهن ڪي ماڻهو احتجاج ڪندا آهن ته انتظاميا يا سرڪاري مشينري انهن سان رابطي ۾ اچي، سندن مطالبا ٻڌندي آهي. پر اسان واري جمهوريت ۾ شايد اهو رواج ڪونهي. اسان ڪجهه عرصي کان ڏسندا پيا اچون ته جيڪي به ماڻهو احتجاج لاءِ گڏ ٿين ٿا، انهن سان انتظاميا توڙي ڪي ٻيا سرڪاري عملدار ته رابطي ۾ نٿا اچن، پر پوليس انهن سان سڌي رابطي ۾ اچي ٿي، ۽ ڏنڊي ذريعي رابطي ۾ اچي ٿي. ان جو اهڙو رابطو تڏهن به ٿيو هو، جڏهن پڙهائڻ جي مقدس پيشي سان تعلق رکندڙ ڪاليج جي استادن احتجاج ڪيو هو، ۽ اهڙي ڏنڊي واري رابطي جو نئون لقاءُ اسان اوهان سڀني ليڊي هيلٿ ورڪرز تي ٿيل لٺبازي ۽ شيلنگ جي صورت ۾ به ڏٺو. هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز جڏهن سنڌ-پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هڻي ويٺيون ته گهوٽڪي پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪرڻ کي ڄڻ ته پنهنجو فرض سمجهي مٿن ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي هيلٿ ورڪرز زخمي به ٿيون. پوليس هوائي فائرنگ به ڪئي.

هتي ٻه شيون فوري طور تي ڏسڻ جهڙيون آهن، هڪ اهو ته احتجاج ڪرڻ ڪنهن به ماڻهوءَ جو جمهوري حق آهي، جنهن جي اجازت هجڻ گهرجي، ٻي ڳالهه ته هي احتجاج ڪندڙ عورتون هيون، جن سان اهڙو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي ها. سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخرڪار ليڊي هيلٿ ورڪرز اهڙو ڪهڙو مطالبو ڪري رهيون هيون، جنهن مطالبي جي موٽ ۾ مٿن تشدد ڪيو ويو!؟ هنن جو وڏي ۾ وڏو مطالبو ته ريگيولر ڪرڻ وارو آهي. هڪڙيون عورتون، جيڪي پاڻ چون ٿيون ته اسان جواني هن شعبي کي ڏئي ڇڏي آهي، پر ريگيولر نٿو ڪيو وڃي، ته ڇا ڪنهن شعبي کي جواني ڏيندڙ ملازمن جو ايترو حق به نٿو ٿئي ته انهن کي غيريقينيءَ واري ٽياس تان لاهي کين ريگيولر ڪري ڇڏجي؟ اهو وسارڻ نه گهرجي ته اهي عورتون اهڙي شعبي سان لاڳاپيل آهن، جنهن کي مسيحائي شعبو چئجي ٿو. هو ته مريضن جي خدمت ڪرڻ واري ڊيوٽي ڪنديون رهيون آهن، پر پوليس جيڪا ڊيوٽي ڪئي آهي، ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ هڪ لحاظ کان ڏسجي ته پوليس ۽ هيلت جا شعبا ٻئي بنيادي خدمت جا شعبا آهن، پر انهن شعبن ۾ جيڪڏهن فرق ڏسڻو هجي ته اهو ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڌرڻي مان آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. هتي اها ڳالهه به ياد ڪرڻ جهڙي آهي ته جتي سموري سنڌ مان گڏ ٿي انهن عورتن ڌرڻو هيون، سو اهو علائقو آهي، جيڪو ڏوهن جي حوالي سان انتهائي سرگرم رهيو آهي. اغوا، چوريون، ڏينهن ڏٺي جو ڦرون، قتل ڇا آهي، جيڪو ان علائقي ۾ نه ٿيندو هجي. انهن خرابين کي پوليس اختيارين ڪيترو ڪنٽرول ڪيو آهي؟ ڇا انهن کي هڪڙيون هٿين خالي عورتون ئي مليو، جن کي هو تشدد جو نشانو بنائڻ لاءِ تيار ٿي ويا؟ پوليس ٻيو ڪو خيال نه ڪري، رڳو اهو سوچي ها ته هي عورتون آهن، ۽ عورتون ماءُ به ٿي سگهن ٿيون ته ڀيڻ به، تڏهن به شايد سندن هٿ لٺبازي ۽ شيلنگ کان رڪجي وڃن ها. پر انهن جي نصيب ۾ شايد عورتن جو احترام لکيل ڪونهي. اها ڳالهه ڪري مڃون ٿا ته ٻه چار ڏينهن پهرين گهوٽڪي پوليس ڪچي ۾ آپريشن ڪري ڪجهه ڌاڙيل ضرور ماريا آهن، پر جيڪڏهن پوليس جي مجموعي تاريخ ۾ وڃبو ته اها ڌاڙيلن جي خاتمي ۾ اڪثر سنجيده ناهي رهي. جيڪڏهن انهن کي ڪٿي ڪنهن واردات جو اطلاع به ملندو آهي ته اها واردات واري هنڌ تڏهن پهچندي آهي، جڏهن واردات ٿي چڪي هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪٿي اهڙي مخلوق هجي، جنهن جي پوليس کي خبر هجي ته ان وٽ نه هٿيارن آهي، نه اها سندن مٿان حملو ڪندي ته اتي پوليس اطلاع نه ملڻ باوجود پهچي وڃي ٿي، جيئن انهن ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پنهنجي تشدد جو نشانو بڻايو.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال ڪنهن غيرجمهوري حڪومت دوران ٿئي ها ته ڪنهن تي ميار به نه اچي ها، جو سڀ سمجهن ها ته غيرجمهوري حڪومتن جو عوام ڏانهن ڪهڙو رويو هوندو آهي. سڀني کي خبر آهي ته غيرجمهوري حڪومتن وٽ احتجاج ڪندڙن لاءِ ڪا گنجائش ناهي هوندي، جو انهن وٽ عوام جو به احترام ناهي هوندو، ان کي سڀ ڪجهه ڏنڊي جي زور تي هلائڻو هوندو آهي. پر هي جمهوري دور آهي، هن دور ۾ احتجاج ڪندڙ سمجهن ٿا ته سندن آواز کي مان ملندو، ان ڪري هو پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ ٻاهر نڪرن ٿا. پر سوال اهو به آهي ته اهي ٻاهر ڇو ٿا نڪرن؟ جيڪڏهن انهن جون ڳالهيون ادارن اندر ئي مڃجي وڃن ته شايد انهن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه پئي. جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا ادارتي طور تي پورا ٿين ها ته انهن کي ڪهڙي ضرورت پئي ها، جو ڌرڻو هڻن ها؟ اعليٰ اختيارين کي هڪ ته پوليس جي اهڙي روئي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻيو ته جيڪي ليڊي هيلٿ ورڪرز جا جائز مطالبا آهن، سي به مڃڻ گهرجن.


The Kawish Group of Publication
 
Back
Top