
اسان مان گهڻن کي ئي وات مان بدبوء ايندي آهي پر دلچسپ ڳالهه اها هوندي آ ته ـگل جي خوشبو پورو باغ محسوس ڪندو آهي پر گل کي خبر ئي نه۔۔۔“
وات جي بدبو هڪ عام مسئلو آهي۔۔۔۔ اڪثر ماڻهون صبح جو اٿندا آهن ته انهن جي وات مان تيز بدبو نڪرندي محسوس ٿيندي آهي ۽ هو شرم کان وات تي هٿ رکي ڇڏيندا آهن ڪن جي ته وري ڪن تي ئي جونءِ نه چرندي آهي حالانڪه انهن سان گڏ ڪم ڪندڙ سمورا ماڻهون سندس سان ڳالهائيندي عجيب ڪيفيت ۾ هوندا آهن۔۔۔۔۔
وات ۾ بدبوء جو هڪ سبب اهو هوندو آهي ته رات جو ننڊ جي دوران ساه کڻڻ ۾ ڏکيائي جي ڪري اڌ وات کليل رهجي ويندو آهي جنهن ڪري وات ۽ نڪ مان اڪثر کونگهرا پڻ نڪرندا آهن۔۔۔۔۔ ۽ ڇو ته وات کليل رهجي ويندو آهي ان ڪري وات جو اندريون حصو خشڪ ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪري جراثيم مري ويندا آهن جيڪي ڏندن ۽ ڳٽي جي اندرين حصي ۾ گڏ ٿي سڙڻ لڳندا آهن۔۔۔۔ ان ڪري صبح جو اٿڻ سان وات مان بدبوء جا ڀڀڪا نڪرندا آهن۔۔۔۔
رات جو کنگهرا هڻندڙ ماڻهن کي گهرجي ته ان جو اعلاج ڪرائين ان کان سواءِ صبح جو اٿڻ کان پوءِ ڏندن ۽ زبان کي برش ڪرڻ سان گڏ گڏ هڪ ننڍي پيالي ۾ پاڻي ۽ ليمي جي رس ملائي گرڙا ڪن ته جيئن تيزابي اثرن وارو اهو محلول جراثيمن کي ختم ڪري جيڪي وات ۾ بدبوء پيدا ڪن ٿا۔۔۔۔
ٿي سگهي ته صبح جو ناشتي ۾ ڏهي کائجي جنهن ۾ کنڊ پيل نه هجي۔۔۔
هاڻي مارڪيٽ ۾ زبان کي صاف ڪرڻ لاءِ پلاسٽڪ جون زبان تراش پڻ موجود آهي جن جي ذريعي زبان کي صاف رکجي۔۔۔