ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
بسم الله شاھ صاحب جي اشعارن تي گفتگو جو پهريون سلسلو
ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
سائين هي شعر سائين عرس پريو صاحب جن سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيوآهي ، هي شعر سائين لطيف سرڪار جي سر يمن ڪلياڻ ۾ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سک شانتي پر اهو سک ۽ شانتي جنهن جو تعلق قلب سان هجي يا جنهن کي روحانيت چئبو آهي هاڻي جي هن بيت جي پهرين لفظ کي کڻون ته هن لفظ جون پڻ ڪئي اصطلاحي معنائوم نڪرن ٿيون جيئن ته اهو لفظ ڪانيارا ، هن جو مصدر ڪان آهي جنهن جي معنيٰ آهي نوڪ يا چنهنب وارو لوھ جو اوزار هي لفظ اسان جي ٻولي ۾ هڪ ئي وقت ڪئي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي مثال، هن کي ته ڪو ڪان لڳل آهي ، ڪان لڳل اٿئي ڇا ، ڪو ڪان لڳئي ، وغيره ۽ انهن چوڻين ۾ اهو لفظ وري پنهنجون عليحده حقيقتون رکي ٿو، بحرحال هي لفظ انسان جي تذليل توڙي همت افزائي ٻنهي ۾ استعمال ٿيندو آهي . ڪٿي هي لفظي چئي انسان جي نفس کي جاڳايو ويندو آهي ته ڪٿي پري ڪنهن جي تذليل لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي .
مون طيف سراڪار جي ڪلام ۾ جيتري تائين ڏٺو آهي ته لطيف سرڪار انساني اندر جي رازن کي ائين بيان ڪيو آهي جيئن اسان جي معاشري ۾ چيو ويندو آهي ته هانءَ ۾ هٿ هڻي ڳالھ ٻاهر ڪڍي اچڻ ، انسان کي بيدار ڪرڻ لاءِ نه فقط لطيف سرڪار پر هر هڪ ان درويش جنهن انسان کي پنهنجي محبوب جي حسن تي عاشق ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن جي ملڻ سان ئي انسان جي اندر ۾ سڪون ايندو آهي ان انسان کي بيدار ڪرڻ جا هر طريقا استعمال ڪيا آهن لطيف سرڪار ڪنهن مقصد کي سمجهائڻ جي جيڪا رٿ رٿي آهي اها سندس ڪنهن هڪ شعر مان ظاهر ناهي ان لاءِ لطيف سرڪار ان موضوع جا ڪئي پهلو ڏيکاريا آهن . جيئن جي هن شعر کي رسالي جي اعتبار سان اوهان ڏسندو ته اوهان کي هن موضوع جي شروعات هن شعر سان ملندي ته
هَڻَ حبيب هَٿَ کَڻي ، ٻنگان لهي ٻاڻ
ماڳهين مون منهن ٿئي، جهولي وجهان پاڻ
ان پر ساجن ساڻ ، مَاَنَ مقابلو مون ٿئي
هاڻي هن شعر جي جا اصطلاحي معنيٰ ڪلياڻ آڏواڻي ڪئي آهي اها هي آهي اي پرين تون پاڻ مونکي ڪان هڻ ان بهاني سان مونکي تنهنجي جهولي نصيب ٿيندي . ان کان پهريان جعڪو شعر آهي سو لطيف سرڪار جو مشهور شعر آهي .
تون حبيب تون طبيب تون دردن جي دوا ۽ ٻيو مشهور شعر
تون حبيب تون طبيب تون دارون کي دردن
يعني پهريان اها ڳالھ واضع ڪئي ته علاج محبوب وٽ ٿيڻو آهي پوءِ جي علاج محبوب وٽ ٿيئڻو آهي ته محبوب سان ملاقات ان بهاني سان ٿا ڪيون ته محبوب کان پاڻ کي زخمي ڪرائي وڃي ٿا سندس جهولي ۾ پوئون ان بهاني سان محبوب جي جهولي نصيب ٿي ويندي .
شاھ صاحب ٿو چوي ته تون اڃان ٿو ڪيٻائين پيوتو کي ڪان ته ناهي لڳل جو ڪيٻائين ٿو پيو جي محبوب جي حسن جا دلداده هوندا آهن اهي ڪانئر ناهن هوندا اهي هر وقت چست رهندا آهن انهن جي روح ۾ محبوب جي جدائي جو ڪان لڳل هوندو آهي اوهان ڏٺو هوندو يا پاڻ ڪنهن اهڙي ڪيفيت مان گذريا هوندو ته جي ڪنڊو جسم جي ڪنهن حصي ۾ هوندو آهي ته ايسيتائين آاراڻو رهندو آهي جيسيتائين اهو نڪري نه وڃي ته شاھ صاحب فرمائين ٿا ته محبوب جي ملاقات لاءِ رستي تي آيل ڏکاين کان ڪانيارو ڪڻڪندو بهانا ٺاهيندو آهي ڇا توکي محبوب جي جدائي جو ڪان ناهي لڳل ڇو ته جن کي محبوب جي جدائي جو ڪان لڳل هوندو آهي انهن جي حالت هي هوندي آهي ته هو پنهنجي زخمن تي پٽيون پاڻ ڪندا آهن ته هو پنهنجون پٽيون پاڻ ٿا ٻڌن پيا پنهنجي زخمن جو علاج ٿا ڪن پيا جي توکي محبوب سان ملڻو آهي ته هل ڪا هڪ رات هلي انهن عاشقن وٽ رهي آ۔ جي هنن زخمن جي بدلي پرين پنهنجو ڪري ته هن جي قربت هنن زخمن جو علاج آهي ۽ هنن زخمن کان محبوب جي صحبت ڏاڍي افضل آهي اسان هن شعر کي ائين ئي سمجهيو آهي . ڇو جو شايد اها هڪ حقيقت اهي محبوب پنهنجي ملاقات لاءِ عاشقن جي متحان لاءِ هي ڪنڊا وڇايا آهن هاڻي جي محبوب سان ملڻو اٿئي ته اٿي جي توکي زخم ايندا ته جڏهن تون پرين وٽ پهچندي ته شفا به توک يهو پاڻ ڏيندو ۔
ان لاءِ قرآن ڪريم ۾ آهي ته جي اواهان پنهنجي ايمان جي دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت کي طلب ڪيو.
وسلام