[JUSTIFY]انڊي جي زردي صحت لاء نهايت مفيد آهي۔ انڊي جي زردي ۾ هيٺيان فائدا آهن : 1۔ انڊي جي زردي ۾ وٽامنس جو جهجهو مقدار هوندو آهي خاص ڪري ، وٽامن اَي، اِي ۽ ڊي 2۔ انڊي جي زردي غذائيت سان گڏ وارن جي صحت لاء به فائدي واري آهي، جيڪا وارن کي ڪِرڻ کان روڪي ٿي ۽ وارن کي ڪلورين ، آلودگي ۽ شعاعن کان بچائي ٿي۔ 3۔ انڊي جي زردي ۾ وڏي مقدار ۾ معدنيات موجود آهي خاص ڪري، ڪيلشيم ، ڪاپر ۽ آئرن ۔ 4۔ انڊي جي زردي ۾ وڏي مقدار ۾ ڪيروٽينائڊس جي موجودگي سبب اکين کي صحتمند رکي ٿي ۽ اکين جي بيمارين کان به بچائي ٿي۔ 5۔ انڊي جي زردي ۾ اوميگا 3 چرٻي جي موجودگي سبب دماغ ۽ اکين جي ريٽينا لاء گهڻي فائديمند آهي۔ اوميگا 6 وارن، نهن ۽ چمڙيء جي حفاظت ڪري ٿي۔ اها اسرندڙ ٻارن ، حامله عورتن ۽ کير پياڪ ٻارن جي مائرن لاء به گهڻي فائدي واري آهي۔ 6۔ اهي ماڻهو جيڪي انڊي جي زردي جو استعمال معمول موجب ڪن ٿا انهن جو هاضمو بهتر رهي ٿو ۽ قوت مدافعت به برقرار رهي ٿي۔[/JUSTIFY]
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا سائين وساڻ، واه تمام گهڻا فائدا آهن ۔۔۔ ننڍڙي لاءِ مون پهلوان دوستن کي کير ۾ زردي ملائي پيئندي به ڏٺو آهي ۔۔۔ مردانگي پڻ وڌائيندي آهي ۔۔۔ جيئن ته تمام گهڻي سگهه پاڻ ۾ رکي ٿي انڪري جسم ۾ گرمي پئدا ڪندي آهي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه ڄاڻو دوست چيو ته هاء بلڊ پريشر (بلند فشار خون) وارا دوست ۽ جن جي شريانين ۾ چرٻيءَ جي شڪايت هجي ته اهي انڊي جي زردي استعمال نه ڪن ۔۔۔ ممڪن ڪو حڪيم دوست انجي تصديق ڪري ۔۔۔؟ بهرحال صحت سٺي هجي ته تمام سگهاري غذا آهي ۔۔۔۔ ٻارن ۽ وارن جي واڌ ۾ مفيد آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا بيشڪ سائين سليمان وساڻ صاحب انڊي جي ذردي ۾ ڪافي فائدا آهن ٻڌو ته هو پر اڄ توهان جي ڪوششن سان انهن جي باري ۾اڄ تفصيلي خبر به پئجي وئي آهي لاجواب ونڊ آهي سدائين گڏ
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا واه واه سائين وساڻ صاحب لڳي ٿو سائين حڪيم کتري صاحب جن جي مختصر ملاقات جو فيض آهي۔۔
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا ادا سليمان وساڻ صاحب..تمام بهترين...ڪن دوستن کي مون ديسي ڪڪڙ جا ڪچا انڊا پيئندي به ڏٺو آهي.
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا تمام بهترين معلومات آهي، قدرتي شين ۾جيڪا توانائي هوندي آهي اها اڄ ڪلهه جي هٿرادو شين ۾ ڪاٿي آهي سائين۔۔۔۔ بهترين معلومات آهي۔۔۔۔ ونڊ ڪندا رهو۔۔۔ دوستو خيال ڪجو گرميءَ جي ڏينهن ۾ ان جو استعمال نقصان ڏئي سگهي ٿو، بهتر اهو آهي ته سياري ۾ بيضي کي ڪچو پيئندا ڪريو۔۔
جواب: انڊي جي زردي ۽ ان جا فائدا ادا سليمان تمام ڪارائتي ونڊ آهي، پر افسوس ادي نثار ابڙي جي نسخي تي هاڻ گرمين ۾ عمل نٿو ڪري سگهجي ، هاڻ سياري جو انتظار ٿا ڪيون ، جئين ادا نثار جي نسخي مان فائدو وٺي سگهجي ، ( مزاڪ ۾)