• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪر ڏُکن سان ويڙهه جانان

نثارناز

سينيئر رڪن
هڪڙو پُراڻو غزل جنهن جي ساري ڊيزائن پاور پوائينٽ ۾ حتى ڪه تصوير کي پڻ پاور پوائينٽ ۾ بنايو اٿم. سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي نظر آهي هي غزل
chriyo.jpg
 
ادا نثار ناز
حق موجود؛
يار جڙيل هجين، مهربانيون،

آ حياتي چار ڏينهڙا
کل خوشيءَ ۾ ريڙه جانان

بهترين، الله اوهانکي خوش رکي
جڙيل هجو شال
 
واه سائين واه گهڻن ڏنيهن کان پوء ان سيڪشن ۾ اچڻ ٿيو اوهان جي اهڙي من موهيندڙ ۽ مٿان سهڻي ڊيزائين اها به ماضي جي ڪجه حسين لمحن سان گڏ تمام سٺو لڳو خاص ڪري اوها ماضي کي ياد ڏياريندڙ تصوير وارو ۔۔۔ ۔ ۔ ۔
 
اسلام عليڪم سائين
تمام بهترين غزل آهي سائين نثار ناز صاحب
تمام لاجواب شيئرنگ آهي
الله پاڪ توهان کي وڏي حياتي عطا ڪري
آمين
سدائين گڏ
sindhsalamatsaathsal
 
ادا نثار ناز
حق موجود؛
يار جڙيل هجين، مهربانيون،

آ حياتي چار ڏينهڙا
کل خوشيءَ ۾ ريڙه جانان​
بهترين، الله اوهانکي خوش رکي
جڙيل هجو شال
مهرباني نثار ابڙا مڪي پاڪ وارا۔ توهان کي غزل ۽ غزل جو مٿي ڄاڻايل بند وڻيو۔ يار نثار مصروفياتون ايتريون وڌي ويون آهن جو لڳي ٿو مونکي هاڻ شاعري وارو باب بند ڪرڻو پوندو۔ ڇاڪاڻ جو اڄڪلهه بيڪاري کان ڀلي بيگاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي اٿم۔ سو شاعريءَ وارا جذبا جڏهن ڪنهن ڪاري انجڻ واري ريل جي ڪُوڪ وانگر دل ۽ ذهن تي تاري ٿيندا آهن ته مان ايڊوانس ۾ ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏيندو آهيان ۔ مطلب شاعري هاڻي اُبتي ڳڻپ واري مرحلي ۾ آهي۔ ڏسون ڏات جي ديوي ڪيستائين ٿي ساٿ نڀائي۔
 
اسلام عليڪم سائين
تمام بهترين غزل آهي سائين نثار ناز صاحب
تمام لاجواب شيئرنگ آهي
الله پاڪ توهان کي وڏي حياتي عطا ڪري
آمين
سدائين گڏ
sindhsalamatsaathsal
ادا وحيد ڦلپوٽا توکي مُنهنجي شاعري سدائين وڻندي آهي۔ ۽ تو ته اهو لکي ڪمال ڪري ڇڏيو هو ته مان موڳو مٽر تُنهنجو روحاني اُستاد (شاعر) آهيان۔ ۽ ان ڪري مونکي اهو چوڻ ۾ ڪو عار محسوس ڪونهي ته مُنهنجي شاعريءَ کان وڌ توکي مان وڻندو آهيان۔ هائو ڀائو اصل ڪم کي کڻ۔ باقي شاعري به اسان جي آخري آخري آهي۔ پوءِ ڏسون ٿا توهان کي ڪير ٿو وڻي۔
 
تمام لاجواب شاعري تصوير لاءِ به سٺي ڪوشش آهي پر جهانداد ڀلي ٺاهيندو آهي
جي وحيد سمان لاجواب شاعري چئي مونکي تو نوازي ڇڏيو۔ باقي تصوير وحيد سمون ٺاهي، نثار ناز سمون ٺاهي يا ادا ڪنگ جهانداد سمون ٺاهي ڳالهه مڙئي هڪڙي آهي۔ باقي سمان صاحب اسان پنهنجي شاعري کي آخري مرحلي تائين کڻي آيا آهيون هاڻي شايد توهان کي اسان جي لاجواب شاعري ڳوليندي به نه لڀي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
واه سائين واه گهڻن ڏنيهن کان پوء ان سيڪشن ۾ اچڻ ٿيو اوهان جي اهڙي من موهيندڙ ۽ مٿان سهڻي ڊيزائين اها به ماضي جي ڪجهه حسين لمحن سان گڏ تمام سٺو لڳو خاص ڪري اوها ماضي کي ياد ڏياريندڙ تصوير وارو ۔۔۔ ۔ ۔ ۔
مهرباني علي علي اسان جي غريباڻي شاعري توهان کي وڻي، ها ڪڏهن ڪڏهن ماضي جي جهروڪن ۾ پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪندو آهيان۔ يقين ڄاڻ ته ماضيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي تلاش نه ڪري سگهيس پر شڪر مولا جو آهي جو توهان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ مونکي ڳولي ورتو۔ هاڻي مان ماضي جي سراپ مان جان ڇڏائي ڪجهه وکون اڳتي وڌائي سُهڻي مستقبل کي پسڻ ٿو چاهيان پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد مُنهنجي عمر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي هن حال کان اڳيان وڌڻ نٿي ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ماضي ، حال ۽ مستقبل وارو جهنجهٽ نه هُجي ها ته شايد دنيا ئي تخليق نه ڪئي وڃي ها۔۔۔۔۔۔
 
سائين منهنجا تمام بهترين شيئرنگ آهي
شال جواني ناز ماڻين
محبتون پيو ميڙ جانان

اسان جون دُعائون ۽ نيڪ تمنائون هر وقت اوهان سان گڏ آهن، الله رب العزت توهان کي تارن جيڏي ڄمار سان به صحت سان عطا ڪري( آمين)
 
سائين منهنجا تمام بهترين شيئرنگ آهي
شال جواني ناز ماڻين
محبتون پيو ميڙ جانان

اسان جون دُعائون ۽ نيڪ تمنائون هر وقت اوهان سان گڏ آهن، الله رب العزت توهان کي تارن جيڏي ڄمار سان به صحت سان عطا ڪري( آمين)
جي ادا وهاب اسان جواني ڀي ماڻِي ۽ توهان دوستن جون محبتون ڀي ميڙيون سين۔ بس هاڻ ڪجهه آرام ڪرڻ ٿا چاهيون ۔ ان ڪري شاعري کي في الحال ليڪو ڏئي ڇڏيو اٿئون۔ باقي تو پنهنجي دل جي گهرائين سان مونکي دُعائون ڪيون آهن جنهن لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان شال رب پاڪ تُنهنجي سڀني پيارن جو خير ڪري، سدائين خوشين سان کيڏندو رهين (آمين)
 
مهرباني علي علي اسان جي غريباڻي شاعري توهان کي وڻي، ها ڪڏهن ڪڏهن ماضي جي جهروڪن ۾ پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪندو آهيان۔ يقين ڄاڻ ته ماضيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي تلاش نه ڪري سگهيس پر شڪر مولا جو آهي جو توهان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ مونکي ڳولي ورتو۔ هاڻي مان ماضي جي سراپ مان جان ڇڏائي ڪجهه وکون اڳتي وڌائي سُهڻي مستقبل کي پسڻ ٿو چاهيان پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد مُنهنجي عمر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي هن حال کان اڳيان وڌڻ نٿي ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ماضي ، حال ۽ مستقبل وارو جهنجهٽ نه هُجي ها ته شايد دنيا ئي تخليق نه ڪئي وڃي ها۔۔۔۔۔۔


سائين هي ته هڪ حقيقت آهي ڪائنات جي نظام کي اسان بدلي نٿا سگهون ماضي کي مستقبل ۽ حال کي ماضي بڻائڻ اسان جي وس جي ڳاله نه آهي عربي ۾ هڪ شعر آهي ته

ألا ليت الشباب يعود يوماً فأخبره بما فعل المشيب !

ڪاش جي مهنجي جواني واپس موٽي اچي ان کي ٻڌايان ته مون سان پوڙهي پن ڪهڙو حال ڪيو آهي

پر سائين ڪاش ته ڪاش ئي رهندي آهي

مسئلو هن زندگي جو ناهي اها ته ڪيئن به گذري ويندي پر مسئلو ان ابدي زندگي جو آهي ان جو سامان به هتان ئي کڻي وڃڻو آهي
 
Back
Top