
مشهور سفرنامه نگار، اديب، سيلاني ۽ نفيس انسان محترم الطاف شيخ کي صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي ماڻڻ تي سنڌ سلامت ۽ سموري سنڌ پاران واڌايون۔
سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي الطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، سندس سفرنامن ۾ ان ملڪ سان گڏ سنڌ جي وستين ، واهڻن ۽ شهرن سان ڀيٽا ڪري سمجهڻ ۾ اڃان آساني پيدا ڪندو آهي۔ سندس سفرنامه پڙهڻ سان ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اسان ان ملڪ جو سير ڪري رهيا آهيون۔(ممتاز علي وگهيو)
الطاف شيخ صاحب جي شخصيت تي تفصيلي ليک پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔