جيڪڏهن اوهانجو پيءَ غريب آهي ته اها اوهانجي قسمت چئبي جيڪڏهن اوهانجو سهرو غريب آهي ته اها اوهانجي بي وقوفي چئبي۔ ******** هر ڪامياب شخص جي پويان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي ۽ هر ناڪامياب شخص جي پويان ٻن عورتن جو هٿ هوندو آهي ******** جيڪڏهن مشقت ماڻهونءَ کي مڪمل ڪري ٿي ۽ دنيا ۾ ڪوبه ماڻهون مڪمل ناهي ته پوءِ مشقت ڇو ڪجي؟ ******** اها حقيقت آهي ته اسين هت انڪري آيا آهيون ته ٻين ماڻهن جي مدد ڪريون ته پوءِ ٻيا ماڻهون واقعتن هن دنيا ۾ ڇو آيا آهن؟ ******* چيو وڃي ٿو ته مسقبل اوهانجي خوابن تي دارومدار رکندو آهي ته پوءِ اچو ته سڀ سمهين خواب ڏسون۔ جاڳڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ******* مونکي ته مٿيان ٽوٽڪا پڙهي کل ڪون آئي، جيڪڏهن اوهانکي به نه آئي ته چئو پنهنجي قسمت کي، آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان ۔۔۔ ؟
جواب: ننڍڙا لطيفا هاهاهاها هاهاهاهاهاها صحيح پيا چئو انهن لفظن کي ٻي طرح وٺجي ته وڏي معني خيز آهن بهترين
جواب: ننڍڙا لطيفا سائين السلام عليڪم سائين مٿئي چوڻي پڙهي ڪري چپن تي مشڪ ضرور آئي پر کل اصل نه آئي توهان جون ڏنل مٿيون چوڻيون ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ٿيون ڪن لاجواب ڪوشش آهي سائين جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: ننڍڙا لطيفا سائين اهو ڀلا ڪيئن ؟ اهو سچ اهي يا اسان جهونن کي پيا ڊيڃاريو اڳي ئي اسان دل جا ڪمزور آهيون
جواب: ننڍڙا لطيفا سائين اهو ڀلا ڪيئن ؟ اهو سچ اهي يا اسان جهونن کي پيا ڊيڃاريو اڳي ئي اسان دل جا ڪمزور آهيون
جواب: ننڍڙا لطيفا سائين هتي ته جهونن جي پويان ٻن کان به وڌيڪ عورتن جو هٿ آهي۔ پوء انهن جي لاء ڪهڙا رايا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاهاهاها
جواب: ننڍڙا لطيفا ادا انهن جو حال اهو ئي ٿيندو جو هو جواني ۾ ئي جهونو ٿي ويندو ههههههه ياپر يار هڪ ڳاله آهي ...... ها ادا جيتريون گهڻيون عورتون هونديون اوتري جلدي ۽ وڏي ڪاميابي ملندي بابا ان نسخي تي عمل ڪر جاني ههههههه ))))
جواب: ننڍڙا لطيفا هائو ابا پراڻي زماني ۾ اسانجا جهونا اصل هڪ ڇا ٻه ڇا جيستائين چار شاديون نه ڪندا هئا تيستائين کين مزو نه ايندو هو، مون واري ڏاڏي کي ٽي شاديون، ناني سائين کي چار شاديون ۽ بابا سائين کي پڻ ٽي شاديون هيون ۔۔۔ الله کين جنت نصيب ڪري، زندگي ته گذاري ويا پر مون سڀني کي آخري عمر ۾ بيمار ڏٺو ۔۔۔ ڪنهنجا گوڏا ڪم نه پيا ڪن ته ڪنهن کي ٽي بي جو مرض ٿيو ته ڪنهن جا سڀ عضوا جواب ڏئي ويا ۔۔۔ ۽ آخر ۾ جڏهن مٽي ما حوالي ٿيا ته پويان ايتري آڪهه ڇڏي ويا جو ڪنهن کي ڪجهه به هٿ نه آيو ۔۔۔ ڇاڪاڻ سندن ڇڏيل جائداد لک روپئي جي به نه ۽ پوئتي ڇڏيل خاندان ۾ 100 ڀاتي۔ انڪري خيال ڪجو ۔۔۔ باقي سڀ دل پشوري آهي ۔۔۔۔
جواب: ننڍڙا لطيفا ادا هي توهان کل جون ڳاليهن نه پر زندگي گذارڻ جا نوان طريقا ٻڌايا آهن۔جنهن تي عمل ڪرڻ کانپوء ماڻهو هيرو مان زيرو ٿئي ويندو ۽ وتندو ٻين جي مالن تي نظر۔
جواب: ننڍڙا لطيفا چيو وڃي ٿو ته مسقبل اوهانجي خوابن تي دارومدار رکندو آهي ته پوءِ اچو ته سڀ سمهين خواب ڏسون۔ جاڳڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ادا تمام اصلاحي جملا ونڊ ڪيا آھن
جواب: ننڍڙا لطيفا ڪجهه منهنجي طرفان به۔۔۔۔۔ جڏهن مون ڪاميابي جي ڪنجي هٿ ڪري ورتي ته ڪنهن تالو ئي مٽائي ڇڏيو۔۔۔۔ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ بينڪ جو شرط مليو ته پهريان ثابت ڪيو ته توهان کي قرض جي ضرورت ناهي۔۔۔۔ منهنجي زندگي جون سموريون خواهشون يا ته غيرقانوني۔۔۔۔۔۔۔۔ يا مهانگيون ۔۔۔۔۔۔۔۔ يا وري ۔۔۔۔ يا وري.... شادي شده ..... مليون۔۔۔۔۔